Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 5:19 - Muslim Sindhi Bible

19 پاڪ روح جي رهنمائيءَ کي نہ دٻايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 روح کي نہ دٻايو؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

19 پوِتر آتما جي رهنمائيءَ کي نہ دٻايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

19 پاڪ روح، جيڪو باھہ مثل آھي تنھن کي نہ وسايو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 5:19
13 Iomraidhean Croise  

تڏهن خداوند چيو تہ ”آءٌ انسان کي هميشہ تائين رهڻ ڪونہ ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ هو فاني آهي. سو انسان هڪ سؤ ويهن سالن کان وڌيڪ جيئرا نہ رهندا.“


تڏهن بہ ڪيترن ئي سالن تائين تو کين برداشت ڪيو، ۽ پنهنجي نبين جي معرفت کين پنهنجي روح جي وسيلي نصيحتون ڪندو رهئين. تنهن هوندي بہ جڏهن هنن ڪو توجھہ نہ ڏنو، تڏهن تو هنن کي آس‌پاس وارين قومن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


تون مون کي پنهنجي حضور مان لوڌي نہ ڪڍ، ۽ مون کان پنهنجو پاڪ روح پري نہ ڪر.


پاڻيءَ جي ٻوڏ بہ اسان جي عشق جي باهہ کي اجھائي نہ ٿي سگھي، نڪي ٻوڏون انهيءَ کي ٻوڙي ٿيون سگھن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي سڄي مال ملڪيت جي عيوض اسان جي محبت کي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، تہ اهو ائين ڪڏهن ڪري نہ سگھندو، ۽ بلڪل حقارت جوڳو ٿيندو.


پر هنن ساڻس بغاوت ڪئي، ۽ سندس پاڪ روح کي رنجايائون. تنهنڪري هو ڦري سندن دشمن بڻيو، ۽ پاڻ انهن سان وڙهيو.


استيفنس کين وڌيڪ چيو تہ ”اوهين ڪيڏا نہ ضدي آهيو، اوهان جون دليون ڪيڏيون نہ ڦِريل آهن ۽ خدا جو پيغام ٻڌڻ لاءِ اوهان جا ڪن ٻوڙا آهن. جيئن اوهان جا ابا ڏاڏا هئا، تيئن ئي اوهين بہ هميشہ پاڪ روح جي مخالفت ڪندا آهيو.


انهيءَ دوران جيڪڏهن ڪنهن ويٺل تي مڪاشفو نازل ٿئي تہ ڳالهائيندڙ بس ڪري کيس ڳالهائڻ ڏئي.


انهيءَ سان گڏ خدا جي پاڪ روح کي رنج نہ ڪريو، جيڪو انهيءَ ڏينهن لاءِ اوهان تي مُهر آهي جڏهن اوهين ڇڏايا ويندا.


انهن سان گڏ ايمان جي ڍال کڻو، جنهن سان اوهين انهيءَ بدڪار يعني شيطان جي سڀني ٻرندڙ تيرن کي اُجھائي سگھو.


جيڪڏهن ڪو پيغام ٻڌائيندي چوي ٿو تہ ”هي خدا جو پيغام آهي“ تہ ان کي اجايو نہ سمجھو.


جيڪا نعمت تو کي خدا جي فرمان جي وسيلي ڪليسيا جي اڳواڻن جي هٿن رکڻ سان ملي هئي، تنهن کان غافل نہ رهہ.


انهيءَ سبب آءٌ تو کي ياد ٿو ڏياريان تہ تون پاڻ ۾ موجود خدا جي انهيءَ نعمت کي شعلي وانگر ڀڙڪاءِ، جيڪا منهنجي هٿن رکڻ جي وسيلي تو کي مليل آهي.


سموئيل ائين ئي ڪيو جيئن خداوند فرمايو هئس. هو جڏهن بيت‌لحم ۾ آيو تہ شهر جا اڳواڻ ڏڪندا سندس استقبال لاءِ آيا ۽ پڇيائونس تہ ”تون خير سان تہ آيو آهين؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan