Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 8:12 - Muslim Sindhi Bible

12 انهن مان ڪن کي هو پنهنجي لاءِ هزار هزار ماڻهن جو سالار ۽ ڪن کي پنجاهہ پنجاهہ ماڻهن جو سالار مقرر ڪندو. ڪن کي هو هر هلائڻ، فصل لڻڻ، جنگ جي هٿيارن جوڙڻ ۽ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 ۽ هو انهن کي پنهنجي لاءِ هزارن جو عملدار، ۽ پنجاهن جو عملدار مقرر ڪندو: ۽ ڪن کي هو پنهنجي زمين کيڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي فصل لڻڻ لاءِ، ۽ جنگ جي هٿيارن جوڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجين گاڏين جي اوزارن جوڙڻ لاءِ رکندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 8:12
8 Iomraidhean Croise  

بادشاهہ سليمان جا ٻيا ٻارهن عملدار پڻ سڄي بني اسرائيل جي مختلف علائقن مٿان مقرر هئا، جيڪي بادشاهہ ۽ سندس گھراڻي لاءِ سيڌو سامان موجود ڪري ڏيندا هئا. هر هڪ کي سال ۾ هڪ مهيني جي لاءِ سيڌو سامان موجود ڪري ڏيڻو هوندو هو.


موسيٰ لشڪر جي سالارن يعني هزارن ۽ سون جي سالارن تي، جيڪي جنگ تان موٽيا هئا، غصي ٿيو.


پوءِ سائول پنهنجي آس‌پاس بيٺل سالارن کي چيو تہ ”اي بنيامينيؤ! ٻڌو، ڇا يسيءَ جو پٽ دائود اوهان سڀني کي ٻنيون ۽ انگورن جا باغ ڏيندو؟ ڇا هو اوهان سڀني کي پنهنجي فوج ۾ هزارن ۽ سون جو سالار مقرر ڪندو؟


هو اوهان جي ڌيئرن کي عطر ٺاهڻ، کاڌو رڌڻ ۽ مانين پچائڻ جي ڪم تي لڳائيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan