Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 8:5 - Muslim Sindhi Bible

5 کيس چيائون تہ ”عرض آهي تہ جيئن تہ تون پوڙهو ٿي ويو آهين ۽ تنهنجا پٽ تنهنجيءَ راهہ تي پڻ ڪونہ ٿا هلن، تنهنڪري ٻين قومن وانگر تون هاڻي اسان تي ڪو بادشاهہ مقرر ڪر تہ هو اسان جي اڳواڻي ڪري.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

5 ۽ هن کي چيائون تہ ڏس، تون عمر رسيدہ آهين، ۽ تنهنجا پٽ تنهنجي نموني تي نٿا هلن: هاڻي تون اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اهو اسان تي حڪم هلائي، جيئن ٻين قومن لاءِ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 8:5
12 Iomraidhean Croise  

آءٌ بني اسرائيل کي جبلن جي چوٽيءَ تان ڏسان ٿو، هائو، ٽڪرين تان منهنجي مٿن نظر پوي ٿي. هيءَ اُها قوم آهي جيڪا اڪيلي رهي ٿي، ۽ ڄاڻي ٿي تہ هوءَ ٻين قومن کان بي مثال قوم آهي.


تڏهن هنن بادشاهہ جي گھُر ڪئي ۽ خدا بنيامين قبيلي مان قيش جي پٽ سائول کي سندن بادشاهہ مقرر ڪيو، جنهن چاليهن سالن تائين حڪومت ڪئي.


تنهن بعد بني اسرائيل جي ماڻهن جِدعون کي چيو تہ ”تون اسان تي حڪومت ڪر ۽ تو کان پوءِ تنهنجا پٽ ۽ پوٽا اسان تي حڪومت ڪن، ڇاڪاڻ تہ تو اسان کي مديانين جي هٿان ڇڏايو آهي.“


پر هاڻ اوهان مون خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو اوهان کي سڀني آفتن ۽ مصيبتن کان بچائيندو آهيان. اوهان مون کي چيو آهي تہ ’اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر.‘ تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن پنهنجن قبيلن ۽ گھراڻن موجب الڳ ٿي مون خداوند جي آڏو بيهو.“


سو هاڻي اهو ئي اوهان جو بادشاهہ آهي، جنهن کي اوهان چونڊيو آهي ۽ جيڪو اوهان گھُري ورتو آهي. ڏسو، خداوند اوهان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.


ڇا هيءَ ڪڻڪ جي لاباري واري خشڪ موسم نہ آهي؟ پر آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ هو گجگوڙون ۽ مينهن موڪلي. پوءِ اوهين ڄاڻيندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گھُري اوهان خداوند جي نظر ۾ ڪيڏي نہ وڏي بڇڙائي ڪئي آهي.“


هاڻي ڏسو، اوهان کي بادشاهہ آهي جيڪو اوهان جي اڳواڻي ڪندو. آءٌ پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ منهنجو مٿو بہ اڇو ٿي ويو آهي. پر منهنجا پٽ اوهان سان گڏ آهن. مون ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اوهان جي اڳواڻي پئي ڪئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan