Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 10:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن بني عمون جي اڳواڻن پنهنجي آقا حنون کي چيو تہ ”ڇا اوهين ائين سمجھيو ٿا تہ دائود عذرخواهي ڪرڻ لاءِ اوهان ڏانهن پنهنجا ماڻهو موڪلي اوهان جي پيءُ جو مان ڪري رهيو آهي؟ ڇا دائود پنهنجا قاصد اوهان ڏانهن انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن تہ هو شهر جو حال احوال لهي، انهيءَ جي جاسوسي ڪري ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري ڇڏي؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 پر بني عمون جي سردارن پنهنجي ڌڻي حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي، ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ توڏي ماڻهو موڪليا اٿس؟ دائود پنهنجا نوڪر توڏي انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن ڇا تہ شهر جي تلاشي وٺي، ۽ انهيءَ جي جاسوسي ڪري، ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 10:3
6 Iomraidhean Croise  

اوهين پاڻ مان هڪڙي کي موڪليو تہ اهو وڃي کيس وٺي اچي. جيستائين اوهان جي ڳالهہ جي خاطري ٿئي تہ اوهين سچا آهيو يا نہ، تيستائين اوهين ٻيا هتي قيدي ٿي رهو. نہ تہ فرعون جي سر جو قسم آهي تہ اوهين پڪ جاسوس آهيو.“


پوءِ يوسف کي اهي خواب ياد آيا جيڪي هنن جي بابت ڏٺا هئائين. تڏهن کين چيائين تہ ”اوهين جاسوس آهيو ۽ هن ملڪ جي تنگ حالت ڏسڻ آيا آهيو.“


اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ نير جو پٽ ابنير ٺڳي ڪرڻ لاءِ اوهان وٽ آيو هو؟ هو اوهان جي اچڻ وڃڻ ۽ جيڪي ڪجھہ اوهين ڪريو ٿا تنهن جو ڳجھہ لهڻ لاءِ آيو هو.“


تڏهن بني عمون جي اڳواڻن حنون کي چيو تہ ”ڇا اوهين سمجھو ٿا تہ دائود همدرديءَ لاءِ هي ماڻهو موڪلي اوهان جي پيءُ جو مان وڌايو آهي؟ ڇا هن جا هي ماڻهو اوهان وٽ انهيءَ لاءِ نہ آيا آهن تہ هو جاسوسن وانگر هن ملڪ جو حال معلوم ڪن ۽ پوءِ مٿس قبضو ڪن؟“


محبت بدتميزي نہ ٿي ڪري، محبت خودغرض نہ ٿي ٿئي، محبت جلدي نہ ٿي چڙي ۽ نہ وري غلطين جو حساب ڪتاب ٿي رکي.


محبت سڀ ڪجھہ ڍڪي ڇڏي ٿي ۽ پورو اعتماد رکي ٿي. محبت پوري اميد رکي ٿي ۽ سڀ ڪجھہ برداشت ڪري ٿي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan