Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 4:17 - Muslim Sindhi Bible

17 انهيءَ کان پوءِ اسان ايمان وارن مان جيڪي ان وقت جيئرا هوندا سي انهن سان گڏ ڪڪرن ۾ مٿي کنيا ويندا، تہ جيئن هوا ۾ خداوند عيسيٰ جو استقبال ڪن. انهيءَ طرح اسين سڀ خداوند عيسيٰ سان هميشہ گڏ رهنداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 انهن کانپوءِ اسين جي جيئرا آهيون ۽ ڇڏيا ويا آهيون، سي اُنهن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کڄي وينداسين، انهي لاءِ تہ هوا ۾ خداوند جو استقبال ڪريون: اهڙيءَ طرح اسين هميشہ خداوند سان گڏ رهنداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

17 انهيءَ کان پوءِ اسان وشواسين مان جيڪي ان وقت جيوت هوندا سي انهن سان گڏ ڪڪرن ۾ مٿي کنيا ويندا، تہ جيئن هوا ۾ پرڀو يسوع جو ڀليڪار ڪن. انهيءَ طرح اسين سڀ پرڀو يسوع سان هميشہ گڏ رهنداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

17 انھيءَ کان پوءِ اسين، جيڪي اڃا تائين جيئرا ۽ ڇڏيل ھونداسين سي انھن سان گڏ مٿي ڪڪرن ۾ کنيا وينداسين، تہ جيئن ھوا ۾ خداوند سان ملاقات ڪريون. اھڙيءَ طرح اسين ھميشہ خداوند سان گڏ رھنداسين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 4:17
33 Iomraidhean Croise  

هاڻ جڏهن آءٌ اوهان وٽان هليو ويندس تڏهن خبر ناهي تہ خداوند جو روح اوهان کي ڪيڏانهن کڻي وڃي. جيڪڏهن آءٌ اخي‌اب کي وڃي ٻڌايان ۽ هو اوهان کي لهي نہ سگھي تہ پوءِ هو مون کي مارائي ڇڏيندو. پر آءٌ اوهان جو خادم ننڍي هوندي کان خداپرست رهيو آهيان.


جيئن هو ڳالهائيندا ۽ هلندا ٿي هليا، تيئن اوچتو ئي اوچتو باهہ جي هڪڙي گاڏي ۽ باهہ جا گھوڙا ظاهر ٿيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ الياس هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن کڄي ويو.


پوءِ هنن کيس چيو تہ ”اسين تنهنجا ٻانها پنجاهہ زورآور ماڻهو آهيون. سو اسان کي موڪل ڏي تہ وڃي تنهنجي مالڪ کي ڳوليون. شايد خداوند جي روح هن کي کڻي وڃي ڪنهن جبل تي يا ڪنهن ماٿريءَ ۾ اڇلايو هجي.“ تنهن تي اليشع وراڻيو تہ ”نہ، اوهين نہ وڃو.“


تون مون کي هميشہ زندگيءَ جي راهہ پيو ڏيکاريندين، ۽ تنهنجي حضور ۾ آءٌ خوشين سان ڀرپور رهندس. هائو، تو سان گڏ رهڻ ۾ مون کي دائمي خوشيون حاصل ٿينديون.


اي خداوند! آءٌ بي‌قصور آهيان، سو تنهنجو ديدار حاصل ڪندس. هاڻ جڏهن آءٌ جاڳي اٿندس تہ تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.


مگر خداوند مون کي پاڻ وٽ قبول ڪندو، ۽ قبر جي پڪڙ کان ڇڏائيندو.


تون پنهنجي هدايت سان منهنجي رهنمائي ڪندو رهندين، ۽ پوءِ آخرڪار تون شان سان مون کي قبول ڪندين.


هائو، جن ماڻهن کي خداوند بچايو آهي، سي خوشيءَ جا گيت ڳائيندي موٽي يروشلم ۾ داخل ٿيندا. اهي هميشہ خوش رهندا، ۽ خوشيون ۽ شادمانا ملهائيندا رهندا. ڏک ۽ غم انهن جي ويجھو بہ ڪونہ ايندو.


مون پنهنجي هن رويا ۾ وڌيڪ ڏٺو تہ آدمزاد جهڙو هڪ شخص آسمان جي ڪڪرن سان گڏ آيو. اهو ازلي هستيءَ وٽ اچي پهتو تہ کيس انهيءَ جي حضور ۾ آندو ويو.


تنهن تي عيسيٰ وراڻيس تہ ”جيئن اوهين سوچو ٿا، تيئن نہ، بلڪ آءٌ اوهان سڀني کي چوان ٿو تہ هاڻي کان پوءِ اوهين ابنِ آدم کي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي تي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“


تنهن تي عيسيٰ وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ آهيان. اوهين ابنِ آدم کي قادرِمطلق جي ساڄي پاسي ويٺل ڏسندا ۽ کيس آسمان وارن ڪڪرن تي ايندي ڏسندا.“


جيڪو منهنجي خدمت ڪرڻ چاهي سو منهنجي پيروي ڪري، تہ جيئن جتي آءٌ آهيان اتي منهنجو خدمتگار بہ هجي. منهنجو پيءُ انهيءَ کي عزت بخشيندو جيڪو منهنجي خدمت ڪندو.“


جڏهن آءٌ وڃي اوهان جي لاءِ جاءِ تيار ڪندس تہ پوءِ موٽي ايندس ۽ اوهان کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندس، تہ جتي آءٌ آهيان اتي اوهين بہ هجو.


اي بابا! آءٌ چاهيان ٿو تہ جيڪي تو مون کي ڏنا آهن سي اتي مون سان گڏ هجن جتي آءٌ هجان، تہ جيئن اهي منهنجو اهو جلوو ڏسن جنهن ۾ تو مون کي پاڻ سان انهيءَ لاءِ شريڪ ڪيو آهي جو دنيا جي پيدا ٿيڻ کان اڳ ئي تون مون سان پيار ڪرين ٿو.


اڃا هن ايترو مس چيو تہ هو انهن جي ڏسندي ئي آسمان ڏانهن کڄي ويو ۽ هڪڙي ڪڪر جي اوٽ ۾ سندن نظر کان غائب ٿي ويو.


جڏهن اهي پاڻيءَ مان ٻاهر نڪتا تہ خداوند جو پاڪ روح فلپس کي کڻي ويو ۽ هو اشدود شهر ۾ وڃي نڪتو. آفيسر وري کيس ڏسي نہ سگھيو، پر خوش خوش پنهنجو رستو وٺي هليو ويو. فلپس اشدود کان قيصريہ شهر ۾ پهچڻ تائين واٽ تي سڀني شهرن ۾ خوشخبري ٻڌائيندو ويو.


هاڻ اسان کي هن جسم ۾ پوري خاطري آهي، تنهن هوندي بہ هن جسم واري گھر کي ڇڏي خداوند عيسيٰ وٽ رهڻ وڌيڪ پسند ڪريون ٿا.


آءٌ ٻنهي ڳالهين جي وچ ۾ منجھي پيو آهيان. منهنجي خواهش تہ اها آهي تہ هن دنيا کي ڇڏي وڃي مسيح سان رهان، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ کان بهتر آهي.


ائين هو اوهان جي دلين کي اهڙو مضبوط ڪري جو جڏهن هو اچي ۽ پنهنجي سڀني چونڊي پاڪ ڪيلن سان گڏ هجي، تڏهن اسان جي خدا پيءُ جي آڏو اوهين پاڪ ۽ بي‌عيب قرار ڏنا وڃو.


انهيءَ بابت اسين اوهان کي خداوند عيسيٰ جي فرمان موجب کولي ٻڌايون ٿا تہ سندس اچڻ وقت اسان مان جيڪي جيئرا هوندا سي ڪنهن بہ طرح انهن کان اڳتي ڪين ٿي ويندا جيڪي قبر ۾ وڃي ستا آهن.


سو اوهين انهن ڳالهين سان هڪٻئي کي همتائيندا ڪريو.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏني، انهيءَ لاءِ تہ سندس اچڻ وقت اسين جيئرا هجون توڙي مئل، تہ بہ ساڻس گڏ جيئرا رهون.


جڏهن تہ اسين خدا جي واعدي ڪيل انهيءَ نئين آسمان ۽ نئين زمين جي انتظار ۾ آهيون جتي سچائي رهي ٿي.


ڏسو، هو ڪڪرن تي ٿو اچي، هر هڪ اک هن کي ڏسندي. اهي بہ کيس ڏسندا جن هن کي گھاءُ ڏيئي ماريو هو، ۽ کيس ايندو ڏسي خوف وچان ڌرتيءَ جون سڀيئي قومون ڇاتي پٽينديون. هائو، ائين ئي ٿيندو. آمين.


ان وقت خدا جو پيغام ڏيندڙ انهن شاهدن آسمان مان هڪڙو وڏو آواز ٻڌو جنهن کين چيو تہ ”هيڏانهن مٿي اچو.“ تنهن تي اهي ٻيئي شاهد ڪڪر ۾ آسمان ڏانهن ويا ۽ دشمن کين ڏسندا رهيا.


عورت کي ٻار ڄائو، يعني اهو پٽ جيڪو لوهہ جي لٺ سان سڀني قومن تي حڪمراني ڪندو. انهيءَ ٻار کي بچائي هڪدم خدا ۽ سندس تخت وٽ آندو ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan