Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 5:20 - Muslim Sindhi Bible

20 پوءِ جيڪڏهن ڪو واقعي ڏوهي ثابت ٿئي تہ ان کي سڀني ماڻهن جي اڳيان ملامت ڪر، تہ جيئن ٻين کي بہ ڊپ ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 جيڪي گناهہ ڪن، تن کي سڀني جي اڳيان ملامت ڪر، تہ ڀلي ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

20 پوءِ جيڪڏهن ڪو واقعي ڏوهي ثابت ٿئي تہ ان کي سڀني ماڻهن جي اڳيان ڦٽ لعنت ڪر، تہ جيئن ٻين کي بہ ڊپ ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

20 جيڪي گناھہ ڪندا ٿا رھن، تن کي سڀني ماڻھن جي اڳيان ملامت ڪر تہ جيئن ٻين کي بہ ڪو ڊپ ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 5:20
15 Iomraidhean Croise  

اوهين پنهنجي قوم واري جي لاءِ پنهنجيءَ دل ۾ بغض نہ رکجو، پر انهيءَ کي ڇينڀيندا ضرور رهجو، انهيءَ لاءِ تہ سندس لحاظ ڪرڻ سان متان اوهين پنهنجي سر تي گناهہ کڻو.


اِفسس ۾ رهندڙ سڀني يهودين ۽ غير قوم وارن جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تہ کين ڊپ وٺي ويو. ائين خداوند عيسيٰ جي نالي جي تعظيم ٿيڻ لڳي.


سڄي ڪليسيا جي ماڻهن ۽ ٻين، جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.


حننياہ اهو ٻڌڻ شرط هيٺ ڪري پيو ۽ مري ويو. جن بہ اهو ٻڌو تن سڀني کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو.


هاڻي ڏسو، اوهان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪيڏو نہ اثر پيدا ڪيو. هائو، انهيءَ اوهان ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيڏي نہ سرگرمي، غلط ڪمن تي ڪيڏو نہ رنج، خدا جو ڪيڏو نہ خوف، ڪيڏي نہ سڪ ۽ ڪيڏو نہ جذبو پيدا ڪيو ۽ اوهين ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪيڏا نہ تيار ٿيا. ائين اوهان هر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوهين هن معاملي ۾ بي‌ڏوهي آهيو.


اونداهيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انهن جي ملامت ڪريو،


پوءِ بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄي ويندا ۽ اوهان جي وچ ۾ وري اهڙي شرارت نہ ڪندا.“


پوءِ سڀ ماڻهو اهو ٻڌي ڊڄي ويندا ۽ وري اهڙي گستاخي نہ ڪندا.“


پوءِ جڏهن ٻيا ماڻهو اهو ٻڌندا تہ ڊڄي ويندا ۽ اوهان جي وچ ۾ وري اهڙي بڇڙائي نہ ڪندا.


تڏهن سندس شهر جا سڀ ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو. بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اهو ٻڌندا ۽ ڊڄندا.“


همنيس ۽ سڪندر انهن مان ئي آهن، جن کي مون شيطان جي حوالي ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ڪفر بڪڻ کان مُڙي وڃڻ سکن.


تون مسيح بابت پيغام جي تبليغ ڪندو رهہ ۽ انهيءَ جي لاءِ وقت بي‌وقت تيار رهہ. پوري صبر سان ماڻهن کي تعليم ڏيندي کين سمجھاءِ، تنبيهہ ڪر ۽ سندن همت‌افزائي بہ ڪر،


سندس اها شاهدي سچي آهي، تنهنڪري انهن کي سختيءَ سان تنبيهہ ڪندو ڪر، تہ جيئن سندن ايمان درست ٿي وڃي


سو اهي ڳالهيون آهن جيڪي تو کي سيکارڻيون آهن. پوري اختياريءَ سان ماڻهن کي نصيحت ڪر ۽ کين ڇينڀ. ائين ٿيڻ نہ ڏي جو ڪوبہ ماڻهو تو کي خسيس سمجھي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan