Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 2:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تنهن هوندي بہ عورت ذات ٻار پيدا ڪرڻ واري حالت جي باوجود ڇوٽڪارو حاصل ڪندي، بشرطيڪ اها ايمان، محبت ۽ پاڪيزگيءَ تي پرهيزگاريءَ سان قائم رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 پر ٻار ڄڻڻ ڪري زال بچي ويندي، بشرطيڪ ايمان ۽ محبت ۽ پاڪيزگيءَ ۽ پرهيزگاريءَ ۾ قائم رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

15 تنهن هوندي بہ ناري ذات ٻار پيدا ڪرڻ واري حالت جي باوجود مڪتي حاصل ڪندي، بشرطيڪ اها وشواس، پريم ۽ پوِترتائيءَ تي پرهيزگاريءَ سان قائم رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

15 تنھن ھوندي بہ ٻارن ڄڻڻ سان عورت بچي ويندي، بشرطيڪ ھوءَ ايمان، محبت ۽ پاڪيزگيءَ تي پرھيزگاريءَ سان قائم رھي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 2:15
14 Iomraidhean Croise  

تنهن هوندي بہ پروردگار پاڻ تو کي هڪڙي نشاني ڏيکاريندو. ڏس، هڪ ڪنواري پيٽ سان ٿيندي، جنهن کي پٽ ڄمندو. هوءَ انهيءَ جو نالو ’عمانوايل‘ رکندي.


اسان جي لاءِ هڪڙو ٻار پيدا ٿيندو. هائو، اسان جي قوم تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪڙو پٽ عطا ڪيو ويندو. جنهن تي هي نالا رکيا ويندا: بهترين صلاحڪار، قادر خدا، قائم وَ دائم ابو ۽ سلامتيءَ جو شهزادو.


اي اوهين! جيڪي نٺر ڌيءَ مثل آهيو، ڪيستائين پيا رلندا رهندا؟ خداوند دنيا ۾ هڪڙي نئين ڳالهہ پيدا ڪئي آهي، جيڪا هن مثال جهڙي آهي جو عورت کي مرد جو محافظ بڻايو وڃي.


هن پنهنجو پهريتو پٽ ڄڻيو ۽ انهيءَ کي ٻنڌڻن ۾ ويڙهي آهر ۾ کڻي رکيائين، ڇاڪاڻ تہ مسافرخاني ۾ هنن کي جاءِ ڪانہ ملي.


بدن جا اهي عضوا جن کي اسين گھٽ عزت وارا سمجھون ٿا، تن کي عزت سان ڍڪيون ٿا، يعني انهن کي اسين شرم وچان ڍڪي سندن گھڻو احترام ٿا ڪريون،


بيشڪ، اسان جي خداوند خدا جو فضل مون تي نهايت ئي گھڻو ٿيو ۽ انهيءَ سان گڏ مون کي عيسيٰ مسيح ۾ هئڻ ڪري ايمان ۽ محبت عطا ٿي.


منهنجي انهيءَ حڪم جو مقصد اها محبت پيدا ڪرڻ آهي، جيڪا نيڪ نيتيءَ، صاف‌دليءَ ۽ سچي ايمان مان پيدا ٿئي ٿي.


منهنجي مرضي اها بہ آهي تہ عورتون حياءَ واري پوشاڪ ڍڪي لڄ ۽ پرهيزگاريءَ سان پاڻ کي سينگارين، نہ وارن کي ڳُتڻ يا سون يا موتين يا قيمتي ڪپڙن پهرڻ سان،


اهو فضل اسان کي هيءَ تربيت ٿو ڏئي تہ دنياوي خواهشن ۽ بي‌دينيءَ کي ڇڏي اسين هن آخري زماني ۾ پرهيزگاريءَ، سچائيءَ ۽ دينداريءَ سان زندگي گذاريون.


دنيا جي خاتمي جو وقت ويجھو اچي پهتو آهي. تنهنڪري اوهين دعا گھرڻ لاءِ هوشيار ۽ سجاڳ رهو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan