Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 1:21 - Muslim Sindhi Bible

21 اي جِلبوعہ جا جبلؤ! اي موت جا پهاڙؤ! شل اوهان تي نہ ڪڏهن ماڪ پوي نہ وري مينهن وسي، شل نذرانن جي شين واريون نڪي پوکون ئي ٿين، ڇوجو اوهان تي بهادرن جون ڍالون اڇلائي ڦٽو ڪيون ويون. انهن ۾ سائول جي ڍال بہ هئي، افسوس! جنهن تي هاڻي تيل مکڻ وارو ناهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

21 اي جلبوعہ جا جبلو، ڀلي تہ اوهان تي ماڪ يا مينهن نہ پئي، ۽ نذرانن جون ٻنيون نہ ٿين: ڇالاءِ جو اتي بهادرن جي سپر ڪميڻائيءَ سان اُڇلائي ڇڏي وئي، يعني سائول جي سپر ڄڻ تہ اها بي مسح جي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 1:21
14 Iomraidhean Croise  

فلستين جِلبوعہ نالي جبل تي بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. بني اسرائيل جا ڪيترائي ماڻهو اتي ماريا ويا ۽ ٻيا ڀڄي نڪتا.


ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي لاشن کي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش جِلبوعہ جبل تي پيل ڏٺائون.


تنهنجي ڳچي دائود جي مناري وانگر آهي، جيڪو ماهر ڪاريگر جي هٿان ٺاهيو ويو آهي. تون هار پائڻ سان ائين ٿي لڳين، جو ڄڻ تہ انهيءَ مناري جي چوڌاري هزارين ڍالون لٽڪايون ويون هجن.


مون رويا ۾ ڏٺو تہ هڪ وڏي دعوت جي لاءِ غاليچا وڇايا ويا آهن، جن تي بابل جي لشڪرن جا سالار ويٺا کائين پيئن ٿا. تڏهن اوچتو ڪنهن رڙ ڪري چيو تہ ”اي سالارؤ! اُٿي کڙا ٿيو، پنهنجيون ڍالون ڪڍي تيار ٿيو.“


آءٌ انهيءَ کي بلڪل ويران ڪري ڇڏيندس، نہ انهيءَ جي ڇانگ ٿيندي ۽ نہ گُڏ ڪئي ويندي، بلڪ انهيءَ ۾ ڪنڊا ۽ ڪانڊيرا پيدا ٿيندا. آءٌ ڪڪرن کي بہ حڪم ڏيندس تہ مٿس مينهن نہ وسائين.“


جنهن ڏينهن اهو وڻ جيڪو مصر جي مثل آهي هيٺ پاتال ۾ ڪيرايو ويندو، تنهن ڏينهن آءٌ خداوند خدا دنيا ۾ ماتم وجھندس. هائو، آءٌ انهيءَ کي اونهي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي ڇڏيندس. آءٌ ندين کي روڪي ڇڏيندس ۽ پاڻيءَ جو وهڪرو بيهاري ڇڏيندس. ان وڻ جي ڪرڻ ڪري آءٌ لبنان جي جبلن تي اونداهي نازل ڪندس ۽ ٻيلي جا سڀ وڻ سڪي سڙي ويندا.


اناج توڙي مئي ختم ٿي ويئي آهي، سو اهي قربانين لاءِ هيڪل ۾ نہ ٿا آندا وڃن. خداوند جي آڏو قربانيون پيش نہ ٿيڻ ڪري ڪاهن روڄ راڙي ۾ پيا گذارين.


شايد خداوند پنهنجو ارادو بدلائي اوهان سان رحم وارو سلوڪ ڪري. پوءِ هو اوهان تي جھجھي اناج ۽ مئي جون برڪتون نازل ڪندو، جن مان اوهين خداوند پنهنجي خدا لاءِ قربانيون ۽ نذرانا پيش ڪندا.


خداوند جي ملائڪ چيو تہ ’ميروز ڳوٺ تي لعنت هجي، هائو، ميروز جي رهاڪن تي بي‌شمار لعنت هجي.‘ انهيءَ سبب جو هنن خداوند جو ساٿ ڪين ڏنو، جڏهن هن زورآورن سان جنگ ٿي ڪئي.


پوءِ سموئيل تيل جي دنگي کڻي سائول جي مٿي تي هاري ۽ کيس چمي ڏيئي چيائين تہ ”خداوند ئي تو کي تيل سان مسح ڪرائي مخصوص ڪيو آهي تہ جيئن تون سندس قوم بني اسرائيل جو حڪمران ٿئين. تون ئي خداوند جي قوم تي حڪمراني ڪندي کين آس‌پاس جي دشمنن کان بچائيندين. خداوند تو کي تيل سان مسح ڪرائي پنهنجي قوم جو حڪمران مقرر ڪيو آهي. تو لاءِ انهيءَ ڳالهہ جي نشاني هيءَ آهي تہ


هوڏانهن فلستين جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. اتي بني اسرائيل جا گھڻا ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪجھہ ڀڄي نڪتا.


ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي قتل ٿيل ماڻهن کي لٽڻ لاءِ آيا، تہ هنن جِلبوعہ جبل تي سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش ڏٺا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan