Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 1:8 - Muslim Sindhi Bible

8 هن مون کان پڇيو تہ ’تون ڪير آهين؟‘ مون کيس ورندي ڏني تہ ’آءٌ عماليقي آهيان.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 ۽ هن مون کي چيو تہ تون ڪير آهين؟ مون ورندي ڏني مانس تہ آءٌ عماليقي آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 1:8
12 Iomraidhean Croise  

پوءِ هو موٽي عين‌مِشفاط ۾ آيا جيڪو بعد ۾ قادش سڏجڻ لڳو. انهن عماليقين جو سڄو علائقو فتح ڪيو ۽ امورين کي بہ شڪست ڏنائون جيڪي حصيصون‌تمر ۾ رهندا هئا.


تڏهن جنهن جوان ماڻهوءَ اها خبر آندي هئي تنهن کان دائود پڇيو تہ ”تون ڪٿان جو آهين؟“ هن جواب ڏنو تہ ”آءٌ عماليقي آهيان، هڪڙي غير ماڻهوءَ جو پٽ.“


جڏهن هن منهن ورائي نهاريو تہ مون کي ڏسي سڏ ڪيائين. مون ورندي ڏيئي چيومانس تہ ’اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.‘


تڏهن هن مون کي چيو تہ ’منهنجي ويجھو اچ ۽ مون کي قتل ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سخت تڪليف ۾ آهيان پر اڃا منهنجو ساهہ نہ ٿو نڪري.‘


بلعام پنهنجو الهامي گفتو جاري رکندي چوڻ لڳو تہ ”هاڻي آءٌ رويا ۾ عماليقي قوم ڏسان ٿو، جيڪا سڀ کان طاقتور آهي، پر انهيءَ جو انجام بربادي ٿيندو.“


سو هاڻي تون وڃي عماليقين تي حملو ڪري کين ماري ڇڏ ۽ جيڪي بہ وٽن آهي سو سڀ تباهہ ڪر ۽ اصل نہ ڇڏين. سندن مردن، عورتن، ٻارن ۽ کير پياڪن سان گڏ سندن سڀني ڍورن ڍڳن کي قتل ڪري ڇڏ.‘“


انهيءَ عرصي ۾ دائود ۽ سندس ماڻهو نڪري جسُورين، جزرين ۽ عماليقين تي حملا ڪندا رهندا هئا، جيڪي قديم زماني کان وٺي شور واري رستي مصر جي سرحد تائين واري علائقي ۾ رهندا هئا.


ٽئين ڏينهن تي جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجي شهر صِقلاج ۾ پهتا، تڏهن ڏٺائون تہ عماليقين ڏاکڻي علائقي ۽ صِقلاج شهر تي حملو ڪري شهر کي ڦري لٽي باهہ ڏيئي ڇڏي هئي.


پوءِ دائود هن کان پڇيو تہ ”تون ڪنهن جو ماڻهو آهين ۽ ڪٿان ٿو اچين؟“ انهيءَ ماڻهوءَ وراڻيو تہ ”آءٌ مصري آهيان ۽ هڪڙي عماليقيءَ جو غلام آهيان. منهنجو مالڪ مون کي ٽي ڏينهن اڳ ڇڏي هليو ويو آهي، ڇو تہ آءٌ بيمار ٿي پيو هئس.


پوءِ دائود رات جي پهرئين پهر کان وٺي ٻئي ڏينهن جي شام تائين انهن کي پئي ماريو. ايتري قدر جو انهن مان هڪڙو بہ ماڻهو نہ بچيو، سواءِ انهن چئن سؤن ماڻهن جي جيڪي اٺن تي چڙهي ڀڄي نڪتا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan