Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 9:9 - Muslim Sindhi Bible

9-11 تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ”چڱي ڳالهہ ڪئي اٿيئي. اچ تہ هلون.“ سو هو انهيءَ شهر ڏانهن ويا جتي اهو خدا جو ٻانهو رهندو هو. جڏهن هو شهر ڏانهن مٿي چڙهي رهيا هئا، تڏهن هنن کي ڪجھہ ڇوڪريون مليون جيڪي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر وڃي رهيون هيون. هنن انهن ڇوڪرين کان پڇيو تہ ”ڇا غيبدان هتي آهي؟“ اڳئين زماني ۾ ائين ٿيندو هو جو بني اسرائيل مان جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا جي مرضي معلوم ڪرڻي هوندي هئي تہ هو غيبدان وٽ ويندو هو. جنهن کي هاڻي نبي ٿو سڏجي تنهن کي اڳي غيبدان سڏيو ويندو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 (اڳئين زماني ۾ اسرائيل منجهہ، جڏهن ڪو ماڻهو خدا کان ڪي پڇڻ ويندو هو تڏهن چوندو هو تہ اچو تہ غيب دان وٽ هلون: ڇالاءِ جو جنهن کي هاڻي نبي ٿا سڏين، تنهن کي اڳي غيب دان سڏيندا هئا.)

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 9:9
16 Iomraidhean Croise  

هن کي جاڙا ٻار ٿيڻ وارا هئا. ڄمڻ کان اڳ ۾ ئي اهي ماءُ جي پيٽ ۾ جھيڙو ڪرڻ لڳا. تڏهن هن چيو تہ ”جيڪڏهن مون سان ائين ٿيڻو هو تہ پوءِ مون کي پيٽ ڇو ٿيو؟“ سو هوءَ خداوند کان پڇڻ ويئي.


سو جڏهن دائود صبح جو اٿيو، ان وقت سندس غيبدان جاد نبيءَ کي خداوند فرمايو تہ


خداوند پنهنجي سڀني نبين ۽ غيبدانن جي وسيلي اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن کي تنبيهہ ڪئي هئي تہ ”پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو ۽ منهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي هلو جيڪي مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا هئا ۽ انهيءَ کان پوءِ پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي اوهان کي بہ ڏنا.“


تڏهن خداوند دائود جي جاد نالي غيبدان کي فرمايو تہ


اُهي سڀيئي شيون جيڪي غيبدان سموئيل، بادشاهہ سائول ولد قيس، ابنير ولد نير ۽ يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، وقف ڪيون هيون ۽ ٻين بہ جيڪي ڪجھہ وقف ڪيو هو، سو سڀ سلوميت ۽ سندس مائٽن جي سنڀال هيٺ هو.


دائود بادشاهہ جي بادشاهيءَ جون ڳالهيون، شروع کان وٺي آخر تائين، سڀيئي سموئيل، ناتن ۽ جاد، ٽنهي نبين جي تواريخ جي ڪتابن ۾ لکيل آهن.


اهي سڀيئي جيڪي دربان طور چونڊيا ويا سي ٻہ سؤ ٻارهن ڄڻا هئا. انهن جو شمار سندن نسب‌نامي موجب سندن ڳوٺن ۾ ڪيو ويو. انهن دربانن کي دائود بادشاهہ ۽ سموئيل نبيءَ مقرر ڪيو هو.


انهيءَ ڳالهہ تي آسا ڏاڍو ڪاوڙيو، سو حناني غيبدان کي زنجيرن سان ٻڌي قيد ڪرائي ڇڏيائين. انهيءَ سان گڏوگڏ هن ڪن ٻين ماڻهن تي بہ ظلم ڪيو.


انهيءَ دوران حناني غيبدان يهوداہ جي بادشاهہ آسا وٽ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”جيئن تہ تو ارام جي بادشاهہ تي ڀروسو ڪيو ۽ خداوند پنهنجي خدا تي توڪل نہ رکي اٿيئي، تنهنڪري ارام جي بادشاهہ جو لشڪر تنهنجي هٿن مان بچي نڪري ويو.


خداوند اوهان جي دل ۽ دماغ کي بيهوش ڪري ڇڏيو آهي. هن اوهان جي اکين يعني اوهان جي نبين کي انڌو ڪيو آهي، هائو، هن ڄڻ اوهان جي چهري تي چادر وجھي ڇڏي آهي، جو اوهان جي انهن غيبدانن کي ڏسڻ کان محروم ڪيو اٿس.


اهي غيبدانن ۽ نبين کي پيغام ٻڌائڻ کان منع ڪندي چون ٿا تہ ’اوهين رويائن ڏانهن ڌيان ڏيندي اسان کي حق سچ جون ڳالهيون ٻڌائڻ بجاءِ، رڳو اسان جي پسند جون ڳالهيون ٻڌايو، توڙي اهي ڪوڙيون ئي ڇو نہ هجن.


تنهن کان پوءِ امصياہ پاڻ عاموس کي چيو تہ ”اي غيب ڏسندڙ! هاڻي هليو وڃ. تون پنهنجي يهوداہ ملڪ ڏانهن موٽي وڃ. اُتي وڃي اڳڪٿيون ڪري پنهنجو پيٽ پال.


جيڪڏهن سڄو بدن اک هجي ها تہ ٻڌڻ ڪٿان ٿئي ها؟ يا جيڪڏهن سڄو بدن ڪن هجي ها تہ سنگھڻ ڪٿان ٿئي ها؟


يشوع جي وفات کان پوءِ بني اسرائيل قوم خداوند کان پڇيو تہ ”اسان جي قبيلن مان ڪير پهريائين اڳتي وڌي ڪنعانين تي حملو ڪري؟“


تڏهن هنن چيس تہ ”مهرباني ڪري خدا کان پڇي اسان کي ٻڌاءِ تہ اسان جو پنڌ سجايو ٿيندو يا نہ.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan