Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 7:4 - Muslim Sindhi Bible

4 سو بني اسرائيل پنهنجن معبودن بعل ديوتائن ۽ عستارات ديويءَ جون مورتيون ڪڍي اڇلائي ڇڏيون ۽ رڳو خداوند جي عبادت ڪرڻ لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 تڏهن بني اسرائيل بعليم، ۽ عستارات کي اُڇلائي ڇڏيو، ۽ فقط خداوند جي بندگي ڪرڻ لڳا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 7:4
11 Iomraidhean Croise  

اهو انهيءَ ڪري جو هن مون کي ڇڏي صيدانين جي ديوي عستارات، موآب جي ديوتا ڪموس ۽ بني عمون جي ديوتا مولڪ جي پوڄا ڪئي. هو منهنجي واٽن تي ڪونہ هليو نڪي اُهو ڪيائين جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي ۽ نہ وري منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيائين جيئن سندس پيءُ دائود ڪندو رهيو.


هو صيدانين جي ديوي عستارات ۽ عمونين جي ڪراهت جهڙي بت مولڪ جي پٺيان لڳو.


تنهن کان سواءِ يوسياہ اسرائيل ملڪ ڏانهن وڃي اتان جي بيت‌ايل واري غير معبودن جي قربان‌گاهہ ۽ اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌوڪيندڙ يربعام ولد نباط جي جوڙايل ٽڪر واري پوڄا گھر کي بلڪل ڊهرائي ڇڏيو. هائو، هن اهو پوڄا گھر ساڙائي ۽ لتاڙائي خاڪ ڪرائي ڇڏيو ۽ يسيرہ وارا ٿنڀا پڻ ساڙائي ڇڏيائين.


اشور جو لشڪر اسان کي بچائي نہ سگھندو، نڪي جنگي گھوڙا اسان کي بچائي سگھندا. هاڻي اسين پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن کي وري نہ چونداسين تہ ’اوهين اسان جا خدا آهيو،‘ بيشڪ اي خداوند! تون ئي آهين، جيڪو اسان يتيمن تي رحم ڪري سگھين ٿو.“


تڏهن اسرائيل وارا هيئن چوندا تہ ’هاڻي اسان جو بتن سان ڪهڙو واسطو؟‘ آءٌ خداوند انهن جون دعائون ٻڌندس، ۽ سندن حفاظت ڪندس. آءٌ هنن لاءِ هميشہ سرسبز وڻ جهڙو ٿيندس، ۽ هو مون مان هر وقت جھجھو ڦل حاصل ڪندا.“


پوءِ بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ هو بعل ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


هو خداوند کي ڇڏي بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


تڏهن سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ دل سان خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيو، تہ پوءِ ڌارين معبودن ۽ عستارات ديويءَ جي مورتين کي پاڻ وٽان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي دل سان خداوند جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. تڏهن ئي هو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.“


سموئيل مصفاہ ۾ بني اسرائيل جو رهبر مقرر هو. سو هن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي مصفاہ ۾ گھرايو تہ جيئن هو انهن جي معافيءَ لاءِ خداوند کان دعا گھري. تڏهن اهي سڀيئي مصفاہ ۾ اچي گڏ ٿيا. هنن پاڻي ڀري خداوند جي آڏو هاريو ۽ انهيءَ ڏينهن روزو رکيائون. اُتي هنن قبول ڪيو تہ ”اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan