Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 1:6 - Muslim Sindhi Bible

6 انهيءَ جوان وراڻيو تہ ”اتفاق سان جڏهن آءٌ جِلبوعہ جبل تي هئس، تہ ڏٺم تہ سائول پنهنجي نيزي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آهي ۽ دشمنن جون جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙي سوار سندس پيڇو ڪندا پيا اچن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ هن جوان ماڻهوءَ چيو تہ اتفاق سان جڏهن آءٌ جلبوعہ جبل تي ويس تڏهن ڏسان تہ سائول پنهنجي نيزي کي ٽيڪ ڏيو بيٺو آهي؛ ۽ ڏس، گاڏيون ۽ گهوڙي سوار بنهہ سندس پٺيان لڳا اچن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 1:6
9 Iomraidhean Croise  

اي جِلبوعہ جا جبلؤ! اي موت جا پهاڙؤ! شل اوهان تي نہ ڪڏهن ماڪ پوي نہ وري مينهن وسي، شل نذرانن جي شين واريون نڪي پوکون ئي ٿين، ڇوجو اوهان تي بهادرن جون ڍالون اڇلائي ڦٽو ڪيون ويون. انهن ۾ سائول جي ڍال بہ هئي، افسوس! جنهن تي هاڻي تيل مکڻ وارو ناهي.


دائود انهيءَ خبر ڏيندڙ جوان کان وري پڇيو تہ ”تو ڪيئن ڄاتو تہ سائول ۽ سندس پٽ يونتن مارجي ويا آهن؟“


جڏهن هن منهن ورائي نهاريو تہ مون کي ڏسي سڏ ڪيائين. مون ورندي ڏيئي چيومانس تہ ’اِجھو، آءٌ حاضر آهيان.‘


اتفاق سان هڪڙو ڪاهن انهيءَ رستي کان پئي لنگھيو، تنهن جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاسو ڪري هليو ويو.


سو هوءَ ويئي ۽ وڃي ٻنيءَ ۾ لابارو ڪرڻ وارن جي پٺيان رهيل سنگ ميڙڻ لڳي. اتفاق سان ٻنيءَ جو اهو ٽڪرو بوعز جو هو، جيڪو اِليملڪ جي گھراڻي مان هو.


پوءِ جڏهن فلستي گڏ ٿيا ۽ اچي شونيم ڳوٺ جي ڀرسان خيما کوڙيائون، تڏهن سائول بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي گڏ ڪري جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ اچي خيما کوڙيا.


ڌيان ڏجو، جيڪڏهن اها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيت‌شمس شهر ڏانهن وڃي، تہ ڄاڻجو تہ بني اسرائيل جي خداوند ئي اسان تي هيءَ وڏي آفت آندي آهي، نہ تہ اسين سمجھنداسين تہ انهيءَ ۾ هن جو هٿ ڪين هو. اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو جو اسان سان ٿيو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan