Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 3:15 - Muslim Sindhi Bible

15 جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ خدا جو گھراڻو جيڪو جيئري خدا جي ڪليسيا ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 پر جي مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ڀلي خبر پويئي تہ خدا جو گهر، يعني زندہ خدا جي ڪليسيا، جا سچ جو ٿنڀ ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ڪهڙيءَ طرح هلت ڪرڻ کپي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

15 جو جيڪڏهن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ هنن هدايتن مان تون ڄاڻي وٺجانءِ تہ ايشور جو گھراڻو جيڪو جيوت ايشور جي منڊلي ۽ سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ماڻهن کي ڪهڙيءَ طرح هلت چلت ڪرڻ کپي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

15 پر جيڪڏھن مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ھنن ھدايتن مان تو کي معلوم ٿي وڃي تہ خدا جي گھراڻي يعني جيئري خدا جي ڪليسيا، جيڪا سچ جو ٿنڀو ۽ بنياد آھي، تنھن ۾ ماڻھن کي ڪھڙيءَ طرح ھلت ڪرڻ کپي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 3:15
55 Iomraidhean Croise  

”منهنجا ڏينهن اچي پورا ٿيا آهن، سو تون مضبوط ۽ مڙس ماڻهو ٿيءُ.


انهيءَ لاءِ تہ خداوند منهنجي باري ۾ مون سان ڪيل واعدو پورو ڪري تہ ’جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي حڪمن تي هلندو تہ ڪڏهن بہ تو وٽ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ وارثن جي ڪمي نہ ٿيندي.‘


اشور جي شهنشاهہ پنهنجو عملدار اعليٰ موڪليو آهي جيڪو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“


جيڪڏهن تون انهن قاعدن قانونن تي وڏي خبرداريءَ سان هلندين، جيڪي خداوند موسيٰ جي معرفت بني اسرائيل کي ڏنا هئا، تہ پوءِ تون ڪامياب ٿي ويندين. سو مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، نڪي ڊڄ ۽ نہ ئي وري همت هار.


آءٌ ڪڏهن تنهنجي حضور ۾ ايندس؟ ڪڏهن اچي اُتي حاضر ٿيندس؟ اي خدا! اي جيئرا خدا! آءٌ تنهنجي ديدار جو اڃايل آهيان.


آءٌ تو خداوند جي بارگاهہ جي لاءِ سِڪان ٿو. هائو، آءٌ انهيءَ لاءِ آسائتو ٿو رهان. سو آءٌ خوشيءَ وچان تو جيئري خدا جي واکاڻ جا گيت ٿو ڳايان.


ڏس، اڄ مون تو کي هن سڄي ملڪ جي سامهون يعني يهوداہ جي بادشاهن، ان جي عملدارن، ان جي ڪاهنن ۽ ملڪ جي ماڻهن جي مقابلي ۾ هڪڙو ڪوٽ وارو شهر، لوهہ جو ٿنڀو ۽ پتل جي ڀت ڪري بڻايو آهي.


پر اي خداوند! تون سچو خدا آهين، تون جيئرو خدا ۽ قائم وَ دائم بادشاهہ آهين. جڏهن تون ڪاوڙجين ٿو تہ دنيا ڪنبي ٿي وڃي، ۽ قومون تنهنجي ڪاوڙ سهي نہ ٿيون سگھن.


آءٌ هي حڪم جاري ٿو ڪريان تہ منهنجي سلطنت جي هر حصي ۾ ماڻهو دانيال جي خدا جي حضور ڊڄن ۽ سندس تعظيم ڪن. هو ئي زندہ ۽ ابد تائين قائم وَ دائم رهندڙ خدا آهي. هن جي بادشاهت اهڙي آهي، جيڪا ڪڏهن بہ ناس نہ ٿيندي، هائو، سندس بادشاهي پيڙهي بہ پيڙهي هلندي رهندي.


انهيءَ هوندي بہ اسرائيل وارن جو تعداد سمنڊ جي واريءَ جي ذرڙن جيترو گھڻو هوندو، جيڪا نہ ماپي ٿي سگھجي ۽ نہ ڳڻي ٿي سگھجي. پوءِ جنهن هنڌ کين ائين چيو ويندو هو تہ ”اوهين خداوند جي قوم نہ آهيو،“ انهيءَ هنڌ کين هيئن چيو ويندو تہ ”اوهين زندہ خدا جا ٻار آهيو.“


تنهن تي شمعون پطرس وراڻيو تہ ”اوهين مسيح آهيو، زندہ خدا جا فرزند.“


”آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي منع ڪندا، تنهن جي عرش عظيم کان بہ منع ڪئي ويندي ۽ جنهن ڳالهہ جي اوهين هن ڌرتيءَ تي اجازت ڏيندا، تنهن جي عرش عظيم کان بہ اجازت ڏني ويندي.


شريعت موسيٰ جي معرفت ملي، جڏهن تہ فضل ۽ سچائي عيسيٰ مسيح جي معرفت ملي.


عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”رستو، سچ ۽ زندگي آءٌ آهيان. منهنجي وسيلي کان سواءِ ڪوبہ پيءُ تائين پهچي نہ ٿو سگھي.


تنهن تي پلاطس پڇيس تہ ”پوءِ ڇا تون بادشاهہ آهين؟“ عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ. آءٌ انهيءَ مقصد لاءِ ڄائس ۽ هن دنيا ۾ آيس تہ سچ جي شاهدي ڏيان. جيڪو بہ سچ جي پاسي آهي سو منهنجي ٻڌي ٿو.“


اسين اوهان تي ايمان آڻي چڪا آهيون ۽ ڄاڻي ورتو اٿئون تہ اوهين ئي خدا جي طرفان پاڪ هستي آهيو.“


”اي انسانؤ! اوهين هي ڇا ٿا ڪريو؟ اسين بہ اوهان جهڙا عام انسان آهيون. اسين تہ اوهان کي خوشخبري ٻڌائڻ آيا آهيون تہ اوهين هنن ڪوڙين ريتن رسمن کان پاسو ڪري رڳو انهيءَ جيئري خدا کي مڃو، جنهن آسمان، زمين، سمنڊ ۽ ٻيو جيڪي انهن ۾ آهي سو پيدا ڪيو آهي.


هائو، هر طرح جو فائدو آهي. خاص طور هي فائدو آهي جو خدا جا قول کين ئي سونپيا ويا آهن.


اهو بہ لکيل آهي تہ ”جنهن جاءِ تي انهن کي چيو ويندو هو تہ ’اوهين منهنجي قوم نہ آهيو،‘ انهيءَ ساڳي جاءِ تي اهي ’زندہ خدا جا ٻار‘ سڏبا.“


اوهين ڪنهن جي بہ گمراهہ ٿيڻ جو سبب نہ بڻجو، توڙي جو اهي يهودي هجن يا غير قوم وارا يا خدا جي ڪليسيا.


اوهين نہ ٿا ڄاڻو ڇا تہ اوهين سڀ گڏجي خدا جي هيڪل آهيو ۽ خدا جو روح اوهان ۾ رهي ٿو؟


اها ڳالهہ صاف ظاهر آهي تہ اوهين مسيح جو خط آهيو، جيڪو اسان جي خدمت جي وسيلي لکيو ويو آهي. اهو خط مس سان نہ پر زندہ خدا جي روح سان، پٿر جي تختين تي نہ پر ماڻهن جي دلين تي لکيل آهي.


خدا جو گھر ۽ بت پاڻ ۾ ڪيئن ٿا راضي رهي سگھن، جڏهن تہ خدا جيڪو جيئرو آهي، تنهن جو گھر تہ اسين آهيون؟ پاڪ ڪلام ۾ خدا پنهنجي قوم بابت جيڪي فرمايو آهي، سو اسان لاءِ بہ آهي تہ ”آءٌ انهن ۾ رهندس ۽ انهن ۾ گھمندس ڦرندس، آءٌ انهن جو خدا ٿيندس ۽ هو منهنجا ماڻهو ٿيندا.“


سچو پيغام ٻڌائڻ سان ۽ خدا جي قدرت سان اسين پاڻ کي خدا جا خادم ثابت ڪريون ٿا. حملي ڪرڻ توڙي بچاءُ ڪرڻ لاءِ اسان وٽ سچائيءَ جا هٿيار آهن.


سو انهن جڏهن انهيءَ حقيقت کي مڃي ورتو تہ خدا سچ پچ مون کي خدمت ڪرڻ جو فضل عطا ڪيو آهي، تڏهن انهن جي طرفان يعقوب، پطرس ۽ يوحنا جيڪي ڪليسيا جا ٿنڀا ليکيا ويندا هئا، تن برنباس ۽ مون سان هٿ ملائي پاڻ سان شامل ڪيو. پوءِ هڪ راءِ ٿياسين تہ اسين غير يهودين ۾ خدمت ڪريون ۽ هو يهودين ۾.


اي بي‌وقوف گلتيؤ! ڪنهن اوهان تي جادو ڪيو آهي؟ عيسيٰ مسيح کي صليب تي چاڙهي سندس موت جو منظر ڄڻ تہ اوهان جي اکين اڳيان صاف صاف ڏيکاريو ويو.


اوهان تہ مسيح بابت پيغام ٻڌو آهي ۽ جيڪا سچائي هن ۾ آهي، تنهن جي تعليم هن جا هئڻ ڪري اوهان کي ڏني ويئي آهي.


خداوند نون جي پٽ يشوع کي هدايت ڪري چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندين، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو آهي. آءٌ پاڻ بہ تو ساڻ هوندس.“


ڇا اهڙو ڪو انسان آهي جنهن اسان وانگر باهہ جي وچ مان زندہ خدا کي ڳالهائيندي ٻڌو هجي ۽ پوءِ بہ جيئرو هجي؟


اوهان جي انهيءَ ايمان ۽ پيار جو دارومدار انهيءَ اميد تي آهي، جيڪا اوهان لاءِ آسمان تي مخصوص ٿيل آهي. اوهان ان جو ذڪر اڳي ئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي پيغام ۾ ٻڌو آهي،


ماڻهو پاڻ ئي ذڪر ٿا ڪن تہ ڪهڙيءَ طرح اوهان اسان کي قبول ڪيو جو اوهين بتن جي پوڄا کي ڇڏي خدا ڏانهن ڦِريا، تہ جيئن اوهين زندہ ۽ سچي خدا جي عبادت ڪريو


مون کي اميد آهي تہ جلد ئي تو سان اچي ملندس. تڏهن بہ هي هدايتون آءٌ تو ڏانهن انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان


انهيءَ سچ بابت اسان کي ڪو شڪ ناهي، بلڪ دينداريءَ جو اهو راز عظيم آهي، يعني هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ پاڪ روح ۾ سچو ثابت ٿيو. هو ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو ۽ قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي. دنيا ۾ مٿس ايمان آندو ويو ۽ مٿي عظيم خدا جي تخت ڏانهن کنيو ويو.


تنهنڪري ضروري آهي تہ نگهبان تي ڪو الزام نہ هجي. هو پنهنجي زال سان وفادار رهڻ سان گڏ پرهيزگار، سمجھُو، اصول وارو، مهمان‌نواز ۽ تعليم ڏيڻ جي لائق هجي.


ڏسو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر ئي سنڀالي نہ ٿو سگھي تہ اهو خدا جي ڪليسيا جي سار سنڀال ڪيئن ڪري سگھندو؟


انهيءَ سبب ئي اسين محنت ۽ سخت ڪوشش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي اميد انهيءَ جيئري خدا تي رکيل آهي جيڪو سڀني ماڻهن، خاص ڪري ايمان وارن کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي.


رڳو اهو ئي بقا وارو آهي ۽ هو انهيءَ روشنيءَ ۾ ٿو رهي، جنهن تائين ڪوبہ پهچي نہ ٿو سگھي. هن کي نہ ڪنهن ماڻهوءَ ڏٺو آهي ۽ نہ ڪو ڏسي ٿو سگھي. شل انهيءَ خدا جي عزت ٿيندي رهي ۽ سندس قدرت هميشہ تائين قائم رهي. آمين.


تنهن هوندي بہ خدا جو وڌل مضبوط بنياد قائم رهي ٿو. انهيءَ تي هي لفظ اُڪريل آهن تہ ”خداوند پنهنجن کي سڃاڻي ٿو“ ۽ ”جيڪو خداوند جو نالو وٺي ٿو، سو بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.“


ڪنهن وڏي گھر ۾ نہ رڳو سون ۽ چانديءَ جا ٿانوَ هوندا آهن جيڪي اعليٰ ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا، بلڪ ڪاٺ ۽ ٺڪر جا بہ هوندا آهن جيڪي نيچ ڪمن لاءِ استعمال ٿين ٿا.


هو اسان جو اهڙو عظيم ڪاهن آهي، جيڪو خدا جي گھراڻي جو مختيار آهي.


ڏسو، اوهين سينا جبل وٽ اچڻ وارن جيان نہ، پر صيئون جبل تي زندہ خدا جي شهر وارن جيان خدا جي حضور ۾ آيا آهيو. اتي آسماني يروشلم وٽ جشن ملهائيندڙ بي‌شمار ملائڪن جي محفل آهي.


اي ڀائرو ۽ ڀينرون! خبردار رهجو، متان اوهان مان ڪنهن جي دل بڇڙي ۽ بي‌اعتبار ٿي زندہ خدا کان ڦري وڃي.


تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.


ڏسو، سڄي دنيا جي خداوند جي عهد واري صندوق اوهان جي اڳيان اڳيان اردن درياءَ ۾ وڃڻ واري آهي. اوهان کي انهيءَ مان خبر پوندي تہ زندہ خدا اوهان جي وچ ۾ موجود آهي ۽ هو ضرور ڪنعانين، حتين، حوين، فرزين، جِرجاشين، امورين ۽ يبوسين کي اوهان جي اڳيان اتان ڀڄائي ڪڍندو.


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


هاڻي اهو وقت اچي پهتو آهي تہ عدالت خدا جي گھراڻي کان شروع ٿئي. سو جيڪڏهن اها عدالت اسان جي بہ ٿئي ٿي تہ پوءِ انهن جو ڪهڙو انجام ٿيندو جيڪي مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين؟


پوءِ مون هڪڙي ٻئي ملائڪ کي اوڀر کان مٿي ايندي ڏٺو، جنهن وٽ زندہ خدا جي مُهر هئي. جن چئن ملائڪن کي هوائن تي اختيار ڏنو ويو هو تہ جيئن اهي زمين ۽ سمنڊ کي نقصان رسائين، تن کي انهيءَ ملائڪ وڏي آواز سان چيو تہ


تڏهن دائود پنهنجي ڀرسان بيٺل ماڻهن کان پڇيو تہ ”هي اڻ‌طهريل فلستي ٿيندو ڪير آهي جو جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪري! ٻڌايو تہ جيڪو ماڻهو هن فلستيءَ کي ماري ۽ بني اسرائيل تان اهو داغ دور ڪري تنهن کي ڇا ڏنو ويندو؟“


اوهان جي هن ٻانهي شينهن توڙي رڇن کي ماريو آهي. سو هي اڻ‌طهريل فلستي بہ انهن مان ئي هڪڙي وانگر ٿيندو، ڇو تہ هن جيئري خدا جي لشڪر کي اچي ذليل ڪيو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan