Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.ڪرنٿين 2:3 - Muslim Sindhi Bible

3 مون انهيءَ ڪري اوهان کي خط لکيو هو تہ جڏهن آءٌ اچان تہ جن کان خوشي ملڻ گھرجي، تن کان متان مون کي رنج پهچي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ اهو يقين رکان ٿو تہ منهنجي خوشي اوهان سڀني جي خوشي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ مون اها ساڳي ڳالهہ لکي تہ متان جڏهن اچان، تڏهن جن کان خوشيءَ جي اُميد اٿم، تن کان مون کي غم رسي، جو اوهان سڀني جي نسبت ۾ مون کي اهو يقين آهي، تہ منهنجي خوشيءَ ۾ اوهان سڀني جي خوشي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 مون انهيءَ ڪري اوهان کي خط لکيو هو تہ جڏهن آءٌ اچان تہ جن کان خوشي ملڻ گھرجي، تن کان متان مون کي رنج پهچي. آءٌ اوهان سڀني جي لاءِ اهو يقين رکان ٿو تہ منهنجي خوشي اوهان سڀني جي خوشي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 ۽ مون انھيءَ ڪري اوھان کي لکيو ھو تہ متان جڏھن آءٌ اچان تہ جن کان مون کي خوشي ٿيڻ گھرجي، تن کان مون کي ڏک پھچي. ڇالاءِ⁠جو اوھان سڀني جي لاءِ آءٌ يقين رکان ٿو تہ منھنجي خوشيءَ ۾ ئي اوھان سڀني جي خوشي آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.ڪرنٿين 2:3
17 Iomraidhean Croise  

اوهان جي ڪهڙي مرضي آهي تہ جڏهن آءٌ اوهان وٽ اچان تہ ڪيئن پيش اچان، ڏنڊي سان يا پيار ۽ نماڻائيءَ سان؟


جيئن تہ مون کي انهيءَ ڳالهہ جو پورو يقين هو، تنهنڪري مون پهريائين اوهان وٽ اچڻ ٿي چاهيو، تہ جيئن اوهان کي ٻيڻيون برڪتون ملن.


سو جيڪڏهن آءٌ سچ نہ ڳالهايان تہ شل خدا منهنجي خلاف ٿئي. ڳالهہ هيءَ آهي تہ آءٌ ڪرنٿس ۾ انهيءَ ڪري موٽي نہ آيس تہ متان اوهان کي رنج پهچايان.


آءٌ بي‌وقوف تہ برابر ٿيو آهيان، پر انهيءَ لاءِ اوهان ئي مون کي مجبور ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي تعريف نہ ڪئي جيڪا اوهان کي ڪرڻ گھربي هئي. جيتوڻيڪ آءٌ ڪجھہ بہ نہ آهيان، تڏهن بہ جن کي اوهين تمام وڏا رسول سمجھو ٿا، تن کان آءٌ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گھٽ نہ آهيان.


هائو، مون کي اهو بہ ڊپ آهي تہ جڏهن آءٌ وري اوهان وٽ اچان تہ منهنجو خدا متان مون کي اوهان جي اڳيان شرمندو ڪري ۽ مون کي اهڙن گھڻن ماڻهن جي ڪري افسوس ڪرڻو پوي جن هيستائين حرامڪاريءَ، زناڪاريءَ ۽ فحاشيءَ وارا ڪم ڪري گناهہ پئي ڪيا آهن ۽ انهن کان توبهہ نہ ڪئي اٿن.


آءٌ پنهنجي غيرحاضريءَ ۾ هي ڳالهيون انهيءَ لاءِ لکان ٿو تہ جڏهن اوهان وٽ اچان تڏهن مون کي انهيءَ اختيار موجب اوهان تي سختي ڪرڻي نہ پوي، جيڪو خداوند عيسيٰ مون کي انهيءَ لاءِ ڏنو آهي تہ جيئن اهو اوهان کي بگاڙڻ لاءِ نہ، پر بڻائڻ لاءِ ڪم آڻيان.


ڏسو، مون انهيءَ واسطي بہ اوهان کي لکيو هو تہ جيئن اوهان کي آزمايان ۽ ڏسان تہ اوهين سڀني ڳالهين ۾ فرمانبردار آهيو يا نہ.


مون اوهان ڏانهن جيڪو خط لکيو هو، سو نہ انهيءَ جي ڪري هو جنهن ڏوهہ ڪيو ۽ نہ وري انهيءَ جي ڪري هو جنهن جو ڏوهہ ڪيائين. ان جي بدران منهنجي لکڻ جو مقصد هي هو تہ اسان لاءِ اوهان جو جذبو خدا جي آڏو اوهان تي ظاهر ٿئي.


آءٌ خوش آهيان، ڇاڪاڻ تہ هر ڳالهہ ۾ مون کي اوهان جي طرفان خاطري ٿي ويئي آهي.


پر خدا جيڪو دلگيرن کي تسلي ڏيندڙ آهي، تنهن طيطس جي اچڻ تي اسان کي تسلي ڏني.


جيتوڻيڪ منهنجي خط اوهان کي غمگين ڪيو، تڏهن بہ ان لکئي تي آءٌ نہ ٿو پڇتايان. جيڪڏهن پڇتايو هئم تہ اهو ڏسي ڪري تہ خط اوهان کي صرف ٿوري دير لاءِ غمگين ڪيو.


اسين انهن سان گڏ پنهنجي هڪڙي ٻئي ڀاءُ کي بہ اوهان ڏانهن موڪليون ٿا، جنهن کي اسان گھڻين ڳالهين ۾ ڪيترائي ڀيرا آزمائي سرگرم ڏٺو آهي. جيئن تہ کيس اوهان تي ڏاڍو ڀروسو آهي، تنهنڪري هو هاڻي وڌيڪ سرگرم آهي.


جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، سو اوهان بابت مون کي يقين آهي تہ اوهين ٻي ڪا سوچ نہ رکندا. پر جيڪي ماڻهو اوهان کي پريشان ٿا ڪن، سي ڪير بہ هجن تہ کين سزا ڀوڳڻي پوندي.


خداوند عيسيٰ ۾ اسان کي اوهان تي اعتماد آهي تہ جيڪي حڪم اسين اوهان کي ڏيون ٿا، تن تي اوهين عمل ڪريو ٿا ۽ اڳتي بہ ڪندا رهندا.


آءٌ تو ڏانهن انهيءَ يقين سان ٿو لکان تہ تون منهنجي ڳالهہ تي عمل ڪندين، بلڪ منهنجي چوڻ کان بہ وڌيڪ ڪري ڏيکاريندين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan