Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.ٿسلونيڪين 1:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اي ڀائرو ۽ ڀينرون، اي خدا جا پيارؤ! اهو ڄاڻيندي اسين خدا جا شڪرانا ادا ٿا ڪريون تہ هن اوهان کي چونڊي ورتو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 اي ڀائرو، خدا جا پيارا، اسان کي خبر آهي تہ اوهين چونڊيل آهيو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 اي ڀائرو ۽ ڀينرون، اي ايشور جا پيارؤ! اهو ڄاڻيندي اسين ايشور جو شڪر ٿا ڪريون تہ هن اوهان کي چونڊي ورتو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اسين ڄاڻون ٿا تہ اوھين خدا جا پيارا ۽ چونڊيل آھيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.ٿسلونيڪين 1:4
14 Iomraidhean Croise  

هي خط اوهان سڀني ڏانهن آهي، جيڪي روم شهر ۾ خدا جا پيارا آهيو ۽ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيا ويا آهيو. شل اوهان تي اسان جي پيءُ خدا ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جو فضل ۽ سلامتي هجي.


اهو هوسيع نبيءَ جي پاڪ لکت مطابق آهي، جنهن ۾ خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪا منهنجي قوم نہ هئي، تنهن کي پنهنجي قوم سڏيندس، ۽ جيڪا مون کي پياري نہ هئي، تنهن کي پياري چوندس.“


هن ئي اسان کي دنيا بڻائڻ کان اڳ مسيح ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چونڊي ڇڏيو، تہ جيئن اسين سندس آڏو محبت ۾ پاڪ ۽ بي‌عيب هجون.


تنهنڪري جيئن اوهين خدا جا چونڊيل، پاڪ ۽ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ، مهربانيءَ، نِوڙت، نماڻائيءَ ۽ صبر کي پوشاڪ وانگر پهري ڇڏيو.


هائو، اوهان جي ايمان واري عمل، محبت ڀري محنت ۽ انهيءَ ثابت قدميءَ کي اسين پنهنجي خدا پيءُ جي آڏو سدائين ياد پيا ڪريون، جيڪا اوهان کي اسان جي خداوند عيسيٰ مسيح ۾ اميد رکڻ جي ڪري آهي.


پر اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اي خداوند جا پيارؤ! اسان تي لازم آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ادا ڪندا رهون، ڇاڪاڻ تہ هن شروع ۾ ئي اوهان کي انهيءَ لاءِ چونڊي ڇڏيو هو تہ اوهين پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي ۽ سچ تي ايمان آڻي ڇوٽڪارو حاصل ڪريو.


خدا پيءُ پنهنجي ارادي موجب اڳ ۾ ئي پاڪ روح جي وسيلي اوهان کي مخصوص ڪري چونڊيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين عيسيٰ مسيح جا فرمانبردار ٿيو ۽ سندس رت ڇٽڪارڻ سان پاڪ ڪيا وڃو. شل اوهان تي فضل ۽ سلامتي وڌندي رهي.


تنهنڪري، اي ڀائرو ۽ ڀينرون! پنهنجي سڏ ۽ چونڊ کي يقيني بڻائڻ لاءِ دل وَ جان سان ڪوشش ڪريو، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڪڏهن بہ ٿاٻو نہ کائيندا،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan