17 پوءِ دائود سائول ۽ سندس پٽ يونتن جي سوڳ ۾ هي مرثيو ڳايو.
17 ۽ دائود سائول ۽ سندس پٽ يونتن جي ماتم ۾ هي مرثيو ڳايو:
جڏهن ڪنعان ملڪ ۾ رهندڙ ماڻهن اهو اتد جي ڳاهہ ڳاهڻ واري جاءِ وارو سوڳ ڏٺو، تڏهن چوڻ لڳا تہ ”مصري ڪيڏو نہ سخت سوڳ ڪن ٿا!“ انهيءَ سبب انهيءَ جاءِ جو نالو ابيلمصرئيم پئجي ويو. اها جاءِ اردن درياءَ جي پرينءَ ڀر آهي.
”آہ! اي بني اسرائيل! ٻئي سُورهيہ، جيڪي اسان جو شان هئا، سي ڪيئن نہ اسان جي پهاڙن تي شڪست کائي ڪريا آهن!
تڏهن هن ابنير جي لاءِ سوڳ ڪندي هي مرثيو چيو تہ ”هاءِ! اي ابنير! تون ڏوهارين جهڙو موت ڇو مُئين؟
يرمياہ يوسياہ لاءِ هڪڙو مرثيو ٺاهيو ۽ اڄ ڏينهن تائين سڀ ڳائڻا ۽ ڳائڻيون انهيءَ مرثئي سان کيس ياد ڪندا آهن ۽ اها بني اسرائيل ۾ هڪ روايت پئجي ويئي. اهو مرثيو ٻين مرثين سان گڏ لکت ۾ موجود آهي.
تڏهن آءٌ هنن لاءِ ائين افسوس ڪندو هئس، ڄڻ اهي منهنجا دوست يا ڀائر هئا. آءٌ هنن لاءِ ڪنڌ جھڪائي ائين غم ڪندو هئس، جيئن ڪو پنهنجي ماءُ لاءِ ماتم ڪري.
اهو ئي مرثيو آهي جنهن سان ماتم ڪيو ويندو. هائو، ٻين قومن جون عورتون مصر، توڙي ان جي سڀني رهاڪن جي موت تي اهو مرثيو چوندي ماتم ڪنديون. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“