Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.سموئيل 1:12 - Muslim Sindhi Bible

12 هنن سائول، سندس پٽ يونتن، خداوند جي لشڪر ۽ سڄي بني اسرائيل لاءِ سوڳ ڪيو ۽ رنا ۽ شام تائين ڪجھہ بہ نہ کاڌائون، ڇاڪاڻ تہ اهي مارجي ويا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ هنن ماتم ڪيو ۽ رنائون، ۽ سائول ۽ سندس پٽ يونتن، ۽ خداوند جي قوم، ۽ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ شام تائين روزو رکيائون؛ ڇالاءِ جو هو ترار سان مارجي ويا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.سموئيل 1:12
10 Iomraidhean Croise  

جيئن تہ اڃا ڪجھہ سج بيٺو هو، سو سڀيئي ماڻهو دائود وٽ آيا تہ جيئن کيس ماني کارائين. پر دائود قسم کڻي چيو تہ ”جيڪڏهن سج لٿي کان اڳي آءٌ ماني يا ڪا ٻي شيءِ چکان، تہ خدا مون سان بہ ائين ئي ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“


جڏهن اوهان جا دشمن مصيبت ۾ پون، تڏهن اوهين خوشيون نہ ڪريو. هائو، جڏهن اهي ٺوڪر کائي ڪري پون، تڏهن اوهين خوشيون نہ ملهايو،


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


اوهين وڏا وڏا پيالا ڀري مئي پيئو ٿا، ۽ پاڻ کي عمدا عطر لڳايو ٿا. پر پنهنجي ملڪ اسرائيل تي اچڻ واري مصيبت کان اوهين لاپرواہ آهيو.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ پنهنجن دشمنن سان بہ پيار ڪريو ۽ جيڪي اوهان کي ستائين تن لاءِ دعا گھرو،


ڪنهن کي ڪمزور ڏسي سندس ڪمزوريءَ ۾ آءٌ پاڻ بہ شامل نہ ٿو ٿيان ڇا؟ جڏهن ڪنهن کي گمراهہ ٿيندي ڏسان ٿو تہ ڇا منهنجي دل نہ ٿي سڙي؟


مطلب تہ اوهين سڀيئي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي گذاريو ۽ هڪٻئي سان لاڳاپن ۾ همدرديءَ، پيار، نرم دليءَ ۽ نماڻائيءَ واري طبيعت اختيار ڪريو.


پوءِ انهن جون هڏيون کڻي يبيس شهر ۾ هڪڙي لئي جي وڻ هيٺ دفن ڪري ڇڏيائون ۽ ستن ڏينهن تائين ڪجھہ بہ نہ کاڌائون.


اهڙيءَ طرح سائول، سندس ٽي پٽ، سندس هٿياربردار ۽ سندس سڀيئي ماڻهو ساڳئي ئي ڏينهن گڏ مئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan