Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.تيمٿيس 1:16 - Muslim Sindhi Bible

16 انهيءَ سبب ئي خدا مون تي رحم ڪيو تہ جيئن عيسيٰ مسيح مون وڏي گنهگار ۾ پنهنجو پورو پورو تحمل ظاهر ڪري مون کي انهن لاءِ نمونو بڻائي جيڪي پوءِ مٿس ايمان آڻي دائمي زندگي حاصل ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 تڏهن بہ انهي سبب ڪري مون تي رحم ٿيو، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح مون وڏي گنهگار ۾ پنهنجو وڏو فضل ظاهر ڪري، ۽ جيڪي هميشہ جي زندگيءَ جي لاءِ مٿس ايمان آڻيندا، تن جي لاءِ آئون هڪڙو نمونو ٿيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

16 انهيءَ سبب ئي ايشور مون تي ديا ڪئي تہ جيئن يسوع مسيح مون وڏي پاپيءَ ۾ پنهنجي پوري پوري بردباري ظاهر ڪري مون کي انهن لاءِ نمونو بڻائي جيڪي پوءِ مٿس وشواس آڻي امر جيون حاصل ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

16 پر مون تي انھيءَ ڪري رحم ٿيو تہ جيئن عيسيٰ مسيح مون وڏي گنھگار ۾ پنھنجو بي⁠انتھا تحمل ظاھر ڪري ۽ آءٌ انھن لاءِ نمونو ٿيان، جيڪي پوءِ مٿس ايمان آڻي دائمي زندگي حاصل ڪندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.تيمٿيس 1:16
37 Iomraidhean Croise  

هن جي دعا ۽ سندس دعا جو قبول ٿيڻ، سندس توبهہ‌تائب ٿيڻ کان اڳ ڪيل سڀ گناهہ ۽ نافرمانيون، ۽ هن جا مختلف هنڌن تي ٺهرايل غير معبودن جا پوڄا گھر، سندس يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا کوڙائڻ ۽ ٻين بتن کي ٺهرائڻ، سي سڀ ”غيبدانن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


اي خداوند! منهنجي بدڪاري تمام وڏي آهي، سو پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب تون اها معاف ڪر.


تڏهن موسيٰ تڪڙو ٿي زمين تي سر جھڪائي سجدو ڪيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”هاڻي اچو تہ انهيءَ معاملي کي نبيريون، پوءِ جيتوڻيڪ اوهين گناهن جي ڪري رت جي ڳاڙهاڻ سان ڀريل هوندا، تڏهن بہ آءٌ اوهان کي برف جهڙو شفاف ڪري ڇڏيندس. هائو، توڙي جو اوهين گناهن سبب رت جهڙا لال ڳاڙها هوندا، تہ بہ آءٌ اوهان کي کير جهڙو اڇو ڪري ڇڏيندس.


پر آءٌ، هائو، آءٌ اهو ئي خدا آهيان، جيڪو پنهنجي خاطر اوهان جي گناهن کي مِٽائي ٿو ڇڏيان. هائو، آءٌ اوهان جي خطائن کي وساري ڇڏيندس.


شرير ماڻهو پنهنجو رستو تبديل ڪن، ۽ بدڪار ماڻهو پنهنجا خيال بدلائين. اهي خداوند، اسان جي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿين، تہ هو مٿن رحم ڪندو. بيشڪ اهو بيحد معاف ڪندڙ آهي.


تنهن بعد بلعام بلق کي چيو تہ ”توهان هتي پنهنجيءَ قربانيءَ وٽ بيهو ۽ آءٌ ٿورو پرڀرو وڃان ٿو. ٿي سگھي ٿو تہ خداوند مون سان ملڻ لاءِ اچي. سو جيڪي هو مون تي ظاهر ڪندو سو آءٌ توهان کي ٻڌائيندس.“ پوءِ هو هڪڙي ويران ٽڪريءَ تي چڙهي ويو.


آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ اهڙيءَ طرح خدا جي ملائڪن ۾ بہ خوشي ٿئي ٿي جڏهن هڪ گنهگار توبهہ ٿو ڪري.“


عيسيٰ ان کي چيو تہ ”آءٌ تو کي سچ ٿو چوان تہ اڄ ئي تون مون سان گڏ بهشت ۾ هوندين.“


انهيءَ ڪري آءٌ تو کي چوان ٿو تہ هن جا گناهہ، جيڪي گھڻا هئا معاف ڪيا ويا آهن، تنهنڪري هن گھڻو پيار ڪيو آهي. پر جنهن جا گناهہ ٿورا هئا جيڪي معاف ڪيا ويا، سو ٿورو پيار ٿو ڪري.“


پر جيڪي لکيا ويا آهن تن جو مقصد هي آهي تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو تہ عيسيٰ ئي مسيح ۽ خدا جو فرزند آهي ۽ مٿس ايمان آڻڻ سان اوهان کي هن ۾ زندگي ملي.


جيڪو بہ فرزند تي ايمان آڻي ٿو، تنهن کي دائمي زندگي مليل آهي. پر جيڪو فرزند کي قبول نہ ٿو ڪري، تنهن کي اها زندگي ڪڏهن بہ نہ ملندي، اٽلندو خدا جو غضب مٿس رهي ٿو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجيون ڳالهيون ٻڌي ٿو ۽ جنهن مون کي موڪليو آهي انهيءَ تي ايمان رکي ٿو، تنهن جي زندگي دائمي آهي ۽ هو گنهگار قرار نہ ڏنو ويندو، بلڪ هو موت مان نڪري زندگيءَ ۾ داخل ٿي چڪو آهي.


پر جيڪي پيءُ مون کي ڏيندو سي سڀ مون وٽ ايندا ۽ جيڪو بہ مون وٽ ايندو تنهن کي آءٌ ڪڏهن بہ نہ موٽائيندس.


هائو، منهنجي پيءُ جي اها مرضي آهي تہ جيڪو بہ سندس فرزند کي سڃاڻي ٿو ۽ مٿس ايمان ٿو آڻي، تنهن کي دائمي زندگي ملي. سو آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس.“


جيڪو بہ منهنجو ماس ٿو کائي ۽ منهنجو رت ٿو پيئي، تنهن جي زندگي دائمي آهي ۽ آءٌ کيس آخرت جي ڏينهن تي وري جيئرو ڪري اٿاريندس،


هاڻ جيڪو بہ هن تي ايمان آڻي ٿو سو خدا ڏانهن سچار بڻجي ٿو، جڏهن تہ موسيٰ جي شريعت جي وسيلي هو سچار بڻجي نہ سگھي ها.


جيڪي بہ ڳالهيون اڳي لکيون ويون آهن، سي اسان جي تعليم لاءِ آهن، تہ جيئن ثابت قدميءَ مان ۽ پاڪ ڪلام کان مليل حوصلي مان اسان کي اميد حاصل ٿئي.


بيشڪ گناهہ جو اجورو موت آهي، جڏهن تہ خدا اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي وسيلي اسان کي پنهنجي فضل واري بخشش يعني دائمي زندگي عطا ڪري ٿو.


ڪنوارو رهڻ يا نہ رهڻ بابت مون کي خداوند جو ڪوبہ حڪم مليل ڪونهي، پر آءٌ، جنهن تي خداوند پنهنجي رحمت نازل ڪئي آهي سو اعتماد جوڳو هئڻ جي حيثيت سان پنهنجي راءِ ٿو ڏيان.


سو اسان رسولن کي خدا جي رحم سان هيءَ خدمت ملي آهي، جنهن ۾ اسين همت نہ ٿا هاريون.


خدا چاهيو ٿي تہ اسين يهودي، جن اوهان کان اڳي مسيح ۾ اميد رکي هئي، سي سندس عظمت جي واکاڻ جو سبب ٿيون.


انهيءَ لاءِ تہ سندس جلوي سان ڀريل انهيءَ فضل جي واکاڻ ٿئي، جيڪو هن پنهنجي پياري فرزند ۾ اسان کي مفت عطا ڪيو.


اهو انهيءَ لاءِ ڪيائين تہ هو پنهنجي انهيءَ مهربانيءَ جي وسيلي جيڪا عيسيٰ مسيح ۾ اسان تي آهي، پنهنجي فضل جي بي‌انداز دولت کي ايندڙ زمانن ۾ ظاهر ڪري.


مسيح جي اچڻ واري انهيءَ ڏينهن تي مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيل، يعني مٿس ايمان رکندڙ سڀ سندس قدرت ڏسي حيران ٿي ويندا ۽ سندس واکاڻ ڪندا. انهن ۾ اوهين بہ شامل هوندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان اسان جي شاهديءَ تي ايمان آندو آهي.


جيتوڻيڪ آءٌ اڳي عيسيٰ مسيح بابت ڪفر بڪندڙ ۽ گستاخ هئس ۽ ايمان وارن کي ستائيندو هئس، تنهن هوندي بہ خدا مون تي رحم ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مون جيڪي ڪجھہ ڪيو سو ايمان نہ آڻڻ جي حالت ۾ اڻ‌ڄاڻائيءَ ڪري ڪيو.


انهيءَ ڪري جيڪي سندس وسيلي خدا ڏانهن اچن ٿا، تن کي هميشہ لاءِ هو مڪمل ڇوٽڪارو ڏيئي ٿو سگھي، ڇاڪاڻ تہ انهن جي شفاعت لاءِ هو هميشہ جيئرو آهي.


هي اهي روح هئا، جن اڳي نوح جي زماني ۾ نافرماني ڪئي هئي. ان وقت خدا صبر ڪري انتظار ٿي ڪيو ۽ ٻيڙو تيار پئي ٿيو. پوءِ جڏهن ٻوڏ آئي تڏهن انهيءَ ٻيڙي ۾ ويٺل ٿورا ماڻهو، يعني رڳو اٺ ڄڻا انهيءَ پاڻيءَ وسيلي بچي نڪتا.


ياد رکو تہ اسان جي خداوند جو صبر ماڻهن کي ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو موقعو ٿو ڏئي. اسان جي پياري ڀاءُ پولس بہ خدا جي عطا ڪيل ڏاهپ موجب اوهان ڏانهن اهڙيءَ طرح ئي لکيو آهي.


خداوند پنهنجو واعدو پورو ڪرڻ ۾ دير ڪين ڪندو آهي، جهڙي دير ڪي ماڻهو سمجھن ٿا. پر هو اوهان جي خاطر صبر ڪري ٿو، انهيءَ ڪري جو هو نہ ٿو چاهي تہ ڪوبہ ناس ٿئي، بلڪ هو چاهي ٿو تہ سڀيئي توبهہ‌تائب ٿين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan