Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.يوحنا 1:4 - Muslim Sindhi Bible

4 آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏهن مون ڏٺو تہ تنهنجا ڪي ٻار ائين سچ مطابق هلي رهيا آهن، جيئن پيءُ اسان کي حڪم ڏنو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 آئون ڏاڍو خوش ٿيس جو جيئن اسان کي پيءُ کان حڪم مليو تيئن ئي مون تنهنجن ٻارن مان ڪن کي حق تي هلندو ڏٺو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏهن مون ڏٺو تہ تنهنجا ڪي ٻار ائين سچ مطابق هلي رهيا آهن، جيئن پتا اسان کي حڪم ڏنو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 آءٌ ڪيڏو نہ خوش ٿيس جڏھن مون ڏٺو تہ تنھنجا ڪي ٻار ائين سچ تي ھلي رھيا آھن، جيئن پيءُ اسان کي حڪم ڏنو آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.يوحنا 1:4
12 Iomraidhean Croise  

ڏاها ماڻهو انهن ڳالهين کي سمجھي ٿا سگھن، هائو، سمجھہ وارا انهن ڳالهين کي چڱيءَ طرح ڄاڻين ٿا. خداوند جون راهون سنئيون سڌيون آهن، سو سچار ماڻهو انهن تي ئي هلندا رهندا، پر گنهگار ماڻهو انهن راهن تي نہ هلي سگھندا، ۽ ٿاٻڙجي ڪري پوندا.


سچائيءَ جي تعليم سندن زبان تي هئي ۽ سندن واتان ڪڏهن بہ ڪوڙ نہ نڪتو. هو منهنجي واٽن تي صلح ۽ سچائيءَ سان هليا ۽ ماڻهن کي بڇڙائيءَ جي راهہ کان ڦيرائي آندائون.


محبت بڇڙائيءَ ۾ خوش نہ ٿي ٿئي، پر سچائيءَ ۾ خوش ٿئي ٿي.


جڏهن مون ڏٺو تہ اهي خوشخبريءَ جي سچائيءَ موجب سنئين راهہ تي نہ ٿا هلن، تڏهن مون انهن سڀني جي اڳيان پطرس کي چيو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهودي آهين تڏهن بہ غير يهودين وانگر ٿو گذارين، نڪي يهودين وانگر. تہ پوءِ تون ڪيئن غير يهودين کي زور ٿو ڀرين تہ هو يهودين وانگر گذارين؟“


اوهين پيار ڀري زندگي گذاريو، جيئن مسيح اسان سان پيار ڪندي اسان جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي خدا جي آڏو خوشبودار نذراني طور قربان ڪري ڇڏيو.


ياد رکو تہ اڳي اوهين اوندهہ مثل هئا، پر هاڻي خداوند عيسيٰ جا هئڻ ڪري روشنيءَ مثل آهيو. سو اوهين روشنيءَ وارن جي راهہ تي هلو،


آءٌ خداوند عيسيٰ ۾ نهايت خوش آهيان، جو اوهان کي منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ نئين سر ڳڻتي پيدا ٿي. بيشڪ اڳي بہ اوهان کي اهڙي ڳڻتي هئي، پر انهيءَ کي ظاهر ڪرڻ جو گھڻي وقت کان اوهان کي موقعو نہ ٿي مليو.


جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ خدا ۾ رهان ٿو،“ تنهن تي لازم آهي تہ هو اهڙيءَ طرح وفاداريءَ سان هلي جهڙيءَ طرح مسيح هلندو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan