Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 6:16 - Muslim Sindhi Bible

16 رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 بقا فقط انهي کي ئي آهي، ۽ هو انهي روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نٿو سگهي؛ جنهن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي، نڪو ڏسي ٿو سگهي؛ انهي جي عزت ۽ قدرت شل هميشہ تائين رهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

16 رڳو اهو ئي ابناسي آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ ايشور جو مان‌سمان ٿيندو رهي ۽ سندس شڪتي هميشہ تائين قائم رهي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

16 رڳو اھو ئي بقا وارو آھي ۽ ھو انھيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رھي، جنھن تائين ڪوبہ پھچي نہ ٿو سگھي. خدا کي نہ ڪنھن ماڻھوءَ ڏٺو آھي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. انھيءَ جي عزت ۽ قدرت ھميشہ تائين قائم رھي. آمين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 6:16
30 Iomraidhean Croise  

بيشڪ قادرِمطلق جي عظمت اسان جي سوچ کان بہ مٿاهين آهي، هن جي قدرت ۽ عدالت ايتري تہ عظيم آهي، جو هو انصاف کي ڪڏهن بہ نہ ٿو بگاڙي.


تو نور کي پنهنجي مٿان پوشاڪ وانگر پهريو آهي. تو آسمان کي ڇپر وانگر پکيڙي ڇڏيو آهي.


ان کان اڳ جو جبل پيدا ٿيا، ۽ تو زمين بلڪ سڄي جهان کي جوڙيو، تون ئي ازل کان خدا هئين ۽ ابد تائين رهندين.


خدا موسيٰ کي چيو تہ ”آءٌ جيڪو حاضر آهيان، سو ئي آهيان. تنهنڪري تون بني اسرائيل کي هيئن چئج تہ ’جيڪو چوي ٿو تہ ”آءٌ حاضر آهيان،“ تنهن مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي.‘


پر تون منهنجو منهن ڏسي ڪين سگھندين، ڇاڪاڻ تہ اهڙو ڪوبہ انسان ڪونهي، جيڪو مون کي ڏسي ۽ جيئرو رهي.“


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


هن جو نور سج جي روشنيءَ جيان آهي، سندس هٿ مان تجلا پيا نڪرن، جنهن ۾ هن جي قدرت لڪل آهي.


ڪنهن بہ ماڻهوءَ خدا کي ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي، پر سندس اڪيلي ئي فرزند، جيڪو ساڻس ويجھي ۾ ويجھو آهي، تنهن ئي کيس ظاهر ڪيو آهي.


عيسيٰ چيس تہ ”اي فلپس! هيتري وقت کان وٺي آءٌ اوهان سان گڏ آهيان تہ بہ تون مون کي نہ ٿو ڄاڻين؟ جنهن مون کي ڏٺو آهي تنهن پيءُ کي ڏٺو آهي. پوءِ تون ڪيئن ٿو چوين تہ ’اسان کي پيءُ ڏيکاريو‘؟


انهيءَ جو مطلب اهو نہ آهي تہ ڪنهن ماڻهوءَ ڪڏهن پيءُ کي ڏٺو آهي، پر رڳو انهيءَ ئي پيءُ کي ڏٺو آهي، جيڪو سندس طرفان آيو آهي.


عيسيٰ وراڻيو تہ ”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ ابراهيم جي ڄمڻ کان بہ اڳي آءٌ آهيان.“


شل ڪليسيا ۽ عيسيٰ مسيح جي وسيلي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ هميشہ تائين سندس عظمت جي واکاڻ ٿيندي رهي. آمين.


آءٌ پنهنجي عرش تي ويٺي اهو عهد ٿو ڪريان، هائو، آءٌ پنهنجي حياتِ‌ابديءَ جو قسم کڻي چوان ٿو تہ


شل اسان جي خدا ۽ پيءُ جي عظمت جي واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


خدا جيڪو ڏسڻ ۾ نہ ٿو اچي، تنهن جي ظاهري صورت مسيح آهي. هو سڄي مخلوقات کان پهريان موجود هو، سو هو پهريتي هئڻ جو حق رکي ٿو.


هاڻي شل دائمي بادشاهہ يعني غير فاني، ڏسڻ ۾ نہ ايندڙ ۽ واحد خدا جي عزت ۽ واکاڻ هميشہ هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


عيسيٰ مسيح ڪالهہ توڙي اڄ، بلڪ ابد تائين ساڳيو ئي آهي.


هر چڱي ۽ ڪامل بخشش مٿان کان آهي، يعني انهيءَ خدا پيءُ جي طرفان ملي ٿي، جيڪو آسمان مان روشني ڏيندڙ شين جو خالق آهي. هو ڦرندڙ پاڇن وانگر تبديل نہ ٿو ٿئي.


هاڻي جيڪو پيغام اسان عيسيٰ مسيح کان ٻڌو آهي، سو اوهان کي ٻڌايون ٿا تہ ”خدا روشني آهي ۽ منجھس اوندهہ تہ اصل آهي ئي ڪانہ.“


پر جيڪڏهن اسين روشنيءَ ۾ هلون ٿا، جيئن خدا پاڻ روشنيءَ ۾ آهي، تہ پوءِ اسان جو هڪٻئي سان ميل ميلاپ آهي ۽ سندس فرزند عيسيٰ جو رت اسان کي سڀني گناهن کان پاڪ ڪري ٿو ڇڏي.


خدا کي ڪنهن بہ ڪڏهن ڪونہ ڏٺو آهي. پر جيڪڏهن اسين هڪٻئي سان پيار ڪريون ٿا تہ خدا اسان ۾ رهي ٿو ۽ سندس پيار اسان ۾ مڪمل ٿئي ٿو.


۽ جيڪو اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي ڇوٽڪارو ڏئي ٿو، تنهن واحد خدا کي عظمت، قدرت، اختيار ۽ واکاڻ سونهي، جيئن ازل کان هو، هاڻي آهي ۽ هميشہ تائين هوندو. آمين.


۽ جنهن اسان کي ڪاهنن جي هڪڙي بادشاهت بڻايو تہ جيئن اسين سندس پيءُ يعني خدا جي خدمت ڪري سگھون. شل انهيءَ جي عظمت ۽ قدرت هميشہ هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


خداوند خدا، جيڪو آهي، جيڪو هو ۽ جيڪو اچي عدالت ڪندو، اهو قادرِمطلق فرمائي ٿو تہ ”اول ۽ آخر آءٌ ئي آهيان.“


مون تخت مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”ڏس، خدا ماڻهن منجھہ موجود آهي. هو انهن سان گڏ رهندو ۽ اهي سندس پنهنجا هوندا. هائو، خدا خود انهن سان گڏ رهندو ۽ هو ئي سندن خدا هوندو.


اتي وري ڪڏهن بہ رات نہ ٿيندي، تنهنڪري انهن کي ڏيئي يا سج جي روشنيءَ جي ضرورت نہ پوندي، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا انهن کي روشن ڪندو ۽ اهي هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندا.


”اي خداوند، اسان جا خدا! تون تعظيم، عزت ۽ قدرت جي لائق آهين، ڇاڪاڻ تہ تو ئي سڀ شيون پيدا ڪيون آهن. هائو، تنهنجي ئي مرضيءَ سان هر ڪا شيءِ پيدا ٿي ۽ وجود ۾ آئي آهي.“


چوڻ لڳا تہ ”آمين. اسان جي خدا جي واکاڻ، عظمت، حڪمت، شڪرگذاري، عزت، قدرت ۽ طاقت هميشہ هميشہ تائين هجي. آمين.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan