2.پطرس 3:15 - Muslim Sindhi Bible15 ياد رکو تہ اسان جي خداوند جو صبر ماڻهن کي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو موقعو ٿو ڏئي. اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ خدا جي عطا ڪيل ڏاهپ موجب اوهان ڏانهن اهڙيءَ طرح ئي لکيو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible15 ۽ اسان جي خداوند جي گهڻي تحمل کي نجات سمجهو؛ جهڙيءَ طرح ڪ اسان جي پياري ڀاءُ پولس اوهان ڏانهن انهيءَ دانائيءَ موجب لکيو آهي جا کيس عطا ٿيل آهي؛ Faic an caibideilHindu Sindhi Bible15 ياد رکو تہ اسان جي پرڀوءَ جو ڌيرج ماڻهن کي مڪتي حاصل ڪرڻ جو موقعو ٿو ڏئي. اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ ايشور جي بخشيل ڏاهپ موجب اوهان ڏانهن اهڙيءَ طرح ئي لکيو آهي. Faic an caibideilCommon Language New Testament15 اسان جي خداوند جي صبر کي ڇوٽڪارو ڪري سمجھو، جھڙيءَ طرح اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ انھيءَ ڏاھپ سان اوھان ڏانھن لکيو آھي، جيڪا کيس عطا ٿيل آھي. Faic an caibideil |
هن ٻنهي جي دلين ۾ دانائي ڀري ڇڏي آهي تہ جيئن هو ٻئي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪن، يعني اُڪر واري جو، ماهر نقاش جو، ڀرت جو ڪم ڪندڙ جو، جيڪو آسماني، واڱڻائي ۽ لال ڳاڙهي رنگ جي ڌاڳن جو ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي تي ڀرت جو ڪم ڪري ٿو ۽ ڪپڙن اُڻڻ واري جو. مطلب تہ اهي هر قسم جي ڪاريگريءَ جو ڪم ڪري نيون شيون رٿي تيار ڪن.
هائو، خدا جنهن ماڻهوءَ مان راضي ٿو رهي، تنهن کي ئي هو ڏاهپ، علم ۽ خوشي عطا ڪري ٿو. پر جيڪو ماڻهو گنهگار آهي، تنهن کان هو سخت محنت ۽ مشقت ٿو ڪرائي. پوءِ اهو ماڻهو جيڪي بہ ميڙي گڏ ڪري ٿو سو سڀ خدا انهيءَ جي حوالي ڪري ٿو جنهن تي هو راضي ٿئي ٿو. بس، انهيءَ ۾ بہ زندگيءَ جو راز آهي ۽ انهيءَ کي سمجھڻ ائين آهي جيئن هوا جي پٺيان ڊوڙڻ.