Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 7:2 - Muslim Sindhi Bible

2 عهد واري صندوق کي قريت‌يعريم ۾ رکئي ويهن سالن جو ڊگھو عرصو گذري ويو. انهيءَ عرصي دوران بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو مدد لاءِ خداوند کي ٻاڏائيندا رهيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ هيئن ٿيو تہ جنهن ڏينهن صندوق قريت يعريم ۾ رهي، تنهن کان پوءِ گهڻو عرصو گذريو؛ يعني ويهہ ورهيہ گذريا: پوءِ اسرائيل جو سارو گهراڻو خداوند جي اڳيان گڏ ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 7:2
13 Iomraidhean Croise  

پوءِ اسين هلي پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق موٽائي کڻي اچون، ڇاڪاڻ تہ سائول جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کي نظرانداز ڪيو هو.“


پوءِ دائود ڏکڻ طرف مصر جي سيحور نديءَ کان وٺي اتر ۾ حمات لڪ تائين بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي سڏائي گڏ ڪيو، تہ جيئن قريت‌يعريم مان خدا جي عهد واري صندوق کڻي اچڻ وقت اهي موجود هجن.


انهن کان علاوہ اخيقام ولد سافن نالي هڪڙي مکيہ ماڻهوءَ جي حمايت ڪرڻ ڪري مون کي قتل ڪرڻ لاءِ ماڻهن جي حوالي نہ ڪيو ويو. يهويقيم جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ ئي اورياہ ولد سمعياہ نالي هڪڙو نبي پنهنجي شهر قريت‌يعريم کان يروشلم ۾ اچي خداوند جي نالي سان اڳڪٿي ڪرڻ لڳو. هن بہ انهن ساڳين ئي ڳالهين جي اڳڪٿي ٿي ڪئي جيڪي مون يرمياہ هن شهر ۽ ملڪ جي خلاف ڪيون هيون. جڏهن يهويقيم بادشاهہ، سندس لشڪرن جي سمورن سالارن ۽ عملدارن هن جون ڳالهيون ٻڌيون تڏهن بادشاهہ هن کي مارڻ جو حڪم جاري ڪيو. پر اورياہ نبيءَ کي اهو پتو پئجي ويو سو هو ڊڄي مصر ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو. پوءِ بادشاهہ يهويقيم الناتن ولد عڪبور سان گڏ ڪجھہ ٻيا ماڻهو مصر ڏانهن موڪليا، جيڪي اورياہ کي مصر مان پڪڙي يهويقيم بادشاهہ وٽ وٺي آيا. بادشاهہ هن کي تلوار سان قتل ڪرائي ڇڏيو ۽ سندس لاش عام ماڻهن جي قبرستان ۾ ڦٽو ڪيو ويو.


اوهين رڳو پنهنجو گناهہ باسيو تہ اوهان منهنجي خلاف بغاوت ڪئي آهي ۽ ڇانوري واري هر وڻ هيٺ ڌارين معبودن ڏانهن رجوع ڪيو اٿوَ ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪانہ ڪئي اٿوَ.


هو ڳوڙها ڳاڙيندا ۽ منٿون ڪندا ايندا، تڏهن آءٌ سندن رهنمائي ڪندس. آءٌ کين مٺي پاڻيءَ وارين نهرن وٽان هموار رستي تان آڻيندس، جتي هو ڪو ٿاٻو نہ کائيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اسرائيل وارن جو ابو آهيان، هائو، بني افرائيم منهنجو پهريتو ٻار آهي.“


سڀاڳا آهن اهي جيڪي ڏکويل آهن، ڇاڪاڻ تہ خدا انهن کي تسلي ڏيندو.


سو بني اسرائيل اتان روانا ٿيا ۽ ٽئين ڏينهن تي انهن ماڻهن جي شهرن ۾ اچي پهتا. انهن جا شهر هي هئا: جِبعون، ڪفيرہ، بيروت ۽ قريت‌يعريم.


جڏهن انهيءَ ملائڪ سڄي بني اسرائيل کي خداوند جو اهو فرمان ٻڌائي بس ڪئي تڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو دانهون ڪري روئڻ لڳا.


تڏهن قريت‌يعريم جا ماڻهو آيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق کي کڻي وڃي ابينداب جي گھر ۾ رکيائون، جيڪو ٽڪريءَ تي هو. هنن سندس پٽ اليعزر کي خداوند جي عهد واري صندوق جي سنڀال ڪرڻ لاءِ ڪاهن طور مخصوص ڪيو.


تڏهن سموئيل بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ دل سان خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيو، تہ پوءِ ڌارين معبودن ۽ عستارات ديويءَ جي مورتين کي پاڻ وٽان ڪڍي اڇلائي ڇڏيو ۽ پنهنجو پاڻ کي دل سان خداوند جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ رڳو انهيءَ جي ئي عبادت ڪريو. تڏهن ئي هو اوهان کي فلستين جي هٿن مان ڇڏائيندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan