Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 5:23 - Muslim Sindhi Bible

23 شل سلامتي بخشيندڙ خدا اوهان کي مڪمل طور پاڪ ڪري. شل هو اوهان جي روح، جان ۽ بدن کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ وقت اوهين بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

23 شل خدا، جو اطمينان بخشيندڙ آهي، اوهان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري؛ ۽ شل اوهان جو روح ۽ جان ۽ بدن، اسان جي خداوند يسوع مسيح جي اچڻ تائين بي عيب ۽ سلامت رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

23 شل شانتي بخشيندڙ ايشور اوهان کي مڪمل طور پوِتر ڪري. شل هو اوهان جي آتما، جان ۽ شرير کي پوريءَ طرح محفوظ رکي، تہ جيئن اسان جي پرڀو يسوع مسيح جي اچڻ وقت اوهين بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

23 شل اطمينان بخشيندڙ خدا پاڻ اوھان کي پوريءَ طرح پاڪ ڪري. شل ھو اوھان جي روح، جان ۽ بدن کي، يعني اوھان کي مڪمل طور اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جي اچڻ تائين بي⁠عيب رکي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 5:23
37 Iomraidhean Croise  

جڏهن منهنجي مقدس هيڪل هميشہ جي لاءِ انهن جي وچ ۾ رهندي، تڏهن غير قومون ڄاڻي وٺنديون تہ مون خداوند ئي بني اسرائيل کي پنهنجي قوم ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.‘“


اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان. مون اوهان کي ٻين قومن مان چونڊي ڌار ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو.


اوهين منهنجا حڪم مڃجو ۽ انهن تي عمل ڪجو. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي مخصوص ٿو ڪريان.


مريم چيو تہ ”منهنجي دل خداوند جي واکاڻ ڪري ٿي.


آءٌ پاڻ کي انهن جي خاطر انهيءَ لاءِ مخصوص ٿو ڪريان، تہ جيئن اهي بہ سچ جي وسيلي تو لاءِ مخصوص ڪيا وڃن.


هاڻي آءٌ اوهان کي خدا ۽ سندس انهيءَ فضل واري پيغام جي حوالي ٿو ڪريان، جنهن کي قدرت آهي تہ اهو اوهان ۾ ترقي آڻي ۽ مسيح ۾ سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ اوهان کي ميراث عطا ڪري.


تو کي انهن جون اکيون کولڻيون آهن ۽ کين اونداهيءَ مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻڻو آهي. انهن کي شيطان جي چنبي کان آزاد ڪري خدا ڏانهن موڙڻو آهي، تہ جيئن اهي مون تي ايمان آڻين ۽ گناهن جي معافي ملين ۽ هو خدا جي پنهنجي قوم ۾ ليکيا وڃن.‘“


هاڻ جڏهن تہ اوهين ايمان تي قائم آهيو، تڏهن شل اميد بخشيندڙ خدا اوهان کي خوشيءَ ۽ سلامتيءَ سان ڀرپور ڪري، تہ جيئن پاڪ روح جي قدرت سان اوهان جي اميد ۾ گھڻو واڌارو ايندو وڃي.


سلامتي بخشيندڙ خدا شل اوهان سڀني ساڻ هجي. آمين.


سو ثابت قدمي بخشيندڙ ۽ حوصلو ڏيندڙ خدا شل اوهان کي هيءَ توفيق ڏئي جو اوهين عيسيٰ مسيح جي پيروي ڪندي پاڻ ۾ هڪ دل ٿي رهو،


تڏهن سلامتي بخشيندڙ خدا جلد ئي شيطان کي اوهان جي پيرن هيٺ لتاڙائي چيڀاٽي ڇڏيندو. اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل شل اوهان سڀني تي هجي.


هي خط ڪرنٿس شهر ۾ خدا جي ڪليسيا ڏانهن لکجي ٿو، يعني اوهان ڏانهن جيڪي عيسيٰ مسيح ۾ پاڪ ڪيا ۽ چونڊيا ويا آهيو. هي انهن سڀني جي نالي پڻ لکجي ٿو جيڪي هر هنڌ خداوند عيسيٰ مسيح جو نالو وٺن ٿا، جيڪو انهن جو ۽ اسان جو خداوند آهي.


اهو خدا ئي تہ آهي جنهن اسان کي عيسيٰ مسيح سان گڏي هڪ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهو مسيح ئي آهي جنهن کي خدا اسان لاءِ ڏاهپ بڻايو آهي، جنهن مان سچائي، پاڪائي ۽ ڇوٽڪارو ملي ٿو،


انهيءَ جو سبب هي آهي تہ خدا گڙٻڙ جو نہ، بلڪ امن وَ امان جو خدا آهي. مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن جي سڀني ڪليسيائن ۾ هي دستور آهي تہ


منهنجو مطلب آهي تہ خدا مسيح جي وسيلي دنيا جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪندي ماڻهن جي گناهن جو ڪو حساب نہ ڪيو. ميل ميلاپ ڪرائڻ جو اهو پيغام هن اسان جي حوالي ڪري ڇڏيو.


جنهن سان اوهين بهتر ڳالهين کي پرکي وٺو. اهو انهيءَ لاءِ تہ جيئن مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين اوهين صاف‌دل ۽ بي‌ڏوهي رهو.


مون کي انهيءَ ڳالهہ جو يقين آهي تہ خدا جيڪو چڱو ڪم اوهان ۾ شروع ڪيو آهي، سو عيسيٰ مسيح جي موٽي اچڻ واري ڏينهن تائين پورو ڪندو.


جيڪي بہ ڳالهيون اوهان مون کان سکيون، حاصل ڪيون يا ٻڌيون، يا وري مون ۾ ڏٺيون آهن، تن تي عمل ڪندا رهو. پوءِ سلامتي بخشيندڙ خدا اوهان سان گڏ هوندو.


پر هاڻي هن مسيح جي جسماني موت جي وسيلي اوهان جو پاڻ سان رابطو بحال ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ هو اوهان کي پاڪ، بي‌عيب ۽ بي‌الزام بڻائي پنهنجي حضور ۾ حاضر ڪري.


ڀلا، اسان جي خداوند عيسيٰ جي اچڻ وقت اسان جي اميد، اسان جي خوشي ۽ اسان جي فخر جو تاج ڪير آهي؟ ڇا اهي اوهين ئي نہ آهيو جيڪي سندس حضور ۾ حاضر هوندا؟


شل اسان جو خدا پيءُ پاڻ ۽ اسان جو خداوند عيسيٰ اسان جي رستي جون رڪاوٽون هٽائين، تہ جيئن اسين اوهان وٽ اچي سگھون.


ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي آڏو اوهين پاڪ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


مطلب تہ خدا جي مرضي اها آهي تہ اوهين هن لاءِ مخصوص ۽ پاڪ رهو. سو زناڪاريءَ کان پوريءَ طرح پاسو ڪريو.


۽ هر قسم جي برائيءَ کان پاسو ڪريو.


هاڻي سلامتي بخشيندڙ خداوند عيسيٰ پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح سان سلامتي بخشي. شل خداوند عيسيٰ اوهان سڀني ساڻ هجي.


هاڻ سلامتي بخشيندڙ خدا جنهن رڍن جي عظيم ڌنار، يعني اسان جي خداوند عيسيٰ کي سندس رت سان ٻڌل دائمي عهد جي وسيلي مئلن مان وري جيئرو ڪري اٿاريو،


هاڻ جيئن تہ پاڪ ۽ مخصوص ڪرڻ واري يعني عيسيٰ جو ۽ پاڪ ۽ مخصوص ٿيڻ وارن يعني ٻارن جو پيءُ هڪڙو ئي آهي، تنهنڪري عيسيٰ انهن کي ڀاءُ ڀيڻ ڪري سڏڻ کان نہ ٿو شرمائي،


انهيءَ ڳالهہ کي ڌيان ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ خدا جيڪي بہ فرمائي ٿو سو جيئرو ۽ اثرائتو آهي. اهو اهڙو تکو آهي جو جان کي روح کان ائين ڌار ڪريو ڇڏي، جيئن ٻِہ‌منهين تلوار سنڌن کي مِکُ کان ڌار ڪريو ڇڏي. اهو دل جي خيالن ۽ ارادن کي جاچي ٿو وٺي.


انهيءَ ثابت قدميءَ کي پنهنجو ڪم پورو ڪرڻ ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڪامل ۽ ڀرپور ٿيو ۽ اوهان ۾ ڪنهن بہ ڳالهہ جي ڪمي نہ رهي.


خدا پيءُ پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ ڪيا وڃو. شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رهي.


هاڻي خدا، جيڪو هر طرح جي فضل جو سرچشمو آهي ۽ جنهن اوهان کي مسيح جا هئڻ ڪري پنهنجي دائمي جلوي ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين تڪليفن سهڻ کان پوءِ پاڻيهي اوهان کي بحال، قائم، مضبوط ۽ پڪو ڪندو.


سو اي عزيزؤ! جيئن تہ اوهين انهيءَ انتظار ۾ آهيو، تڏهن پوريءَ دل سان ڪوشش ڪندا رهو تہ خدا سان ميل ميلاپ جي حالت ۾ اوهين سندس آڏو بي‌داغ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


هي خط مون يهوداہ جي طرفان آهي، جيڪو عيسيٰ مسيح جو ٻانهو ۽ يعقوب جو ڀاءُ آهيان. هي انهن ڏانهن لکجي ٿو، جيڪي خدا پيءُ جي پيار ۽ عيسيٰ مسيح جي حفاظت ۾ رهڻ لاءِ سڏيا ويا آهن.


خدا، جيڪو اوهان کي ٿاٻي کائڻ کان بچائي سگھي ٿو، جيڪو پنهنجي شان وَ شوڪت واري حضور ۾ بي‌عيب ۽ خوشيءَ سان معمور ڪري بيهاري سگھي ٿو


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan