Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 6:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پر اي خدا جا بندا! تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄجانءِ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، ثابت قدميءَ ۽ نماڻائيءَ جو طلبگار رهجانءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

11 پر اي ايشور جا بندا! تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄجانءِ ۽ سچائيءَ، ڌرمچاريءَ، وشواس، پريم، ثابت قدميءَ ۽ نمرتا جو ڳولائو رهجانءِ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

11 پر اي خدا جا بندا! تون انھن ڳالھين کان پري ڀڄ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حليمائيءَ جو طلبگار ٿيءُ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 6:11
40 Iomraidhean Croise  

تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو خداوند جي حڪم سان يهوداہ مان بيت‌ايل ۾ آيو. ان وقت يربعام قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ بيٺي قربانيون پيش ڪري رهيو هو.


جڏهن انهيءَ نبي سڏائيندڙ پوڙهي اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن چيائين تہ ”اهو خدا جو اهو ئي ٻانهو آهي جنهن خداوند جي حڪم جي نافرماني ڪئي هئي. تنهنڪري خداوند هن کي شينهن جي حوالي ڪيو جنهن کيس چيري ڦاڙي ماري ڇڏيو، جيئن خداوند کيس چتاءُ ڏنو هو.“


تڏهن انهيءَ عورت الياس کي چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! هي تو مون سان ڇا ڪيو آهي؟ تون هتي مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ خدا کي منهنجا گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارائين؟“


تڏهن انهيءَ عورت الياس کي چيو تہ ”هاڻي مون ڄاڻي ورتو تہ تون خدا جو چونڊيل ٻانهو آهين ۽ خداوند واقعي تنهنجي معرفت ڳالهائي ٿو.“


تڏهن هڪڙو خدا جو ٻانهو اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيئن تہ ارامي سوچين ٿا تہ آءٌ خداوند جبلن جو ديوتا آهيان نہ ميدانن جو، تنهنڪري هيڏو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجي هٿن ۾ ڏيندس ۽ تو کي خبر پوندي تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.‘“


بادشاهہ وري ٽيون پنجاهہ سپاهين جو سالار سندس سپاهين سميت هن ڏانهن موڪليو. ٽيون سالار مٿي چڙهي ويو ۽ الياس جي اڳيان گوڏا کوڙي، منٿ ڪندي کيس چيائين تہ ”اي خدا جا ٻانها! مون تي ۽ هنن پنجاهہ ماڻهن تي رحم جي نظر ڪريو. اسين توهان جا ٻانها آهيون سو اسان کي جيئدان ڏيو.


تڏهن بادشاهہ پنجاهہ سپاهين جي هڪڙي سالار کي سندس سپاهين سميت هن ڏانهن موڪليو. ان وقت الياس ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي ويٺو هو، سو سالار وڃي کيس چيو تہ ”اي خدا جا ٻانها! بادشاهہ چويئي ٿو تہ ’هيٺ لهي اچ.‘“


تنهن کان پوءِ بادشاهہ پڇيو تہ ”هي مقبرو ڪنهن جو آهي جيڪو آءٌ ڏسان ٿو؟“ تنهن تي شهر جي ماڻهن کيس وراڻيو تہ ”اها ان خدا جي بندي جي قبر آهي جيڪو يهوداہ مان آيو هو ۽ جنهن اهي سڀ ڳالهيون اڳڪٿي ڪري ٻڌائي ڇڏيون هيون، جيڪي توهان بيت‌ايل جي قربان‌گاهہ خلاف ڪيون آهن.“


خدا جي ٻانهي اليشع جي خدمتگار جيحازيءَ پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ ”منهنجي مالڪ هن نعمان اراميءَ کي ائين ئي ڇڏي ڏنو ۽ جيڪي هن آندو هو سو کانئس نہ ورتائين. جيئري خداوند جو قسم آهي تہ آءٌ هن جي پٺيان ڊوڙي وڃي کانئس ڪجھہ نہ ڪجھہ وٺندس.“


پر خدا جي بندي موسيٰ جي اولاد کي رڳو لاوين جي قبيلي طور ڳڻيو ويو.


پنهنجي پيءُ دائود جي قاعدي جي پيروي ڪندي هن ڪاهنن جون ٽوليون واري واري سان هيڪل جي خدمت لاءِ مقرر ڪيون. لاوين کي مقرر ڪيائين تہ هو روزمرہ جي دستور موجب حمد ۾ اڳواڻي ڪن ۽ ڪاهنن جي خدمت چاڪري ڪن. هن دربانن کي بہ ٽولن جي صورت ۾ سڀني درن تي مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي ٻانهي دائود بادشاهہ ائين ئي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.


لاوين جا اڳواڻ حسبياہ، سيربياہ، يشوع، بنوي ۽ قدمي‌ايل هئا، جن جي اڳواڻيءَ هيٺ لاوي ٻن ٻن جي ٽولن ۾ خدا جي بندي دائود بادشاهہ جي ترڪيب موجب واکاڻ ۽ شڪرگذاريءَ جي عبادت ۾ هڪٻئي جي سامهون ٿي بيهندا هئا.


هن جي پٺيان سندس قبيلي وارا ساز وڄائيندڙ هر هڪ: سمعياہ، عزرايل، مللي، جِللي، ماعي، نتني‌ايل، يهوداہ ۽ حناني هئا. اهي ساز خدا جي بندي دائود بادشاهہ جا مقرر ڪيل هئا. شريعت جي عالم عزرا انهيءَ ٽولي جي اڳواڻي ٿي ڪئي.


هائو، بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو ۽ سدائين نيڪي ڪندا رهو. اوهين صلح جا طالبو ٿيو ۽ انهيءَ جي پٺيان لڳا رهو.


جيڪي نيڪيءَ جي عيوض بدي ٿا ڪن، سي منهنجا دشمن بڻجي ويا آهن، ڇوجو آءٌ نيڪيءَ جي راهہ تي هلندو ٿو رهان.


بدڪارن جي چال چلت کان خداوند کي نفرت آهي، مگر جيڪي سچائيءَ سان ٿا هلن تن سان هو محبت ٿو رکي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين جيڪي سچائيءَ تي هلڻ چاهيو ٿا، ۽ مون خداوند جا طالبو آهيو، سي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. اوهين پنهنجي وڏي ابراهيم ۽ سندس زال سارہ بابت سوچو، جن مان اوهين پيدا ٿيا آهيو. ابراهيم هڪ ٽڪر هو جنهن منجھان اوهين ٽُڪيا ويا آهيو. هائو، اهو پٿرن جي هڪ کاڻ هو، جنهن مان اوهين کوٽيا ويا آهيو. اهو پهريائين بي‌اولاد هو، پر جڏهن مون خداوند کيس چونڊي برڪت عطا ڪئي، تڏهن منجھانئس بي‌شمار نسل پيدا ٿيو.


خداوند جي گھر ۾ خدا جي ٻانهي حنان ولد يجدلياہ جي مريدن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيس. اها ڪوٺي عملدارن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربانن جي نگران مسعياہ ولد سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي.


پوءِ اچو تہ اسين اهڙا ڪم ڪندا رهون، جن سان ڀائيچارو پيدا ٿئي ۽ هڪٻئي جي ايمان کي وڌائي سگھون.


تنهنڪري اي عزيزؤ! بت‌پرستيءَ کان ڀڄو.


سو اوهين محبت جا طلبگار رهو. انهيءَ کان علاوہ پاڪ روح کان ملندڙ نعمتن لاءِ جاکوڙ ڪندا رهو، خاص ڪري خدا جو پيغام ٻڌائڻ جي نعمت لاءِ.


سو زناڪاريءَ کان ڀڄو. ٻيو هر گناهہ، جيڪو ماڻهو ڪري ٿو سو بدن کان ٻاهر آهي، پر جيڪو زنا ڪري ٿو سو پاڻ پنهنجي بدن جو گنهگار آهي.


اوهين هميشہ حق جي ئي پيروي ڪندا رهجو، انهيءَ لاءِ تہ جيئرا رهو ۽ جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن جا وارث ٿيو.


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳ ۾ بني اسرائيل کي برڪت لاءِ جيڪا دعا ڪئي سا هيءَ آهي.


بيشڪ، اسان جي خداوند خدا جو فضل مون تي نهايت ئي گھڻو ٿيو ۽ انهيءَ سان گڏ مون کي عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري ايمان ۽ محبت عطا ٿي.


ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تنهنجي جوانيءَ جي ڪري تو کي خسيس سمجھي، بلڪ تون ڳالهہ ٻولهہ ۾، هلت چلت ۾، محبت ۾، ايمان ۾ ۽ پاڪيزگيءَ ۾ ايمان وارن لاءِ نمونو ٿيءُ.


اها هر چڱي ڪم ڪرڻ ۾ مشغول رهي هجي، جنهن جي شاهدي ماڻهو ڏيندا هجن، مثال طور ٻارن جي پالنا ۽ مسافرن جي مهمان‌نوازي ڪئي هجائين، پيار ۽ نماڻائيءَ سان مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي خدمت ڪئي هجائين ۽ ڏکويلن جي مدد ڪئي هجائين.


اي تيمٿيس! خوشخبريءَ واري امانت جيڪا تو کي سونپي ويئي آهي، تنهن جي حفاظت ڪر. اجائي بڪ بڪ ۽ انهيءَ علم کان پاسو ڪندو رهہ، جنهن ۾ اختلافي ڳالهيون آهن ۽ جنهن کي علم چوڻ ئي غلط آهي.


اهڙي نموني جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي انهن نيچ ڳالهين کان پاڪ صاف ٿو رکي تہ اهو مانائتو ۽ مخصوص ٿانءُ ٿيندو، جيڪو پنهنجي مالڪ لاءِ ڪارائتو ۽ هر چڱي ڪم لاءِ تيار هوندو.


تون جوانيءَ جي برين خواهشن کان پري ڀڄ ۽ جيڪي پاڪ دل سان خداوند کي پڪارين ٿا، تن سان گڏجي سچائيءَ، ايمان، محبت ۽ سلامتيءَ جو طلبگار ٿيءُ.


پر تو منهنجي تعليم، هلت چلت، مقصد، ايمان، تحمل، محبت ۽ ثابت قدميءَ ۾ منهنجي پيروي ڪئي آهي.


مطلب تہ پاڪ لکت جو مقصد اهو آهي تہ خدا جا ٻانها هر لحاظ کان انهيءَ لائق ٿين جو هر چڱي ڪم ڪرڻ لاءِ پوريءَ طرح تيار رهن.


سڀني ماڻهن سان صلح وَ سلامتيءَ سان رهڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ انهيءَ پاڪائيءَ جا طلبگار ٿيو، جنهن کان سواءِ ڪوبہ خداوند کي نہ ڏسندو.


هو بدي ڪرڻ کان پاسو ڪري ۽ نيڪي ڪري. هو صلح وَ سلامتيءَ جو طالبو هجي ۽ انهيءَ جي ڪوشش ۾ لڳو رهي.


تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو هي فرمان ٻڌايائين تہ ”ڇا جڏهن تنهنجي ڏاڏي هارون جو گھراڻو مصر ۾ فرعون جي غلاميءَ ۾ هو، تڏهن مون هارون کي ڏيکاري نہ ڏني هئي؟


پر نوڪر ورندي ڏنس تہ ”سائين، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي جنهن جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي، ڇو تہ هو جيڪي چوندو آهي سو سڀ پورو ٿيندو آهي. سو هاڻي هل تہ وٽس هلون، شايد هو اسان کي ٻڌائي ڇڏي تہ اسين ڪهڙو رستو وٺون.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan