Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




2.ڪرنٿين 13:3 - Muslim Sindhi Bible

3 انهيءَ مان اوهان کي پنهنجي گھربل ثابتي ملندي تہ مسيح منهنجي معرفت ڳالهائي ٿو. هو اوهان سان واسطي رکڻ ۾ ڪمزور نہ آهي، پر اوهان ۾ پنهنجي طاقت جو اظهار ڪري ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو اوهين اها ثابتي ٿا گهُرو تہ مسيح مون ۾ ڳالهائي ٿو. هو اوهان لاءِ ڪمزور نہ آهي پر اوهان ۾ زور وارو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 انهيءَ مان اوهان کي پنهنجي گھربل ثابتي ملندي تہ مسيح منهنجي معرفت ڳالهائي ٿو. هو اوهان سان واسطي رکڻ ۾ ڪمزور نہ آهي، پر اوهان ۾ پنهنجي طاقت جو اظهار ڪري ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 انھيءَ مان اوھان کي پنھنجي گھربل ثابتي ملندي تہ مسيح منھنجي معرفت ڳالھائي ٿو. ھو اوھان سان واسطي رکڻ ۾ ڪمزور نہ آھي، پر اوھان ۾ زورآور آھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




2.ڪرنٿين 13:3
14 Iomraidhean Croise  

ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڳالهيون اوهين ڪندا سي اوهان جون نہ هونديون، پر اوهان جي پيءُ جو روح اوهان جي وسيلي اهي ڳالهيون ڪندو.


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو.


پر منهنجي راءِ آهي تہ جيڪڏهن اها ٻيهر نہ پرڻجي تہ وڌيڪ سڀاڳي رهندي. اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو چوان جو آءٌ سمجھان ٿو تہ مون ۾ بہ خدا جو پاڪ روح آهي.


هاڻي آءٌ پولس، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو تہ آءٌ اوهان جي روبرو بزدل آهيان پر اوهان جي پرپٺ اوهان جي واسطي وڏو دلير آهيان، سو مسيح جي نماڻائيءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجھي اوهان کي منٿ ٿو ڪريان تہ


ڇاڪاڻ تہ اسان جي ويڙهہ جا هٿيار دنياوي نہ، پر خدائي طاقت وارا آهن. انهن سان اسين مضبوط قلعن کي بہ ڊاهيو ٿا وجھون،


جڏهن آءٌ اوهان وٽ هئس تہ مون وڏي بردباريءَ سان نشانين، عجيب ڪمن ۽ معجزن ذريعي اوهان تي اها حقيقت ظاهر ڪئي تہ آءٌ رسول آهيان.


جنهن کي اوهين معاف ڪريو ٿا تنهن کي آءٌ بہ معاف ڪريان ٿو. جيتوڻيڪ ڪا معاف ڪرڻ جوڳي ڳالهہ هئي يا نہ، تہ بہ مسيح جي حضور ۾ اوهان جي خاطر معاف ڪئي اٿم.


ڇاڪاڻ تہ جيڪا سزا اوهان مان گھڻن ماڻهن جي طرفان کيس ملي آهي، سا اهڙي ماڻهوءَ لاءِ ڪافي آهي.


خدا اوهان تي هر طرح جو فضل وڌائي سگھي ٿو، تہ جيئن هر شيءِ اوهان وٽ هر وقت ۽ هر حالت ۾ اوهان جي ضرورت کان گھڻي هجي ۽ اوهين هر نيڪ ڪم ۾ وڌندا وڃو،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan