Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 3:16 - Muslim Sindhi Bible

16 انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ دينداريءَ جو اهو راز عظيم آهي، يعني هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪ روح ۾ سچو ثابت ٿيو. هو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ مٿي عظيم خدا جي تخت ڏانهن کنيو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

16 انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ ڌرمچاريءَ جو اهو ڀيد مهان آهي، يعني هو شرير ۾ ظاهر ٿيو ۽ پوِتر آتما ۾ سچو ثابت ٿيو. هو دوتن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس پرچار ڪيو ويو. سنسار ۾ مٿس وشواس آندو ويو ۽ مٿي مهان ايشور جي تخت ڏانهن کنيو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

16 انھيءَ ۾ ڪو شڪ ناھي تہ دينداريءَ جو راز وڏو آھي، يعني: ھو جسم ۾ ظاھر ٿيو ۽ پاڪ روح جي ڪري سچو ثابت ٿيو. ھو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ آسمان ڏانھن ھو مٿي کنيو ويو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 3:16
81 Iomraidhean Croise  

تنهن هوندي بہ پروردگار پاڻ تو کي هڪڙي نشاني ڏيکاريندو. ڏس، هڪ ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، جنهن کي پٽ ڄمندو. هوءَ انهيءَ جو نالو ’عمانوايل‘ رکندي.


اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.


پر هوڏانهن خداوند بيت‌لحم اِفرات کي فرمائي ٿو تہ ”جيتوڻيڪ تون يهوداہ جي ننڍن ننڍن شهرن مان هڪ آهين، تڏهن بہ تو منجھان هڪڙو اهڙو شخص پيدا ٿيندو، جيڪو منهنجي طرفان بني اسرائيل جو حڪمران بڻبو. انهيءَ حڪمران جو گھراڻو پراڻي زماني کان وٺي قائم آهي.“


”ڏسو، هڪڙي ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، ۽ کيس پٽ ڄمندو جنهن کي ’عمانوايل‘ سڏيندا،“ جنهن جي معنيٰ آهي ”خدا اسان سان.“


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”اوهان کي تہ آسمان جي بادشاهيءَ جي ڳجھن جي سمجھہ ڏني ويئي آهي پر انهن کي نہ،


ايتري ۾ ڏاڍو زوردار زلزلو آيو ۽ خداوند جو هڪڙو ملائڪ آسمان مان هيٺ لٿو ۽ قبر جي منهن واري پٿر کي پاسي تي ريڙهي مٿس چڙهي ويٺو.


سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاهر آيو تہ هن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح هڪ ڪبوتر وانگر هيٺ لهندي ۽ پاڻ تي ويهندي ڏٺائين.


پوءِ ابليس هن کي ڇڏي هليو ويو تہ هڪدم ملائڪ اچي پهتا ۽ عيسيٰ جي خدمت ڪرڻ لڳا.


جتي عيسيٰ کي چاليهن ڏينهن تائين شيطان آزمائيندو رهيو. اتي هن جھنگلي جانورن جي وچ ۾ پئي گذاريو ۽ ملائڪن سندس خدمت پئي ڪئي.


انهن سان ڳالهائڻ کان پوءِ خداوند عيسيٰ آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


جڏهن اهي قبر جي اندر گھڙيون تہ اڇي پوشاڪ پاتل هڪ نوجوان کي ساڄي پاسي ويٺل ڏسي نهايت حيران ٿي ويون.


يعني غير قومن واسطي تنهنجي رستي تي هلڻ لاءِ روشنائي، ۽ تنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ وڏائي.“


سو جڏهن دائود هن کي ’خداوند‘ ڪري ٿو سڏي، تہ پوءِ مسيح ڪيئن سندس اولاد ٿيو؟“


ايتري ۾ آسمان مان هڪڙو ملائڪ نازل ٿيو، جنهن کيس دلداري ڏني.


اڃا انهيءَ حيرانيءَ ۾ ئي بيٺيون هيون تہ ڇا ڏسن تہ ٻہ ماڻهو تجليدار پوشاڪ ۾ وٽن بيٺا آهن.


جيئن ئي هو انهن لاءِ برڪت گھري رهيو هو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آسمان ڏانهن کڄي ويو.


اهو ڪلام انساني صورت ۾ آيو ۽ اچي اسان سان گڏ رهيو. اسان سندس جلوو ڏٺو، جيڪو هن کي پيءُ جي هڪڙي ئي فرزند هئڻ ڪري مليو ۽ هو فضل ۽ سچائيءَ سان ڀرپور هو.


عيسيٰ ڄاتو ٿي تہ ”پيءُ مون کي سڀ ڪجھہ هٿ ۾ ڏنو آهي.“ هن اهو بہ ڄاتو ٿي تہ ”آءٌ خدا جي طرفان آيو آهيان ۽ خدا ڏانهن موٽي وڃي رهيو آهيان.“


جڏهن اهو مددگار ايندو جيڪو آءٌ پيءُ وٽان اوهان ڏانهن موڪليندس، يعني سچ جو روح جيڪو پيءُ مان نڪري ٿو، تڏهن اهو مون بابت شاهدي ڏيندو.


هائو، آءٌ پيءُ وٽان نڪري دنيا ۾ آيس ۽ هاڻي دنيا کي ڇڏي پيءُ ڏانهن موٽي وڃان ٿو.“


هاڻي اي بابا! تون پنهنجي حضور ۾ مون کي انهيءَ جلوي ۾ شريڪ ڪر، جيڪو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ مون کي تو سان گڏ هو.


۽ ڏٺائين تہ ٻہ ملائڪ اڇي پوشاڪ سان انهيءَ جاءِ تي ويٺا آهن جتي عيسيٰ جو لاش رکيل هو. هڪ سيرانديءَ کان ۽ ٻيو پيرانديءَ کان ويٺو هو.


ڀلا جيڪڏهن اوهين ابنِ آدم کي آسمان ڏانهن کڄي ويندي ڏسو جتي هو اڳ ۾ هو، تہ پوءِ ڪيئن ٿا ڀانئيو؟


پوءِ پطرس هيئن چوڻ لڳو تہ ”هاڻي مون کي پڪ آهي تہ خدا ڪنهن جي بہ طرفداري نہ ٿو ڪري،


اتي پهچي هنن ڪليسيا جي ماڻهن کي گڏ ڪيو ۽ کين سڄو سربستو احوال ڪري ٻڌايائون تہ ڪيئن خدا هنن جي مدد ڪئي ۽ ڪهڙيءَ طرح خدا غير قومن جي لاءِ ايمان جو دروازو کولي ڇڏيو.


اوهين پاڻ سان گڏ انهيءَ سڄي ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن لاءِ پاڪ روح اوهان کي ڌنار مقرر ڪيو آهي. سو خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جيڪا هن پنهنجي فرزند جي رت سان خريد ڪئي آهي.


مطلب تہ يهودين توڙي غير قوم وارن ۾ ڪوبہ فرق نہ آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي سڀني جو خداوند آهي ۽ جيڪو بہ کيس ٻاڏائي ٿو تنهن کي جھجھي انداز ۾ ڏئي ٿو،


پر آءٌ پڇان ٿو تہ ڇا بني اسرائيل وارن پيغام نہ ٻڌو؟ بيشڪ ٻڌو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”ٻڌائڻ وارن جو آواز سڄي روءِزمين تي پکڙجي ويو، هائو، انهن جو پيغام ڌرتيءَ جي ڇيڙن تائين وڃي پهتو.“


جيڪو راز گھڻي وقت کان وٺي ڳجھو رکيو ويو هو، سو هاڻي ابدي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکتن جي وسيلي سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اهي ايمان آڻي فرمانبردار ٿين. عيسيٰ مسيح جي جنهن خوشخبريءَ جي آءٌ منادي ٿو ڪريان تنهن ۾ انهيءَ راز جي ظاهر ٿيڻ موجب شل خدا اوهان کي ايمان ۾ مضبوط ڪري.


بلڪل نہ. خدا هر حال ۾ سچو آهي توڙي جو هر انسان ڪوڙو هجي، جيئن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”اي خدا! تون هميشہ پنهنجي قولن ۾ سچو ثابت ٿيو آهين، ۽ عدالت ۾ تو فتح حاصل ڪئي آهي.“


جيڪو ڪم انساني فطرت جي ڪمزوريءَ سبب شريعت نہ ڪري سگھي سو خدا ڪيو. انهيءَ لاءِ هن پنهنجي فرزند کي انساني يعني گنهگارن واري صورت ۾ موڪليو، تہ جيئن هو اسان جي گناهن خاطر پنهنجي جان ڏئي. اهڙيءَ طرح انساني فطرت ۾ موجود گناهہ جي خلاف خدا فتويٰ جاري ڪئي.


اهي ئي ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب جو اولاد آهن ۽ جسماني طور مسيح بہ انهن مان ئي آهي. واہ! شل خدا، جيڪو سڀني جي مٿان حاڪم آهي، تنهن جي واکاڻ هميشہ ٿئي. آمين.


پهريون انسان ڌرتيءَ جو هو ۽ مٽيءَ مان ٺهيل هو، جڏهن تہ ٻيو انسان آسمان مان آيو.


اسين تہ خدا جي اها ڳجھي ۽ لڪل ڏاهپ بيان ڪري رهيا آهيون، جيڪا خدا دنيا جي شروعات کان اڳي ئي اسان جي شان وَ شوڪت لاءِ مقرر ڪري ڇڏي هئي.


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا جو فرزند عيسيٰ مسيح جنهن جي تبليغ مون سان گڏ سيلاس ۽ تيمٿيس اوهان ۾ ڪئي هئي، تنهن ۾ ڪابہ ”ها“ اهڙي نہ هئي جيڪا ”نہ“ ۾ بدلي هجي، پر ان جي ”ها“ هميشہ ”ها“ ئي آهي.


هائو، خدا جنهن يهودين جي رسول ٿيڻ لاءِ پطرس ۾ اثر پيدا ڪيو، تنهن غير يهودين جي رسول ٿيڻ لاءِ وري مون ۾ اثر پيدا ڪيو.


پر جڏهن وقت پورو ٿيو تہ خدا پنهنجو فرزند ڌرتيءَ تي موڪليو، جنهن کي هڪ عورت جنم ڏنو. هو شريعت جي وس هيٺ هجڻ واري وقت آيو،


پنهنجي مرضيءَ جو لڪل ارادو اسان تي ظاهر ڪيو، جيڪو هن مسيح جي وسيلي پوري ڪرڻ لاءِ اڳ ۾ ئي پنهنجي خوشيءَ سان طئي ڪري ڇڏيو هو.


منهنجي لاءِ بہ دعا ڪندا ڪريو تہ ڳالهائڻ وقت مون کي قدرت وارا لفظ عطا ڪيا وڃن، تہ جيئن آءٌ خوشخبريءَ جو راز دليريءَ سان ظاهر ڪندو رهان.


پر شرط هي آهي تہ جيڪا خوشخبري اوهان ٻڌي آهي تنهن جي اميد نہ ڇڏيو ۽ اوهان جو ايمان انهيءَ خوشخبريءَ جي بنياد تي مضبوط ۽ قائم رهي. انهيءَ خوشخبريءَ جي منادي آسمان هيٺان رهندڙ سڄي مخلوق ۾ ڪئي ويئي آهي ۽ آءٌ پولس انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ٿيو آهيان.


انهن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ ٿي چاهيو تہ انهيءَ راز جي دولت سڀني قومن لاءِ ڪيڏي نہ عظمت ڀري آهي. اهو راز هي آهي تہ مسيح جيڪو اوهان ۾ آهي، سو خدا جي جلوي ۾ شريڪ ٿيڻ جي اميد آهي.


جيڪا اوهان وٽ پهچي چڪي آهي. جڏهن اوهان اها خوشخبري ٻڌي ۽ سمجھيو تہ حقيقت ۾ خدا جو فضل ڇا آهي، تڏهن کان وٺي اها اوهان ۾ بہ اهڙيءَ طرح ڦل پيدا ڪندي ۽ وڌندي ٿي رهي، جهڙيءَ طرح سڄي دنيا ۾.


اهو آءٌ انهيءَ ڪري ٿو ڪريان تہ انهن جي دلين ۾ همت پيدا ٿئي ۽ اهي پيار سان پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن. آءٌ چاهيان ٿو تہ اهي پوري اعتماد سان سمجھہ واري اهڙي دولت حاصل ڪن جنهن سان خدا جي راز، يعني مسيح کي ڄاڻين،


مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل، يعني مٿس ايمان رکندڙ سڀ سندس قدرت ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس واکاڻ ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو آهي.


اهو هڪ راز آهي تہ وڳوڙ اڳي ئي اثر ڪندو ٿو رهي، پر انهيءَ کي ڪو تيستائين روڪيندو رهندو، جيستائين ان جي روڪڻ واري کي رستي کان هٽايو نہ ويندو.


اهي ايمان وارين ظاهر ڪيل ڳالهين کي صاف ضمير سان سنڀالي رکن.


اهو فرزند خدا جي جلوي جو تجلو ۽ سندس ذات جو پورو پورو نقش ٿي ڪري پنهنجي قدرت واري فرمان سان سڀني شين کي سنڀالي ٿو. هو اسان کي گناهن کان ڌوئي پاڪ صاف ڪرڻ بعد مٿي آسمان تي عظيم خدا جي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


انهيءَ ۾ ڪوبہ شڪ ڪونهي تہ دعائون ڏيڻ وارو دعائون وٺڻ واري کان مٿاهون هوندو آهي.


انهن ڳالهين جو خاص مطلب هي آهي تہ اسان جو هڪڙو اهڙو سردار ڪاهن آهي، جيڪو مٿي آسمان تي عظيم خدا جي تخت تي ساڄي پاسي ويٺو آهي.


انهن نبين تي هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي ويئي تہ سندن اهي اڳڪٿيون هنن جي پنهنجي لاءِ نہ، پر اوهان جي لاءِ هونديون هيون، جن جي پوري ٿيڻ جي ڄاڻ هاڻي اوهان کي انهن پيغام ٻڌائيندڙن جي معرفت ملي، جن آسمان مان موڪليل پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي. هي ڳالهيون اهڙيون تہ دلچسپ آهن جو ملائڪ بہ انهن کي وڏي چاهہ سان ڏسن ٿا.


دنيا جي بڻائڻ کان اڳ ۾ ئي مسيح کي چونڊيو ويو هو، پر هن آخري زماني ۾ اوهان جي خاطر کيس ظاهر ڪيو ويو.


مسيح جي ئي وسيلي اوهين خدا تي ايمان رکو ٿا. هن کيس مئلن مان جيئرو ڪري عظمت بخشي، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي ئي هجي.


مسيح جو مثال اوهان جي سامهون آهي تہ هو سچار هو ۽ هن بدڪارن لاءِ سندن گناهن جي ڪري هميشہ لاءِ هڪڙي ئي ڀيري تڪليف سهي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ اسان کي خدا تائين پهچائي. هو هن گنهگار دنيا جي نسبت ۾ ماريو ويو، پر روحاني طور وري جيئرو ڪيو ويو.


هو آسمان تي وڃي خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي ۽ ملائڪ، اختياريون ۽ قدرتون سندس تابع ڪيون ويون آهن.


هو جيڪو خود زندگي هو، سو ظاهر ٿيو ۽ اسان انهيءَ کي ڏٺو. اسين شاهدي ڏيئي انهيءَ دائمي زندگيءَ بابت اوهان کي ٻڌايون ٿا، جيڪا خدا پيءُ سان هئي ۽ اسان تي ظاهر ٿي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ مسيح انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن گناهن کي کڻي وڃي ۽ هو ئي آهي جنهن ۾ گناهہ آهي ئي ڪونہ.


جيڪو گناهہ ڪري ٿو سو ابليس جي ٽولي مان آهي، ڇاڪاڻ تہ ابليس شروع کان وٺي گناهہ ڪندو ٿو اچي. خدا جو فرزند انهيءَ لاءِ ظاهر ٿيو تہ جيئن ابليس جي ڪمن کي ناس ڪري.


انهيءَ عورت جي پيشانيءَ تي هيءَ سڃاڻپ لکيل هئي، ”وڏو شهر بابل، ڪسبياڻين ۽ ڌرتيءَ جي ڪراهت وارين شين جي ماءُ،“ جنهن جي هڪ ڳجھي معنيٰ آهي.


تنهن تي انهيءَ ملائڪ مون کي چيو تہ ”تون حيران ڇو ٿيو آهين؟ آءٌ تو کي انهيءَ عورت ۽ انهيءَ ستن مٿن ۽ ڏهن سڱن واري حيوان جنهن تي هوءَ سوار آهي، تن ٻنهي جو ڳجھہ بيان ڪري ٻڌائيندس.


انهن ڳالهين کان پوءِ ڇا ڏسان تہ هڪ وڏو ميڙ آهي، جنهن کي ڪوبہ ڳڻي نہ ٿي سگھيو! اهو هر قوم، قبيلي، ذات ۽ هر ٻوليءَ مان هو. اهي اڇو جبو پايو، کجيءَ جون ٽاريون هٿن ۾ کنيو، ان تخت ۽ گھيٽڙي جي اڳيان بيٺا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan