1.تيمٿيس 4:10 - Muslim Sindhi Bible10 انهيءَ سبب ئي اسين محنت ۽ سخت ڪوشش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي اميد انهيءَ جيئري خدا تي رکيل آهي جيڪو سڀني ماڻهن، خاص ڪري ايمان وارن کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي. Faic an caibideilSindhi Bible10 انهي لاءِ ئي اسين پورهيو ٿا ڪريون ۽ ڪشالا پيا ڪڍون، جو اسان جي اُميد انهي زندہ خدا تي رکيل آهي، جو سڀني ماڻهن جو، خاص ڪري ايمان وارن جو، نجات ڏيندڙ آهي. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible10 انهيءَ سبب ئي اسين محنت ۽ سخت ڪوشش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي اميد انهيءَ جيوت ايشور تي رکيل آهي جيڪو سڀني ماڻهن، خاص ڪري وشواسين کي مڪتي ڏيندڙ آهي. Faic an caibideilCommon Language New Testament10 انھيءَ لاءِ ئي اسين محنت ۽ جانفشاني ٿا ڪريون، جو اسان جي اميد انھيءَ جيئري خدا تي رکيل آھي جيڪو سڀني ماڻھن، خاص ڪري ايمان آڻڻ وارن کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھي. Faic an caibideil |
تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر چوڻ لڳو تہ ”سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن پنهنجو ملائڪ موڪلي پنهنجي ٻانهن کي بچائي ورتو آهي. هنن مٿس توڪل رکي مون بادشاهہ جي حڪم کي ٿُڏي ڇڏيو ۽ پنهنجيون جانيون فدا ڪرڻ قبوليائون. هنن هي سڀ انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن پنهنجي خدا کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود کي سجدو ڪري انهيءَ جي پوڄا نہ ڪن.