Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 4:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪوبہ ايمان وارو پنهنجي ڪنهن هم‌ايمان سان زيادتي يا ٺڳي ڪندي سندس گھر تي بري نظر نہ رکي. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوهان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آهي تہ خداوند اهڙن سڀني گناهن جي سزا ڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ ڪوبہ ماڻهو انهيءَ نسبت ۾ پنهنجي ڀاءُ سان زيادتي نہ ڪري، ۽ نڪي ساڻس ٺڳي ڪري، ڇالاءِ جو خداوند انهن سڀني ڳالهين جو بدلو ڏيندو، جيئن ڪ اسان اڳي بہ اوهان کي چتايو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

6 سو انهيءَ ڳالهہ ۾ ڪوبہ وشواسي پنهنجي ڪنهن هم‌وشواسيءَ سان زيادتي يا ٺڳي ڪندي سندس گھر تي بري نظر نہ رکي. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوهان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آهي تہ پرڀو اهڙن سڀني پاپن جي سزا ڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

6 سو انھيءَ معاملي ۾ ڪوبہ ماڻھو پنھنجي ھم⁠ايمان سان زيادتي يا ٺڳي نہ ڪري. جيئن تہ اسان اڳي ئي اوھان کي ٻڌايو ۽ خبردار ڪيو آھي تہ خداوند اھڙن سڀني گناھن جي سزا ڏيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 4:6
50 Iomraidhean Croise  

اي خداوند! مون کي پڪ آهي تہ تون مسڪينن جي وڪالت ڪندين. هائو، تون محتاجن کي سندن حق ڏياريندين.


اي خداوند! اي بدلو وٺندڙ خدا! هائو، اي بڇڙن کان بدلو وٺندڙ خدا! پنهنجو جلال ڏيکار.


اوهين چوري نہ ڪريو.


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي گھر جي لالچ نہ ڪريو، نہ سندس زال جي لالچ ڪريو، نڪي سندس ٻانهي، سندس ٻانهيءَ، سندس ڍڳن، سندس گڏهہ ۽ نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن ٻيءَ شيءِ جي لالچ ڪريو.“


ماپ تور ۾ بي‌ايمانيءَ کان خداوند کي نفرت آهي، مگر صحيح تور کي هو پسند ٿو فرمائي.


تور ۽ ماپ ۾ ايمانداريءَ کي خداوند پسند ٿو ڪري، هائو، سچائيءَ سان واپار ڪرڻ ۾ هو خوش ٿو ٿئي.


خريداريءَ وقت هر ڪو مهانگائيءَ جون دانهون ٿو ڪري، مگر ٻاهر نڪري ٻٽاڪ هڻي ٿو تہ اها شيءِ سستي ملي آهي.


ماپ ۽ تور ۾ بي‌ايماني ڪرڻ کان خداوند کي نفرت آهي، هائو، کوٽي تارازي رکڻ بڇڙائي آهي.


جيڪو پنهنجي والدين سان ٺڳي ٿو ڪري، ۽ سمجھي ٿو تہ اهو ڪو گناهہ ناهي، سو ڪنهن رهزن کان گھٽ نہ آهي.


جيڪڏهن اوهين ملڪ ۾ غريبن تي ظلم ٿيندي ڏسو ۽ ڪنهن ظالم عملدار هٿان انصاف ۽ عدالت کي بگاڙيندي ڏسو، تڏهن انهيءَ ڳالهہ تي اوهين حيران نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ظالم عملدار مٿان بہ ٻيا ظالم عملدار آهن ۽ وري انهن سڀني مٿان ڪو ٻيو بہ آهي.


اهو محبوب قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ سندس اهو انگورن وارو باغ بني اسرائيل آهي، جنهن جون وڻندڙ وليون بني يهوداہ آهن. خداوند انصاف جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي خونريزي ئي خونريزي آهي. هن حق سچ جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي مظلومن جي دانهن ۽ ڪوڪ آهي.


جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رن‌زال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بي‌ڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا،


ياد رکو، پنهنجن دوستن کان خبردار رهو، پنهنجن ڀائرن تي بہ اعتبار نہ رکو، ڇاڪاڻ تہ ڀاءُ ڀاءُ سان دغا ٿو ڪري ۽ دوست دوست جي گلا ٿو ڪري.


تنهنڪري ياد رک، تو ۾ جيڪا لٽ ڦر ۽ خونريزي ڪئي ٿي وڃي، تنهن جي ڪري آءٌ تو تي پنهنجي غضب وچان هٿ کڻندس.


اوهين چوري نہ ڪجو، نڪي هڪٻئي سان دوکو ڪجو ۽ نہ وري ڪوڙ ڳالهائجو.


اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ تي ظلم نہ ڪجو، نڪي کانئس ڪجھہ ڦري وٺجو. اوهين مزدور جي مزدوري هڪ رات لاءِ بہ پاڻ وٽ روڪي نہ رکجو.


جيڪڏهن اوهين پنهنجي قوم واري کي ڪا زمين وڪڻو يا کانئس خريد ڪريو، تہ هڪٻئي جي مجبوريءَ جو ناجائز فائدو نہ وٺجو.


اوهين هڪٻئي سان دوکو نہ ڪجو. مون پنهنجي خدا جو خوف ڪندا رهجو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


هو ماڻهن ۽ سندن گھراڻن تي ظلم ڪندي سندن ميراث کسي ٿا وٺن. هائو، اهي لالچ ڪندي ماڻهن جون ٻنيون ۽ گھر زبردستيءَ سان هٿ ٿا ڪن.


ويل آهي يروشلم شهر لاءِ! جيڪو فساد، پليتيءَ ۽ ظلم سان ٽمٽار آهي.


پر خداوند اڃا شهر ۾ آهي، هو ئي سچار آهي ۽ ڪڏهن بہ بي‌انصافي نہ ڪندو آهي. هو هر روز انصاف ڪندو آهي، ۽ ڪڏهن بہ هن ڪم کان نہ ٿو ڦري. تنهن هوندي بہ بي‌انصاف ماڻهوءَ کي شرم ئي ڪونہ ٿو اچي.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ اوهان وٽ ايندس ۽ جادوگرن، زناڪارن، ڪوڙا قسم کڻندڙن، پورهيت کي پوري مزدوري نہ ڏيندڙن، رنن‌زالن ۽ يتيمن تي ظلم ڪندڙن ۽ اوهان منجھہ رهندڙ ڌارين سان ناحق ڪندڙن، انهن سڀني جو آءٌ تڪڙو فيصلو ڪندس، ڇو تہ هو اهي ڪم ڪندي مون کان ڪين ٿا ڊڄن.“


باقي تو کي حڪمن جي تہ خبر آهي تہ ’خون نہ ڪر،‘ ’زنا نہ ڪر،‘ ’چوري نہ ڪر،‘ ’ڪوڙي شاهدي نہ ڏي،‘ ’ٺڳي نہ ڪر‘ ۽ ’پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر.‘“


پر آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا کان ڊڄو، جيڪو مارڻ کان پوءِ دوزخ ۾ وجھڻ جي اختياري بہ رکي ٿو. سو بس، رڳو انهيءَ کان ئي ڊڄندا رهو.


جيئن تہ مون کي پنج ڀائر آهن، سو هو انهن کي وڃي تاڪيد ڪري تہ متان اهي بہ هن عذاب واري جاءِ ۾ اچي پون.‘


جڏهن تہ جيڪي ماڻهو پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري سچ کي دٻائي ٿا ڇڏين، تن جي اهڙي بي‌ديني ۽ بڇڙائيءَ سبب آسمان مان خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


اي منهنجا عزيزؤ! پاڻ ڪڏهن بہ بدلو نہ وٺو، پر اهو خدا جي غضب تي ڇڏي ڏيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ خداوند فرمائي ٿو تہ ”بدلو وٺڻ منهنجو ڪم آهي، آءٌ ئي سزا ڏيندس.“


ڇاڪاڻ تہ هو اوهان جي ڀلي لاءِ خدا جو خادم آهي. پر جيڪڏهن اوهين بڇڙا ڪم ڪريو ٿا تہ هن کان ڊڄو، ڇو تہ هو بنا سبب جي تلوار نہ ٿو کڻي. هو خدا جو خادم آهي تہ جيئن سندس غضب موجب بڇڙي کي سزا ڏئي.


هاڻي ڏسو، اوهان جي غمگيني جيڪا خدا جي مرضيءَ موجب هئي، تنهن اوهان ۾ ڪيڏو نہ اثر پيدا ڪيو. هائو، انهيءَ اوهان ۾ پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيڏي نہ سرگرمي، غلط ڪمن تي ڪيڏو نہ رنج، خدا جو ڪيڏو نہ خوف، ڪيڏي نہ سڪ ۽ ڪيڏو نہ جذبو پيدا ڪيو ۽ اوهين ڏوهاريءَ کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڪيڏا نہ تيار ٿيا. ائين اوهان هر طرح سان ثابت ڪري ڏيکاريو تہ اوهين هن معاملي ۾ بي‌ڏوهي آهيو.


بغض، نشي‌بازي، عياشي ۽ ٻيا اهڙا ڪم. انهن بابت جيئن اڳي بہ مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، تيئن هاڻي بہ خبردار ٿو ڪريان تہ جيڪي اهڙا ڪم ڪن ٿا سي خدا جي بادشاهيءَ ۾ داخل ٿيڻ جا حقدار ڪين ٿيندا.


جيئن تہ اسين خداوند عيسيٰ جا آهيون، تنهنڪري آءٌ اوهان کي تاڪيد ڪندي چوان ٿو تہ اوهين غير قومن واري غلط رستي کي ڇڏي اڳتي سندن اجاين خيالن موجب زندگي نہ گذاريو.


چوري ڪرڻ وارو اڳتي چوري نہ ڪري، پر اٽلندو ڪو چڱو ڪم اختيار ڪندي پنهنجي هٿن سان محنت ڪري، تہ جيئن ڪنهن ضرورتمند کي ڏيڻ لاءِ بہ وٽس ڪجھہ هجي.


خبردار، متان اهڙن ماڻهن جي اجاين ڳالهين سان اوهين ٺڳجي وڃو، ڇاڪاڻ تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري نافرمانن تي خدا جو غضب نازل ٿئي ٿو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل مان ڪنهن کي اغوا ڪري پاڻ وٽ غلام بڻائي يا وڪڻي ڇڏيس ۽ پڪڙجي پوي، تہ انهيءَ اغوا ڪندڙ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


هاڻ سندن مصيبت جو اهو ڏينهن ويجھو آهي، جڏهن خدا بدلو وٺي کين سزا ڏيندو. هائو، اهو ڏينهن اچي پهتو آهي جڏهن سندن پير تِرڪي پوندا، ۽ اهي هڪدم تباهہ وَ برباد ڪيا ويندا.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ جهڙيءَ طرح ڪو پيءُ پنهنجي ٻارن سان هلندو آهي، تهڙيءَ طرح اسين بہ اوهان مان هر هڪ سان هلياسين.


۽ انهن کي سزا ڏيندو جيڪي سندس بابت خوشخبريءَ کي نہ ٿا مڃين ۽ نہ وري خدا کي ٿا ڄاڻين.


سڀني ماڻهن جي نظر ۾ شادي عزت جي ڳالهہ هئڻ کپي ۽ زال مڙس کي هڪٻئي سان وفادار هئڻ گھرجي. ياد رکو، خدا حرامڪارن ۽ زناڪارن جي خلاف فتويٰ جاري ڪندو.


ڏسو، پاڪ ڪلام ۾ اهو بيان ڪيو ويو آهي تہ ”اي خدا! انسان ڇا آهي، جو تون هن کي ياد ڪرين، يا انسان جو اولاد ڇا آهي، جو تون هن جو فڪر ڪرين.


پوءِ ڇو اوهين غريبن جي بي‌عزتي ٿا ڪريو؟ اوهان تي ظلم ڪرڻ وارا تہ دولتمند آهن. ڇا اهي اوهان کي ڪورٽ ۾ گهلي وٺي نہ ٿا وڃن؟


ڏسو، جن مزدورن اوهان جي ٻنين ۾ لابارو ڪيو، تن جي مزدوري جيڪا اوهان ناانصافي ڪري رکي ڇڏي آهي، سا رڙيون ڪري پڪاري پيئي ۽ لاباري ڪرڻ وارن جون دانهون قادرِمطلق خداوند جي ڪنن تائين وڃي پهتيون آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan