Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 7:1 - Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن قريت‌يعريم جا ماڻهو آيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق کي کڻي وڃي ابينداب جي گھر ۾ رکيائون، جيڪو ٽڪريءَ تي هو. هنن سندس پٽ اليعزر کي خداوند جي عهد واري صندوق جي سنڀال ڪرڻ لاءِ ڪاهن طور مخصوص ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

1 ۽ قريت يعريم جا ماڻهو آيا، ۽ اُنهن خداوند جي صندوق کڻي ابينداب جي گهر آندي، جو ٽڪريءَ تي هو؛ ۽ انهي جي پٽ اليعزر کي خداوند جي صندوق جي سنڀال لاءِ خاص طرح پاڪ ڪيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 7:1
9 Iomraidhean Croise  

پوءِ اسين هلي پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق موٽائي کڻي اچون، ڇاڪاڻ تہ سائول جي بادشاهيءَ جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کي نظرانداز ڪيو هو.“


دائود چيو هو تہ ”جڏهن اسين بيت‌لحم ۾ هئاسين، تڏهن اسان کي خبر پيئي تہ عهد واري صندوق قريت‌يعريم ۾ آهي. سو اسان اها اتان وڃي کنئي.


اي خداوند جي هيڪل جو سامان کڻي هلڻ وارؤ! روانا ٿيو، هائو، اوهين بابل شهر مان نڪري وڃو. اوهين ڪنهن بہ ناپاڪ شيءِ کي نہ ڇُهو، بلڪ پاڪيزگيءَ سان انهيءَ منجھان نڪري وڃو.


پوءِ اُها سرحد اتان انهيءَ ٽڪري جي اولهہ طرف کان ڦري ڏکڻ ڏانهن قريت‌بعل يعني قريت‌يعريم ڏانهن ويئي. اهو شهر بني يهوداہ جي ملڪيت آهي. اها ئي اولهہ واري سرحد هئي.


سو بني اسرائيل اتان روانا ٿيا ۽ ٽئين ڏينهن تي انهن ماڻهن جي شهرن ۾ اچي پهتا. انهن جا شهر هي هئا: جِبعون، ڪفيرہ، بيروت ۽ قريت‌يعريم.


سو هنن قريت‌يعريم جي رهاڪن ڏانهن قاصد موڪلي چوايو تہ ”فلستي خداوند جي عهد واري صندوق موٽائي کڻي آيا آهن. تنهنڪري اوهين اچو ۽ اها پاڻ وٽ کڻي وڃو.“


عهد واري صندوق کي قريت‌يعريم ۾ رکئي ويهن سالن جو ڊگھو عرصو گذري ويو. انهيءَ عرصي دوران بني اسرائيل جا سڀيئي ماڻهو مدد لاءِ خداوند کي ٻاڏائيندا رهيا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan