Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 9:2 - Muslim Sindhi Bible

2 کيس هڪڙو جوان ۽ خوبصورت پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو. بني اسرائيل ۾ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪوبہ پُرڪشش ماڻهو ڪونہ هو. هو ايترو تہ ڊگھو هو جو ٻيا ماڻهو سندس ڪلهن تائين پهچندا هئا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ انهي کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو، ۽ هو سهڻو جوان هو: ۽ بني اسرائيل ۾ انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪو خوبصورت ماڻهو ڪونہ هو: ڪلهن کان وٺي ۽ مٿي، هو ٻين سڀني ماڻهن کان ڊگهو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 9:2
10 Iomraidhean Croise  

تڏهن آسماني مخلوق ڏٺو تہ ماڻهن جون ڇوڪريون سهڻيون آهن. سو انهن مان جيڪا جنهن کي وڻي سا هن پنهنجي زال ڪئي.


نير کي قيس نالي پٽ ڄائو ۽ قيس کي سائول ڄائو. سائول کي هي پٽ ڄاوا: يونتن، ملڪيشوع، ابينداب ۽ اشبعل.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نہ ئي ڪو زورآور پنهنجي زور تي فخر ڪري، نہ وري دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري،


اسان اتي راڪاس بہ ڏٺا جيڪي عناق جو اولاد هئا. اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.“


هن وري بنيامين جي قبيلي کي سندن گھراڻن موجب اڳتي آڻي ڪڻو وڌو تہ اهو مطرين جي گھراڻي جو نڪتو. پوءِ مطرين جي گھراڻي کي اڳتي آڻي سموئيل ڪڻو وڌو تہ اهو قيس جي پٽ سائول جو نڪتو. پر جڏهن هنن انهيءَ کي ڳوليو تہ کيس نہ لڌائون.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ ”هن جي چهري يا قد جي اوچائيءَ تي نظر نہ ڪر. آءٌ هن کي لائق نہ ٿو سمجھان، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند انسان وانگر نہ ڏسندو آهيان. انسان ظاهري صورت کي ٿو ڏسي پر آءٌ خداوند دل تي نظر ٿو ڪريان.“


تڏهن فلستين جي لشڪر مان جات شهر جو رهندڙ هڪڙو چونڊ پهلوان نڪتو، جنهن جو نالو جالوت هو. سندس قد نون فوٽن کان بہ وڌيڪ هو.


هڪ ڏينهن سائول جي پيءُ قيس جا ڪجھہ گڏهہ گم ٿي ويا. سو قيس پنهنجي پٽ سائول کي چيو تہ ”اُٿ، هڪڙو نوڪر پاڻ سان وٺي وڃي گڏهہ ڳولِ.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan