Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.پطرس 2:10 - Muslim Sindhi Bible

10 خاص ڪري انهن کي جيڪي جسم جي برين خواهشن جي پٺيان لڳي خدا جي اختياريءَ کي حقير ٿا سمجھن. ساڳئي نموني ڪوڙي تعليم ڏيندڙ بہ اهڙا تہ گستاخ ۽ هٺيلا آهن جو آسماني هستين جي بي‌حرمتي ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ خاص ڪري انهن کي جي جسم جي ناپاڪ خواهشن تي ٿا هلن، ۽ حڪومت کي ڪين جهڙو ٿا ڄاڻن، ۽ گستاخ ۽ ضدي آهن، ۽ جلال وارن جي گلا ڪرڻ کان بہ نٿا ڊڄن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

10 خاص ڪري انهن کي جيڪي شرير جي برين خواهشن جي پٺيان لڳي ايشور جي اختياريءَ کي ڪين جهڙو ٿا سمجھن. ساڳئي نموني ڪوڙي سکيا ڏيندڙ بہ اهڙا تہ بي‌ادب ۽ هٺيلا آهن جو آڪاشي هستين جو اپمان ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

10 خاص ڪري انھن کي جيڪي جسم جي ناپاڪ خواھشن جي پيروي ٿا ڪن ۽ خدا جي اختياريءَ کي ڪين جھڙو ٿا ڄاڻن. اُھي اھڙا تہ گستاخ ۽ ھٺيلا آھن جو عظيم آسماني ھستين جي گلا ڪرڻ کان بہ نہ ٿا ڊڄن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.پطرس 2:10
38 Iomraidhean Croise  

آءٌ ڪڏهن بہ اوهان جي صلاح تي نہ هلندس، هائو، اوهان جي منصوبن ۾ هرگز شامل نہ ٿيندس، ڇو تہ ڪاوڙ ۾ اوهان ماڻهن کي قتل ڪيو آهي، ۽ پنهنجي خودسريءَ ۾ ڍڳن کي جڏو ڪيو اٿوَ.


اتفاق سان بنيامين قبيلي جو هڪڙو خبيث ماڻهو سبع ولد بڪري اتي جِلجال ۾ هو. انهيءَ نفيل وڄائي رڙ ڪري چيو تہ ”يسيءَ جي پٽ دائود ۾ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، نڪي وري هاڻ هن سان ڪو اسان جو واسطو آهي. تنهنڪري اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هلون.“


جڏهن بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن ڏٺو تہ دائود جو پوٽو رحبعام انهن جي هڪ بہ نہ ٿو ٻڌي تڏهن انهن کيس جواب ۾ چيو تہ ”دائود ۾ هاڻ اسان جو ڪوبہ حصو پتي ڪونهي، هائو، يسيءَ جي پٽ سان اسان جو ڪو واسطو نہ آهي. اي اسان جي قبيلن وارؤ! هلو تہ موٽي هلون، اي دائود جو اولاد! هاڻ هلاءِ پنهنجي بادشاهت.“ پوءِ اسرائيل وارا پنهنجن پنهنجن گھرن ڏانهن موٽي هليا ويا.


اهي پاڻ ۾ چون ٿا تہ ”اسين پنهنجيءَ زبان سان غالب پونداسين، ۽ جيڪي وڻندو سو چونداسين، ڪير آهي جيڪو اسان کي روڪي سگھي؟“


اوهين مون خدا بابت ڪفر نہ بڪو، نڪي پنهنجي قوم جي ڪنهن اڳواڻ جي گلا ڪجو.


اوهين بادشاهہ تي تنقيد ڪرڻ لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ بہ خيال نہ آڻيو، نڪي ڪنهن امير جي ئي ملامت ڪريو. هائو، پنهنجي ڳجھيءَ جاءِ ۾ بہ ويهي ائين نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ ڀتين کي بہ ڪن ٿين ٿا.


اي هن پيڙهيءَ وارؤ! مون خداوند جي ڳالهين تي غور ڪريو. ڇا آءٌ سار سنڀال لهندي بہ اوهان بني اسرائيل لاءِ رڻ‌پٽ مثل آهيان؟ ڇا آءٌ رهنمائي ڪندي بہ اوهان لاءِ گھُگھُہ اونداهيءَ واري زمين جيان آهيان؟ تہ پوءِ اي منهنجي قوم! اوهين ائين ڇو ٿا چئو تہ ’اسان کي جيئن وڻندو تيئن ڪنداسين ۽ خداوند جي واٽ تي موٽي نہ اينداسين.‘


پر جيڪڏهن ڪو ڄاڻي‌واڻي خطا ڪري، ڀلي پوءِ اهو قوم جو اصلي فرد هجي يا قوم ۾ شامل ٿيل ڪو ڌاريو، سو مون خدا جي توهين ڪري ٿو. اهو شخص بني اسرائيل قوم مان خارج ڪيو ويندو.


سو جڏهن هو موٽي اچي ٿو ۽ گھر کي صاف ۽ سينگاريل ٿو ڏسي،


پر سندس وطن جا ماڻهو هن کان بيزار هئا. تنهنڪري هنن سندس پٺيان انهيءَ ملڪ ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آهي تہ هي ماڻهو اسان جي مٿان بادشاهي ڪري.‘


پولس وراڻيو تہ ”اي ڀائرؤ! مون نہ ٿي ڄاتو تہ هو وڏو سردار ڪاهن آهي. پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ’تون پنهنجي قوم جي سردار جي گلا نہ ڪر.‘“


پر هاڻ جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ آهن، سي گنهگار هئڻ جي فتويٰ کان آزاد آهن.


اوهين اهو نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ ناانصافي ڪندڙ خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار نہ ٿيندا؟ سو پنهنجو پاڻ کي دوکو نہ ڏيو، ڇاڪاڻ تہ حرامڪار، بت‌پرست، زناڪار، بدفعلي ڪرائيندڙ، لونڊي‌باز،


جيتوڻيڪ اسين دنيا ۾ رهون ٿا، تنهن هوندي بہ دنياوي نيت سان نہ ٿا وڙهون،


اهي ايترا تہ بي‌شرم ٿي چڪا آهن جو پاڻ کي عياشيءَ جي حوالي ڪيو اٿن. اهڙيءَ طرح هو هر قسم جا گندا ڪم گھڻي حرص سان ڪندا رهن ٿا.


ياد رکو تہ ڪوبہ زناڪار يا ڪوبہ حرامڪار يا ڪوبہ لالچي ماڻهو جيڪو بت‌پرست جي برابر آهي، تنهن جو مسيح ۽ خدا جي بادشاهيءَ ۾ ڪوبہ ورثو ڪونهي.


تنهنڪري اوهين پنهنجين دنياوي عادتن کي ختم ڪري ڇڏيو، يعني حرامڪاري، ناپاڪائي، شهوت‌پرستي، بريون خواهشون ۽ لالچ، جيڪا بت‌پرستيءَ جي برابر آهي.


ياد رکو، خدا اسان کي ناپاڪ زندگي گذارڻ لاءِ نہ، پر پاڪ زندگي گذارڻ لاءِ سڏيو آهي.


ڇاڪاڻ تہ ماڻهو خودغرض، پئسي جا پوڄاري، ٻٽاڪي، مغرور، ڪفر بڪندڙ، ماءُ پيءُ جا نافرمان، بي‌شڪرا ۽ خدا جي ڳالهين کي حقير ڄاڻيندڙ هوندا.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ نگهبان کي جيئن تہ ڪليسيا ۾ خدا جي وس هيٺ ذميواري سونپي ويئي آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي تہ هن تي ڪا تهمت نہ هجي. هو نہ هٺيلو هجي، نہ چيڙاڪ، نہ نشئي هجي، نہ مار ڪٽ ڪندڙ ۽ نہ وري لالچي هجي.


سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ زال مڙس کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، خدا حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فتويٰ جاري ڪندو.


سڀ کان پهريائين اوهان کي اهو ڄاڻڻ گھرجي تہ هن آخري زماني ۾ اهڙا ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين برين خواهشن موجب هلندا. اهي ٺٺوليون ڪندي


پر هي ماڻهو جن ڳالهين کي ڄاڻن ئي نہ ٿا، تن تي ڦٽڪار ٿا ڪن ۽ جن ڳالهين کي هو بي‌عقل جانورن وانگر فطري طور ٿا ڄاڻن، تن جي پٺيان لڳي پاڻ کي تباهہ ٿا ڪن.


اهي ماڻهو ڪُرڪندڙ، شڪايت ڪندڙ، پنهنجين برين خواهشن تي هلندڙ ۽ لٻاڙون هڻندي پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي خوشامند ڪندڙ آهن.


”آخري زماني ۾ ڪي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو هوندا، جيڪي پنهنجين بي‌دينيءَ وارين خواهشن جي پٺيان لڳندا.“


منهنجي خط لکڻ جو سبب هي آهي تہ ڪي اهڙا ماڻهو لڪي ڇپي اوهان منجھہ گھڙي آيا آهن، جن کي پاڪ ڪلام مطابق قديم زماني کان گنهگار قرار ڏنو ويو آهي. اهي بي‌دين ماڻهو آهن، جيڪي اسان جي خدا جي فضل کي بگاڙي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ جو بهانو ٿا بڻائين ۽ اسان جي هڪڙي ئي مالڪ ۽ خداوند، يعني عيسيٰ مسيح جو انڪار ٿا ڪن.


پر ڪن خبيث ماڻهن چيو تہ ”هي ماڻهو ڀلا ڪيئن اسان کي بچائي سگھندو؟“ انهن هن کي حقير ڄاتو ۽ وٽس ڪوبہ نذرانو نہ آندائون. پر سائول خاموش ئي رهيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan