Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 8:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن سموئيل پوڙهو ٿي ويو تڏهن هن پنهنجي پٽن کي بني اسرائيل لاءِ جج طور مقرر ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سموئيل عمر رسيدہ ٿيو تڏهن هن پنهنجن پٽن کي اسرائيل جا قاضي مقرر ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 8:1
9 Iomraidhean Croise  

تڏهن مون پنهنجي ڀاءُ حنانيءَ سان گڏ قلعي جي سالار حنانياہ کي پڻ يروشلم جو نگران مقرر ڪيو، ڇاڪاڻ تہ حنانياہ هڪ ديانتدار ماڻهو هو ۽ گھڻن ئي ماڻهن کان وڌيڪ خداترس هو.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، عيسيٰ مسيح ۽ خاص ملائڪن کي حاضر ناظر ڄاڻي بنا ڪنهن تعصب جي انهن هدايتن تي عمل ڪجانءِ ۽ ڪنهن جي بہ طرفداريءَ نہ ڪجانءِ.


يائير کي ٽيهہ پٽ هئا ۽ انهن سڀني کي سواريءَ لاءِ پنهنجو پنهنجو گڏهہ هو. انهن کي جِلعاد علائقي ۾ ٽيهہ شهر هئا جيڪي اڄ ڏينهن تائين يائير جا ڳوٺ سڏبا آهن.


هن کي چاليهہ پٽ ۽ ٽيهہ پوٽا هئا ۽ انهن سڀني کي سواريءَ لاءِ پنهنجو پنهنجو گڏهہ هو.


اي اڇن گڏهن تي قيمتي گدن مٿان سواري ڪرڻ وارؤ! ۽ رستي تي پنڌ هلڻ وارؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ جو ذڪر ڪريو.


هاڻي ڏسو، اوهان کي بادشاهہ آهي جيڪو اوهان جي اڳواڻي ڪندو. آءٌ پوڙهو ٿي ويو آهيان ۽ منهنجو مٿو بہ اڇو ٿي ويو آهي. پر منهنجا پٽ اوهان سان گڏ آهن. مون ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اوهان جي اڳواڻي پئي ڪئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan