Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 4:14 - Muslim Sindhi Bible

14 جيڪا نعمت تو کي خدا جي فرمان جي وسيلي ڪليسيا جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان ملي هئي، تنهن کان غافل نہ رهہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 جيڪا بخشش توکي نبوت جي وسيلي، بزرگن جي هٿن رکڻ سان ملي، تنهن کان غافل نہ رهہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

14 جيڪو وردان تو کي ايشور جي فرمان جي وسيلي وشواسي منڊليءَ جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان مليو هو، تنهن کان لاپرواهي نہ ڪر.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

14 جيڪا نعمت تو کي نبوت واري پيغام جي وسيلي بزرگن جي ھٿن رکڻ سان ملي ھئي، تنھن کان غافل نہ رھہ.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 4:14
18 Iomraidhean Croise  

سو هنن ائين ئي ڪيو ۽ اها امداد برنباس ۽ سائول جي هٿان اتان جي ڪليسيا جي اڳواڻن ڏانهن ڏياري موڪليائون.


سو جڏهن هو روزي سان دعا گھري چڪا، تڏهن هنن برنباس ۽ سائول تي هٿ رکي مخصوص ڪري کين روانو ڪيو.


تڏهن پولس پنهنجا هٿ انهن تي رکيا تہ پاڪ روح مٿن نازل ٿيو ۽ هو جدا جدا ٻوليون ڳالهائڻ ۽ خدا جو پيغام ٻڌائڻ لڳا.


وڏو سردار ڪاهن بلڪ يهودين جي سڄي ڪائونسل هن ڳالهہ جي شاهدي ڏيئي سگھي ٿي تہ آءٌ سچ ٿو ڳالهايان. انهن ئي مون کي دمشق جي يهودي ڀائرن لاءِ خط لکي ڏنا، جيڪي کڻي آءٌ اوڏانهن روانو ٿيس تہ جيئن اتي بہ عيسيٰ جي رستي تي هلڻ وارن کي ٻڌي يروشلم ۾ سزا ڏيارڻ لاءِ وٺي اچان.“


جماعت انهن کي رسولن جي اڳيان حاضر ڪيو، جن دعا گھري ۽ انهن تي پنهنجا هٿ رکي کين مخصوص ڪيو.


پوءِ پطرس ۽ يوحنا انهن تي پنهنجا هٿ رکيا تہ کين پاڪ روح ملي ويو.


پاڪ روح جي رهنمائيءَ کي نہ دٻايو.


اي منهنجا پٽ تيمٿيس! تو بابت خدا جي اڳي ڏنل فرمانن موجب آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان تہ تون انهن تي عمل ڪندي چڱي ويڙهہ وڙهندو رهہ ۽ پنهنجي ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک.


انهن ڳالهين تي ڌيان ڏي ۽ پاڻ کي انهن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏ، تہ جيئن هر ڪنهن ماڻهوءَ تي تنهنجي ترقي ظاهر ٿئي.


جيڪي اڳواڻ ڪليسيا جي چڱيءَ طرح سنڀال ٿا ڪن، خاص ڪري اهي جيڪي تبليغ ڪرڻ ۽ تعليم ڏيڻ جو ڪم محنت سان ٿا ڪن، سي عزت سان گڏ مدد جي لائق بہ سمجھيا وڃن.


ڪنهن اڳواڻ تي ڪا تهمت لڳي تہ اها ٻن يا ٽن شاهدن کان سواءِ نہ ٻڌجانءِ.


ڪنهن ماڻهوءَ کي خدمت لاءِ مقرر ڪرڻ ۾ اُٻهرو نہ ٿجانءِ ۽ نہ وري ٻين جي گناهن ۾ شريڪ ٿجانءِ. مطلب تہ پنهنجو پاڻ کي هر الزام کان پاڪ رکجانءِ.


تون ايمان جي ويڙهہ چڱيءَ طرح وڙهہ ۽ دائمي زندگيءَ کي هٿ ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هئين ۽ گھڻن شاهدن جي روبرو تو چڱو اقرار ڪيو هو.


انهيءَ سبب آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون پاڻ ۾ موجود خدا جي انهيءَ نعمت کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪا منهنجي هٿن رکڻ جي وسيلي تو کي مليل آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan