Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 2:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ضرور ياد هوندو تہ جڏهن اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري پئي ٻڌائي، تڏهن اسان رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو بہ ٿي ڪيو تہ جيئن ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهان کي اسان جي محبت ۽ مشقت ياد هوندي: جو اسان رات ڏينهن پورهيو ڪري اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي، تہ متان اوهان مان ڪنهن تي بوجو ٿي پئون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ضرور ياد هوندو تہ جڏهن اسان اوهان کي ايشور جي خوشخبري پئي ٻڌائي، تڏهن اسان رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو بہ ٿي ڪيو تہ جيئن ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي اسان جي محنت ۽ مشقت ضرور ياد ھوندي، ڇالاءِ⁠جو اسان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيڻ لاءِ رات ڏينھن پورھيو ڪري اوھان کي خدا جي خوشخبري ٻڌائي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 2:9
35 Iomraidhean Croise  

سو اسان کي اجازت ڏيو تہ اسين اردن درياءَ ڏانهن وڃون ۽ اتان هڪڙو هڪڙو پڃر کڻي اتي پنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ ٺاهيون.“ هن کين وراڻيو تہ ”ڀلي وڃو.“


پر مون کان اڳ وارا گورنر عوام تي ڳرو ٻوجھہ هئا ۽ کانئن روزاني جي کاڌي پيتي لاءِ چانديءَ جا چاليهہ سڪا وٺندا هئا، بلڪ انهن جا نوڪر بہ عوام تي صاحبي هلائيندا هئا. پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.


هر روز آءٌ هڪ ڍڳو، ڇهہ پليل رڍون ۽ ڪجھہ ڪڪڙيون کاڌي لاءِ تيار ڪرائيندو هئس ۽ هر ڏهين ڏينهن مئي جھجھي انداز ۾ مهيا ڪندو هئس. مون ڪڏهن بہ گورنر جي حيثيت ۾ پنهنجي لاءِ سرڪاري کاڌي پيتي جي گھر نہ ڪئي، ڇاڪاڻ تہ عوام تي اڳي ئي بار ڳرو هو.


جيئن تہ تنهنجو ڳرو هٿ رات ڏينهن منهنجي مٿان هو، سو منهنجي طاقت منهنجي جسم مان ائين ويندي رهي، جيئن اونهاري جي گرمي پاڻيءَ کي سڪائي ڇڏيندي آهي.


اي خداوند! اي منهنجا خدا! تون منهنجو بچائيندڙ آهين، ڏينهن رات آءٌ تنهنجي حضور ۾ دانهون ٿو ڪريان.


هوءَ ڄاڻي ٿي تہ جيڪا تجارت هوءَ ڪري ٿي سا ڪيتري قدر فائديمند آهي. رات جو دير تائين هوءَ پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهي ٿي.


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


تہ پوءِ خدا پنهنجي چونڊيلن سان انصاف نہ ڪندو ڇا، جيڪي رات ڏينهن کيس ٻاڏائين پيا؟ ڇا هو انهن جي مدد ڪرڻ ۾ دير ڪندو؟


۽ جيئن تہ ٻنهي جو تنبن ٺاهڻ وارو ساڳيو ئي ڌنڌو هو، تنهنڪري پولس انهن سان گڏ رهيو ۽ اهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا.


پر مون کي پنهنجي جان جي ڳڻتي نہ آهي، نڪي اها منهنجي لاءِ ڪا قيمت رکي ٿي. مون کي رڳو اهو فڪر آهي تہ آءٌ پنهنجي ڊوڙ پوري ڪريان ۽ جيڪا خدمت خداوند عيسيٰ کان مون کي ڪرڻ لاءِ ملي آهي سا پوري ڪريان، يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


تنهنڪري اوهين سجاڳ رهو ۽ ياد رکو تہ مون ٽن سالن تائين رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر هڪ کي تاڪيد ڪندي سمجھايو آهي.


هي خط مون پولس جي طرفان آهي، جيڪو مسيح يعني عيسيٰ جو ٻانهو آهيان. خدا مون کي رسول ڪري چونڊيو آهي ۽ پنهنجي خوشخبري ٻڌائڻ لاءِ مخصوص ڪيو اٿس.


آءٌ عيسيٰ مسيح جو خادم ٿي غير قومن لاءِ ڪم ڪريان. سو آءٌ ڪاهن جي حيثيت وانگر مسيح بابت خدا جي خوشخبريءَ جي منادي ڪريان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ غير قومون پاڪ روح جي مخصوص ۽ پاڪ ڪرڻ سان خدا جي آڏو نذراني جي صورت ۾ قبول پون.


اهي ڪم ڪرامتن ۽ معجزن جي طاقت وسيلي يعني پاڪ روح جي قدرت سان ڪيا ويا. اهڙيءَ طرح مون يروشلم کان وٺي اُلرڪم علائقي تائين چئني پاسن مسيح بابت خوشخبريءَ جي مناديءَ واري خدمت پوري ڪري ڇڏي آهي.


اسين پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪندي ساڻا ٿي ٿا پئون. جڏهن ماڻهو اسان تي ڦٽ لعنت ٿا ڪن تہ اسين کين دعائون ٿا ڪريون. جڏهن هو اسان کي ستائين ٿا تہ اسين صبر سان ٿا سهون.


پر مون انهن مان ڪوبہ حق استعمال ڪونہ ڪيو آهي، نڪي آءٌ هي انهيءَ لاءِ لکي رهيو آهيان تہ اهڙيون شيون مون کي ملن. آءٌ ان کان پهريائين مرڻ بهتر سمجھان ٿو تہ متان ڪو مون کان اهو فخر کسي وٺي.


تہ پوءِ منهنجو اجورو ڪهڙو آهي؟ اهو ئي تہ خوشخبريءَ جي مفت منادي ڪريان ۽ پنهنجي انهيءَ حق جو فائدو حاصل نہ ڪريان جيڪو مون کي انهيءَ جي منادي ڪرڻ سان حاصل آهي.


ڇا منهنجو ۽ برنباس جو اهو حق نہ آهي تہ خدمت جي بدلي ۾ اسان کي کارايو پيئاريو وڃي؟


مون محنت ۽ سخت پورهيو ڪندي اڪثر اوجاڳا ڪاٽيا آهن ۽ ڪيترا ئي دفعا بنا ڪجھہ کائڻ پيئڻ جي گذاريو آهي. هائو، اڪثر ڪري بکون ڪاٽيون اٿم ۽ سرديءَ ۾ اڻپورن ڪپڙن سان رهيو آهيان.


جنهن وقت آءٌ اوهان وٽ هئس ۽ ضرورتمند ٿي پيس تڏهن بہ آءٌ ڪنهن تي بار ڪين ٿيس، ڇاڪاڻ تہ مڪدُنيا مان ايمان وارن اچي منهنجيون سڀ گھرجون پوريون ڪيون. مون هر ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجھڻ کان پاڻ کي روڪيو ۽ آئيندہ بہ روڪيندو رهندس.


چهبڪن جي مار کائڻ سان، قيد ٿيڻ سان، هنگامن ۾ ڦاسڻ سان، سخت پورهئي سان، ننڊ ڦٽائڻ سان ۽ بکون ڪاٽڻ سان.


هائو، جڏهن آءٌ مڪدُنيا صوبي جي ٿِسلُنيڪي شهر ۾ ئي هئس، تڏهن منهنجي ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ اوهان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا مون ڏانهن مدد موڪلي.


هائو، اوهان جي ايمان واري عمل، محبت ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي خدا پيءُ جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اوهان وٽ اچڻ کان اڳ فلپي شهر ۾ اسان ڪيڏيون نہ تڪليفون سٺيون ۽ ڪيئن نہ اسان کي بي‌عزت ڪيو ويو. پر خدا اسان کي همت ڏني جو سخت مخالفت جي باوجود اسان اوهان وٽ اچي بنا ڪنهن خوف جي مسيح بابت خوشخبري ٻڌائي.


اسان ماڻهن کان پنهنجي تعريف ڪرائڻ بہ نہ گھري، نہ اوهان کان، نہ ڪنهن ٻئي کان، جيتوڻيڪ مسيح جا رسول هئڻ جي حيثيت ۾ اسين اوهان تي هر طرح جو بار وجھي ٿي سگھياسين.


اسين رات ڏينهن دل وَ جان سان دعا گھرندا ٿا رهون، تہ شل وري اوهان سان ملون ۽ اوهان جي ايمان ۾ جيڪا گھٽتائي آهي سا پوري ڪريون.


اها صحيح تعليم سڳوري خدا جي انهيءَ عظمت ڀري خوشخبريءَ موجب آهي، جيڪا منهنجي حوالي ڪئي ويئي آهي.


انهيءَ سبب ئي اسين محنت ۽ سخت ڪوشش ٿا ڪريون، ڇاڪاڻ تہ اسان جي اميد انهيءَ جيئري خدا تي رکيل آهي جيڪو سڀني ماڻهن، خاص ڪري ايمان وارن کي ڇوٽڪارو ڏيندڙ آهي.


اهڙي رن‌زال جيڪا سچ پچ نڌڻڪي ۽ بلڪل اڪيلي آهي، سا خدا تي آسرو ٿي رکي ۽ مدد لاءِ رات ڏينهن خدا کي منٿون ڪرڻ ۽ دعا گھرڻ ۾ مشغول ٿي رهي.


جنهن خدا جي عبادت منهنجي ابن ڏاڏن ڪئي، آءٌ بہ انهن وانگر صاف‌دليءَ سان انهيءَ جي عبادت ڪندي ۽ پنهنجين دعائن ۾ رات ڏينهن سدائين تو کي ياد ڪندي خدا جو شڪر ادا ٿو ڪريان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan