Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 1:7 - Muslim Sindhi Bible

7 جڏهن هن منهن ورائي نهاريو تہ مون کي ڏسي سڏ ڪيائين. مون ورندي ڏيئي چيومانس تہ ’اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 ۽ جڏهن هن منهن ورائي نهاريو تڏهن مون کي ڏسي سڏيائين: ۽ مون ورندي ڏئي چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 1:7
7 Iomraidhean Croise  

انهيءَ جوان وراڻيو تہ ”اتفاق سان جڏهن آءٌ جِلبوعہ جبل تي هئس، تہ ڏٺم تہ سائول پنهنجي نيزي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آهي ۽ دشمنن جون جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار سندس پيڇو ڪندا پيا اچن.


هن مون کان پڇيو تہ ’تون ڪير آهين؟‘ مون کيس ورندي ڏني تہ ’آءٌ عماليقي آهيان.‘


جڏهن سائول جو پوٽو، يونتن جو پٽ مفيبوست دائود وٽ اچي پهتو، تڏهن ڪنڌ جھڪائي تعظيم ڪيائين. دائود چيس تہ ”اي مفيبوست!“ هن ورندي ڏنس تہ ”اِجھو، اوهان جو ٻانهو حاضر آهي.“


پوءِ مون پروردگار جو آواز ٻڌو، جنهن فرمايو تہ ”هتي ڪير آهي، جنهن کي آءٌ موڪليان؟ ڇا ڪو اسان جي لاءِ ويندو؟“ تڏهن مون چيو تہ ”اِجھو، آءٌ حاضر آهيان. مون کي موڪليو.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم جي ماڻهن جون دعائون قبول ڪرڻ لاءِ تيار هئس، پر هنن دعا ئي نہ گھري. آءٌ تيار هئس تہ هو منهنجي مرضي معلوم ڪن، پر هنن تہ اهڙي ڪوشش ئي نہ ڪئي. اها ئي قوم هئي، جنهن منهنجي عبادت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو، جيتوڻيڪ مون کين چيو هو تہ ’اِجھو، آءٌ اوهان جي ويجھو آهيان، آءٌ اوهان جي مدد ڪندس.‘


تنهن تي هن جلدي پنهنجي هٿياربردار جوان کي سڏي چيو تہ ”پنهنجي تلوار ڪڍي مون کي مار، تہ جيئن منهنجي باري ۾ ائين چوڻ ۾ نہ اچي تہ ’هڪڙي عورت هن کي ماري وڌو.‘“ سو سندس هٿياربردار تلوار منجھس ٽُنبي ڏني ۽ هو مري ويو.


تڏهن سائول اخيملڪ کي چيو تہ ”اي اخيطوب جا پٽ! ٻُڌُ.“ اخيملڪ وراڻيو تہ ”اِجھو، منهنجا سائين! آءٌ حاضر آهيان.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan