Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 9:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پر نوڪر ورندي ڏنس تہ ”سائين، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي جنهن جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي، ڇو تہ هو جيڪي چوندو آهي سو سڀ پورو ٿيندو آهي. سو هاڻي هل تہ وٽس هلون، شايد هو اسان کي ٻڌائي ڇڏي تہ اسين ڪهڙو رستو وٺون.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ۽ هن چيس تہ هاڻي ڏس، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي، ۽ اُهو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي سڀ عزت ٿا ڏين؛ جيڪي هو چوي ٿو سو سڀ ٿيو پوي: هاڻي هل تہ اُتي هلون؛ شايد هو اسان کي ٻڌائي سگهي تہ ڪهڙو رستو وٺون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 9:6
16 Iomraidhean Croise  

اڄ جڏهن آءٌ کوهہ تي آيس تہ دعا گھريم تہ ’اي خداوند، منهنجي مالڪ ابراهيم جا خدا! منهنجو پنڌ سجايو ڪر.


بادشاهہ صدوق ڪاهن کي اهو بہ چيو تہ ”تون سٺو سمجھدار آهين، سو تون پنهنجي پٽ اخيمعض ۽ ابي‌ياتر پنهنجي پٽ يونتن سان گڏ، يعني اوهين ٻيئي پنهنجن پٽن سميت سلامتيءَ سان شهر ڏانهن موٽي وڃو.


تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو خداوند جي حڪم سان يهوداہ مان بيت‌ايل ۾ آيو. ان وقت يربعام قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ بيٺي قربانيون پيش ڪري رهيو هو.


جڏهن خدا جي ٻانهي اليشع ٻڌو تہ اسرائيل جي بادشاهہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن، تڏهن هن ڏانهن چوائي موڪليائين تہ ”تو ڇو پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن؟ انهيءَ ماڻهوءَ کي مون ڏانهن موڪل تہ کيس خبر پوي تہ اسرائيل ۾ ڪو نبي آهي.“


خدا جي بندي کانئس پڇيو تہ ”انهيءَ جو ڦر ڪٿي ڪريو آهي؟“ هن اها جاءِ ڏيکاريس. تڏهن اليشع هڪڙي ڪاٺي وڍي انهيءَ هنڌ اڇلائي تہ ڪهاڙيءَ جو ڦر ٻاهر نڪري ترڻ لڳو.


جيڪي ماڻهو تنهنجو خوف رکن ٿا، تن کي ئي تون پنهنجو وڻندڙ رستو ڏيکارين ٿو.


آءٌ جيڪو پنهنجي ٻانهن جي ٻڌايل ڳالهين کي، هائو، پنهنجي پيغمبرن جي ذريعي ٻڌايل منصوبن کي پورو ڪرڻ وارو آهيان، سو يروشلم بابت چوان ٿو تہ اهو وري آباد ٿيندو، ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن بابت تہ اهي ٻيهر اڏيا ويندا. هائو، انهن جا ويران گھر آباديءَ ۾ بدلجي ويندا.


زمين ۽ آسمان ٽري ويندا پر منهنجيون ڳالهيون هرگز نہ ٽرنديون.“


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳ ۾ بني اسرائيل کي برڪت لاءِ جيڪا دعا ڪئي سا هيءَ آهي.


اوهين شاهد آهيو ۽ خدا بہ شاهد آهي تہ اوهان ايمان وارن سان اسان جي هلت چلت ڪهڙي نہ پاڪ، سچي ۽ بي‌داغ هئي.


هائو، سندن انهيءَ خدمت جي ڪري پيار سان کين وڏي عزت ڏيو. اوهين پاڻ ۾ ميل ميلاپ سان رهو.


پر اي خدا جا بندا! تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄجانءِ ۽ سچائيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، ثابت قدميءَ ۽ نماڻائيءَ جو طلبگار رهجانءِ.


تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو ۽ کيس خداوند جو هي فرمان ٻڌايائين تہ ”ڇا جڏهن تنهنجي ڏاڏي هارون جو گھراڻو مصر ۾ فرعون جي غلاميءَ ۾ هو، تڏهن مون هارون کي ڏيکاري نہ ڏني هئي؟


تڏهن نوڪر سائول کي ورندي ڏني تہ ”سائين، مون وٽ ٽي گرام چانديءَ جو هڪ ننڍو سڪو آهي. اهو کڻي آءٌ انهيءَ خدا جي ٻانهي کي ڏيندس تہ جيئن هو اسان کي ڪو رستو ٻڌائي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan