1.تيمٿيس 2:4 - Muslim Sindhi Bible4 هو چاهي ٿو تہ سڀيئي ماڻهو ڇوٽڪارو حاصل ڪري سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. Faic an caibideilSindhi Bible4 جنهن جي مرضي آهي تہ سڀني ماڻهن کي نجات ملي، ۽ سچ جي خبر پوينِ. Faic an caibideilHindu Sindhi Bible4 هو چاهي ٿو تہ سڀيئي ماڻهو مڪتي حاصل ڪري سچائيءَ کي ڄاڻي وٺن. Faic an caibideilCommon Language New Testament4 ھو چاھي ٿو تہ سڀني ماڻھن کي ڇوٽڪارو ملي ۽ کين سچائيءَ جي ڄاڻ پوي. Faic an caibideil |
هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.
سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہتائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟