Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 5:3 - Muslim Sindhi Bible

3 جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي نازل ٿيندي جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

3 جنهن وقت ماڻهو چوندا هوندا تہ ”ڪو ڊپ ڪونهي، اسين محفوظ آهيون،“ انهيءَ وقت اوچتو ئي اوچتو مٿن تباهي ائين اچي پرگھٽ ٿيندي جيئن پيٽ واري ناريءَ کي سور ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن اهي هرگز نہ بچندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

3 جنھن وقت ماڻھو پيا چوندا تہ امن ۽ سلامتي آھي، انھيءَ وقت جيئن پيٽ واري عورت کي سور ٿيندا آھن تيئن اوچتو ئي اوچتو مٿن تباھي اچي نازل ٿيندي ۽ اھي ھرگز نہ بچندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 5:3
48 Iomraidhean Croise  

دهشتناڪ آواز هنن جي ڪنن ۾ گونجندا ٿا رهن، سندن سک ۽ سانت جي ڏينهن ۾ ڦُرلٽ ڪرڻ وارا اچي مٿن ڪڙڪندا.


خدا انهن کي آرام ڏئي ٿو، ۽ ان آرام کي هو پائيدار سمجھن ٿا، پر خدا سندن هر قدم تي پنهنجي نگاهہ رکي ٿو.


شل اوچتو ئي اوچتو انهن تي بربادي اچي پوي! هنن جيڪو ڄار وڇايو آهي تنهن ۾ شل پاڻ ئي ڦاسي پون! جيڪا کڏ هنن کوٽي آهي تنهن ۾ شل پاڻ ئي ڪري برباد ٿين!


اتي جو اتي کين ڏڪڻيءَ اچي ورتو، ۽ کين اهڙا سور اچي لڳا، جهڙا ڪنهن ويم واري عورت کي لڳندا آهن.


شل دشمنن تي اوچتو موت اچي پوي، بلڪ اهي جيئري ئي وڃي پاتال ۾ پون، ڇوجو سندن گھرن ۾ بلڪ سندن دلين ۾ بڇڙائي آهي.


شل سندن پنهنجو ئي دسترخوان سندن لاءِ ڦندو ثابت ٿئي! شل انهن جون ئي مذهبي دعوتون سندن لاءِ ڄار ثابت ٿين!


جيڪو بار بار تنبيهہ ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ضد تي قائم رهي ٿو، تنهن تي اوچتو ئي آفت اچي ڪڙڪندي، ۽ سندس وري ڪو چاڙهو نہ چڙهندو.


انهيءَ ڏينهن سمنڊ جي ڪناري رهندڙ فلستي چوندا تہ ’ڏسو، جنهن ملڪ کي اسين پنهنجي اميد سمجھي ڏانهس مدد لاءِ ٿي ڊوڙياسين تہ هو اسان کي اشور جي شهنشاهہ کان بچائي، تنهن جو ئي ههڙو حال ٿيو آهي، تہ پوءِ اسين ڪيئن بچي نڪرنداسين؟‘“


پر اي يروشلم وارؤ! اوهان جي دشمنن جو ڪٽڪ ناس ٿي سنهيءَ دز وانگر ٿي ويندو. هائو، اهو خوفناڪ لشڪر طوفان ۾ اُڏامندڙ بُهہ وانگر غائب ٿي ويندو. انهيءَ سبب جو هڪ لحظي ۾ ۽ اوچتو ئي اوچتو


تنهنڪري اوهان جي اها بڇڙائي اوهان جي قوم لاءِ اهڙي ثابت ٿيندي، جيئن ڪنهن وڏي ڀت ۾ ڏار پئجي وڃي، ۽ اها پاسي تي لڙي وڃي، ۽ پوءِ اها اوچتو ئي اوچتو هڪ لحظي ۾ ڪري ناس ٿي پوي.


تنهنڪري تو تي آفت ايندي، جنهن کي تون ڪنهن بہ جادوءَ سان هٽائي نہ سگھندينءَ. هائو، تو تي اهڙي تہ مصيبت اچي ڪڙڪندي، جو تون انهيءَ کي ٽاري نہ سگھندينءَ. اوچتو ئي اوچتو تو مٿان تباهي اچي نازل ٿيندي، جنهن بابت تو ڪڏهن سوچيو ئي نہ هوندو.


سا ياد رک، تو تي اهي ٻئي ڳالهيون، يعني اولاد جو نقصان ۽ ڏهاڳ، هڪڙي ئي ڏينهن، بلڪ هڪڙي لحظي ۾ اچي ڪڙڪنديون. هائو، تنهنجي گھڻين جادوگرين ۽ بي‌انداز منترن هوندي بہ تون پنهنجو مڙس ۽ اولاد وڃائي ويهندينءَ.


اهي سڀ هڪٻئي کي چون ٿا تہ ’اچو تہ مئي پيئون ۽ نشا ڪري مست ٿيون، سڀاڻي جو ڏينهن بہ اڄوڪي ڏينهن وانگر ٿيندو، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ بهتر ٿيندو.‘“


هاڻي تون ڇا ٿي چوين جو اها قوم تو تي حڪمراني ڪرڻ لاءِ ڪاهہ ڪيو ٿي اچي، جنهن کي تو پنهنجو سڄڻ ٿي سمجھيو؟ هاڻ تہ تون ڪنهن ويم ڪندڙ عورت جهڙن سورن ۾ هوندينءَ.


يهوداہ وارا پڪاري چون ٿا تہ ”اي خداوند! ڇا تو يهوداہ کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا تون صيئون کان نفرت ٿو ڪرين؟ ڇو تو اسان کي اهڙو زخم رسايو آهي جيڪو ڇٽي ئي نہ ٿو سگھي؟ اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون، پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي. اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون، پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي.


اي اوهين! جيڪي لبنان جي ديال وارين عمارتن ۾ ٿا گذاريو، جڏهن اوهان کي ڏک ۽ تڪليفون اچي ورائينديون، تڏهن اوهين ويم جي سورن واري عورت جيان روئندا رڙندا.“


آءٌ هڪڙو آواز ٻڌان ٿو، جيڪو ڄڻ تہ ڪنهن ويم جي سورن واري عورت جو آهي، هڪ اهڙي عورت جو آواز، جيڪا ڄڻ تہ پهريون ٻار ڄڻيندي هجي. اهو آواز يروشلم جي وسنديءَ جو آهي جيڪا سهڪي ٿي پيئي، ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ ”هاءِ! آءٌ تہ برباد ٿي ويس! خوني منهنجو خون ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.“


منهنجي قوم جا ڦٽ بہ هنن کي معمولي رهڙون نظر اچن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هو ’خير آهي، خير آهي،‘ چوندا وتن ٿا، جڏهن تہ ڪوبہ خير ڪونهي.


يروشلم وارا چون ٿا تہ ”اسان هنن جي هاڪ ٻڌي آهي، ان ڪري اسان جا ڍڍر ڍرا ٿي ويا آهن. اسان کي ذهني پريشانيءَ اچي وڪوڙيو آهي ۽ ويم ڪندڙ عورت جيان سورن اچي ورايو آهي.


منهنجي قوم جا ڦٽ بہ هنن کي معمولي رهڙون نظر اچن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هو ’خير آهي، خير آهي،‘ چوندا ٿا وتن، جڏهن تہ ڪوبہ خير ڪونهي.


اوهان منهنجي قوم کي ائين چئي گمراهہ ڪيو آهي تہ سڀ ڪجھہ ٺيڪ آهي. جڏهن تہ ڪجھہ بہ ٺيڪ نہ آهي. اهو سڀ ائين آهي جيئن منهنجي قوم ڪچين ڀڳل سرن جي ڀت ٺاهي هجي ۽ اوهان اچي انهيءَ ڀت کي گاري سان ليپو ڏيئي ڇڏيو هجي تہ جيئن اها مضبوط ڏسڻ ۾ اچي، جڏهن تہ اصل ۾ ائين نہ آهي.


ڪوبہ ٻار ويم جي وقت پيٽ مان ٻاهر نڪرڻ کان انڪار نہ ٿو ڪري، پر اسرائيل وارا ايترا تہ نادان آهن، جو هو گناهن کان ٻاهر نڪري زندهہ رهڻ نہ ٿا چاهين.


جيتوڻيڪ اوهين ڪنڊن وانگر ڳتيل ۽ ڳنڍيل آهيو، ۽ مئي پيئندڙن وانگر مدهوش آهيو، تڏهن بہ اوهين سڪل بُهہ وانگر سڙي ناس ٿي ويندا.


اي نانگ جا ٻچؤ! اي ڪاريهر نانگؤ! اوهين دوزخ جي سزا کان ڪيئن بچي سگھندا؟


جڏهن عورت ٻار ڄڻڻ تي هوندي آهي تڏهن هوءَ سورن ۾ هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ اها هن جي لاءِ سورن جي گھڙي آهي. پر جڏهن ٻار پيدا ٿيندو آهي تڏهن کانئس سڀ سور وسري ويندا آهن، ڇاڪاڻ تہ هوءَ خوش ٿيندي آهي تہ هن هڪ ٻار کي دنيا ۾ جنم ڏنو آهي.


’اوهين، جيڪي ڌڪاريو ٿا، سي ڏسي عجب ۾ پئجي ويندا ۽ برباد ٿي ويندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي زماني ۾ هڪڙو اهڙو ڪم ڪندس، جو جيڪڏهن ڪو اوهان کي بيان ڪري ٻڌائي تہ اوهين مٿس ڪڏهن بہ اعتبار نہ ڪندا.‘“


شايد هتي ڪو اهڙو ماڻهو هجي جيڪو خداوند جي هن کنيل قسم جون ڳالهيون ٻڌي پنهنجيءَ دل ۾ پاڻ کي مبارڪ سمجھي ۽ چوي تہ ’جيتوڻيڪ آءٌ هٺيلو هوندس تڏهن بہ سلامت رهندس.‘ تہ پوءِ اها ڳالهہ سُڪن سان گڏ آلن کي بہ برباد ڪندي،


اهي خداوند عيسيٰ جي حضور کان ۽ سندس قدرت جي عظمت کان پري رهي هميشہ واري برباديءَ جي سزا ڀوڳيندا.


اوهين خدا جي انهن پهريتن يعني چونڊي پاڪ ڪيلن جي جماعت ۾ آيا آهيو، جن جا نالا خدا وٽ آسمان تي لکيل آهن. اوهين سڄي مخلوق جي منصف خدا وٽ آيا آهيو. اوهين خدا آڏو ڪامل ڪيل سچارن جي روحن وٽ آيا آهيو.


تہ پوءِ هيڏي عظيم ڇوٽڪاري کان جيڪڏهن اسين لاپرواهہ رهياسين تہ ڪيئن بچي سگھنداسين؟ انهيءَ ڇوٽڪاري جو اعلان پهريائين خود خداوند عيسيٰ ڪيو ۽ پوءِ جن ماڻهن اهو ٻڌو تن اسان کي ثابتي ڏيئي انهيءَ سچائيءَ جي شاهدي ڏني.


انهيءَ لاءِ هي مثال ڏسو تہ خدا انهن ملائڪن کي بہ نہ بخشيو جن گناهہ ڪيو، بلڪ کين پاتال ۾ وجھي اونداهين غارن ۾ بند ڪري ڇڏيائين، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جي ڏينهن تائين قيد ۾ رهن.


سو جِدعون نبح ۽ يُگبهاہ شهر جي اوڀر طرف خانہ‌بدوشن وارو رستو وٺي وڃي اوچتو لشڪر تي حملو ڪري ڏنو، ڇاڪاڻ تہ اهي بي‌فڪر ويٺا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan