1.سموئيل 8:11 - Muslim Sindhi Bible11 هن کين ٻڌايو تہ ”جيڪو بادشاهہ اوهان تي حڪمراني ڪندو، سو هن قسم جو هوندو جو هو اوهان جي اولاد مان ڪن کي پنهنجي لشڪر جي جنگي گھوڙي گاڏين لاءِ، ڪن کي گھوڙن لاءِ نوڪر ڪري رکندو ۽ ڪي سندس گھوڙي گاڏين جي اڳيان ڊوڙندا هلندا. Faic an caibideilSindhi Bible11 ۽ چيائين تہ جيڪو بادشاهہ اوهان تي حڪم هلائيندو سو هن قسم جو هوندو: اُهو اوهانجن پٽن کي وٺي پنهنجين گاڏين جي لاءِ پاڻ وٽ مقرر ڪندو، ۽ پنهنجن گهوڙن جي خدمت ڪرائيندو؛ ۽ ڪي سندس گاڏين جي اڳيان ڊوڙندا: Faic an caibideil |
ابيسلوم جي موت کان پوءِ ادونياہ جيڪو دائود کي حجيت نالي زال مان ڄاول پٽ هو ۽ ٻين سڀني پٽن کان وڏو هو، سو ڳاٽ مٿي ڪري چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بادشاهہ ٿيندس.“ هن پنهنجي لاءِ گھوڙي گاڏيون، سوار ۽ پنهنجي اڳيان ڊوڙندا هلڻ لاءِ پنجاهہ محافظ بہ تيار ڪيا. هو خوبصورت بہ تمام گھڻو هو ۽ سندس پيءُ هن کي ڄمڻ کان وٺي ڪڏهن ائين چئي بہ نہ رنجايو هو تہ هن هيئن ڪي هونئن ڇو ڪيو آهي.