1.سموئيل 6:5 - Muslim Sindhi Bible5 سو اوهين پنهنجي بيماريءَ وارين ڳوڙهين ۽ جيڪي ڪوئن اوهان جي فصل ۾ تباهي آندي آهي تن جا مجسما سون مان ٺاهجو. اهڙيءَ طرح اوهين بني اسرائيل جي خدا جي تعظيم ڪريو تہ من هو اوهان تان، اوهان جي معبودن تان ۽ اوهان جي ملڪ تان پنهنجو هٿ هلڪو ڪري. Faic an caibideilSindhi Bible5 تنهنڪري اوهين پنهنجن ڳوڙهين جون، ۽ پنهنجن ڪوئن جون شڪليون جوڙيو، جي ملڪ کي خراب ٿيون ڪن؛ ۽ اوهين اسرائيل جي خدا جو جلال ظاهر ڪريو: تہ من هو اوهان تي، ۽ اوهان جي معبودن تي، ۽ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو هٿ هلڪو ڪري. Faic an caibideil |
سو هنن ماڻهو موڪلي فلستين جي سڀني سردارن کي پاڻ وٽ گھرائي گڏجاڻي ڪئي ۽ پوءِ کين چيائون تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کي ان جي اصلوڪي جاءِ ڏانهن واپس موڪلي ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ متان اها اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي.“ جيئن تہ خداوند جو هٿ اُتي ايتري تہ سختيءَ سان اچي پيو هو جو سڄي شهر ۾ موتمار ٿرٿلو پئجي ويو هو.