1.تيمٿيس 6:1 - Muslim Sindhi Bible1 جيڪي ايمان وارا غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، سي پنهنجن مالڪن کي پوريءَ عزت جي لائق سمجھن، انهيءَ لاءِ تہ خدا جي نالي جي ۽ اسان جي تعليم جي بدنامي نہ ٿئي. Faic an caibideilSindhi Bible1 جيڪي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، تن کي گهرجي تہ پنهنجن مالڪن کي گهڻي عزت جو لائق ڄاڻن، تہ خدا جي نالي، ۽ تعليم جي بدنامي نہ ٿئي. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible1 جيڪي وشواسي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ آهن، سي پنهنجن مالڪن کي پوري مانسمان جي لائق سمجھن، انهيءَ لاءِ تہ ايشور جي نالي جي ۽ اسان جي سکيا جي بدنامي نہ ٿئي. Faic an caibideilCommon Language New Testament1 جيڪي غلاميءَ جي پاڃاريءَ ۾ جوٽيل آھن، سي سڀيئي پنھنجن مالڪن کي پوريءَ عزت جي لائق سمجھن، انھيءَ لاءِ تہ خدا جي نالي جي ۽ اسان جي تعليم جي بدنامي نہ ٿئي. Faic an caibideil |
قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي نالي کي خسيس ڄاڻيندڙ ڪاهنؤ! جڏهن تہ پٽ پنهنجي پيءُ جي ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، سو جيئن تہ آءٌ پيءُ آهيان تہ پوءِ منهنجي عزت ڇو نہ ٿا ڪريو؟ جڏهن تہ آءٌ مالڪ آهيان تہ پوءِ منهنجو خوف ڇو نہ ٿا ڪريو؟ وري ائين بہ ٿا چئو تہ ’اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي کي خسيس ڄاتو آهي؟‘