Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 6:6 - Muslim Sindhi Bible

6 بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آهي، بشرطيڪ ان سان گڏ پاڻ وٽ جيڪي ڪجھہ بہ هجي تنهن تي راضي رهجي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 پر دينداريءَ سان گڏ جيڪڏهن قناعت بہ هوندي تہ انهي ۾ وڏو فائدو آهي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 بيشڪ ڌرمچاري وڏي فائدي واري آهي، بشرطيڪ ان سان گڏ پاڻ وٽ جيڪي ڪجھہ بہ هجي تنهن تي راضي رهجي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

6 بيشڪ دينداري وڏي فائدي واري آھي، بشرطيڪ ان سان گڏ قناعت بہ ھجي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 6:6
23 Iomraidhean Croise  

سو اسان کي اجازت ڏيو تہ اسين اردن درياءَ ڏانهن وڃون ۽ اتان هڪڙو هڪڙو پڃر کڻي اتي پنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ ٺاهيون.“ هن کين وراڻيو تہ ”ڀلي وڃو.“


سچار ماڻهن وٽ جيڪي ڪجھہ بہ ٿورو آهي، سو بڇڙن جي گھڻي دولت کان بهتر آهي.


انهيءَ سبب جو تون خداوند خدا ئي اسان جي رهنمائي ڪندڙ ۽ محافظ آهين. تون ئي اسان کي فضل ۽ عظمت بخشين ٿو. بيشڪ جيڪي سچائيءَ جي راهہ تي هلن ٿا، تن کان تون ڪابہ چڱي شيءِ نہ ٿو روڪين.


پوءِ موسيٰ يٿرو جي گھر ۾ رهڻ لڳو. يٿرو پنهنجي ڌيءَ صفورہ موسيٰ کي پرڻائي ڏني


خدا جو خوف رکندي گھٽ دولتمند هجڻ، انهيءَ وڏي دولتمند هجڻ کان بهتر آهي، جنهن ۾ پريشانيون ئي پريشانيون هجن.


بي‌ايمانيءَ سان جھجھي دولت گڏ ڪرڻ کان ايمانداريءَ سان ٿوري تي گذارو ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي.


لالچي ماڻهو جھڳڙو کڙو ڪريو ڇڏي، مگر جيڪو خداوند تي توڪل ٿو رکي سو خوشحال ٿو گذاري.


نڪي ڪڏهن رهڻ لاءِ گھر تعمير ڪيا آهن، نہ وري انگورن جا باغ لڳائڻ يا فصل پوکڻ لاءِ ٻنيون رکيون آهن.


پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“


سپاهين بہ پڇيس تہ ”ڀلا اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي؟“ تن کي چيائين تہ ”ڪنهن کي دٻائي ڌمڪائي زوريءَ پئسا نہ وٺو، پر پنهنجي پگھار مان پورت ڪريو.“


اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا سڀني ڳالهين ۾ انهن ماڻهن لاءِ ڀلائي رکي ٿو، جيڪي ساڻس پيار ڪن ٿا ۽ سندس مقصد لاءِ چونڊيا ويا آهن.


ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت اسين سهون ٿا سا خسيس ۽ ٿوري دير جي لاءِ آهي. اها اسان لاءِ هڪ اهڙو زبردست ۽ دائمي جلوو پيدا ڪندي ٿي وڃي جنهن جي ڀيٽ ۾ هيءَ مصيبت ڪجھہ بہ ناهي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ مون لاءِ جيئري رهڻ جي معنيٰ آهي مسيح، جڏهن تہ مرڻ جي معنيٰ آهي نفعو.


انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ جسم جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جي لاءِ واعدو بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي.


سو جيڪڏهن اسان وٽ رڳو خوراڪ ۽ پوشاڪ موجود آهي تہ انهيءَ تي ئي راضي رهون.


پئسي سان پيار نہ رکو. جيڪي اوهان وٽ آهي تنهن تي راضي رهو، ڇاڪاڻ تہ خدا پاڻ فرمايو آهي تہ ”آءٌ هميشہ تو ساڻ آهيان. آءٌ تو کي ڪڏهن بہ ڇڏي نہ ڏيندس.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan