Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 10:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تڏهن حنون دائود جي قاصدن کي پڪڙي، هر هڪ جي اڌ ڏاڙهي ڪوڙائي ڇڏي. سندن ڪپڙا ويهڪ جي جاءِ تائين ڪپائي پوءِ کين روانو ڪري ڇڏيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 تڏهن حنون دائود جي نوڪرن کي پڪڙي سندن اڌ ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون، ۽ سندن ڪپڙا وچان ٻنڊڻن تائين ڪپائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ روانو ڪري ڇڏيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 10:4
8 Iomraidhean Croise  

جڏهن دائود کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي، تڏهن هن انهن قاصدن سان ملڻ لاءِ ماڻهو موڪليا. جيئن تہ هو ڏاڍا شرمندا هئا، سو بادشاهہ چوائي موڪلين تہ ”جيستائين اوهان جون ڏاڙهيون نہ وڌن تيستائين اوهين يريحو شهر ۾ ئي ترسي پئو، پوءِ اوهين موٽي اچجو.“


سو ديبون شهر جا رهاڪو ٽڪر تي ٺهيل پنهنجي معبودن جي پوڄا گھرن ۾ وڃي روئڻ پٽڻ لڳا، بلڪ سڄي موآب ملڪ جا ماڻهو پنهنجي شهرن نبو ۽ ميدبا تي واءِ‌ويلا ٿا ڪن. سوڳ وچان سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀني جون ڏاڙهيون ڪتريل آهن.


اهڙي ئي نموني اشور جو شهنشاهہ مصر ۽ سوڊان وارن کي پڪڙي جلاوطن ڪري وٺي ويندو، پوءِ اهي ننڍا هجن توڙي وڏا، کين بلڪل انگ اگھاڙو پنهنجي ملڪ ڏانهن وٺي ويندو، جنهن ڪري مصري خوار خراب ٿيندا.


تڏهن سڪم، سيلا ۽ سامريہ شهرن مان اسي ڄڻن جو هڪڙو ٽولو يروشلم وڃڻ لاءِ مصفاہ شهر وٽان لنگھي رهيو هو. هنن ڏک وچان پنهنجيون ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيون هيون، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ کي زخم رسايا هئائون. هنن خداوند جي هيڪل ۾ نذر ڪرڻ لاءِ اناج جون قربانيون ۽ لوبان پاڻ سان کنيا هئا.


اوهين پنهنجي جسم تي ڏينڀوڙين جا نشان نہ ڪڍائجو. اوهين مئلن جي لاءِ غير قوم وارن جيان پنهنجي جسم کي زخمي نہ ڪجو، نڪي پنهنجو مٿو لوندڙين وٽان گولائيءَ ۾ ڪوڙائجو ۽ نڪي پنهنجي ڏاڙهيءَ جا پاسا بگاڙجو. آءٌ خداوند آهيان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan