Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 6:4 - Muslim Sindhi Bible

4 فلستين کانئن پڇيو تہ ”اسين ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ ڪهڙو نذرانو ڏيون؟“ هنن وراڻيو تہ ”فلستين جي سردارن جي تعداد موجب پنج سون مان ٺهيل ڳوڙهيون ۽ پنج سون مان ٺهيل ڪوئا موڪليو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سڀيئي ۽ اوهان جا سردار انهيءَ هڪڙيءَ ئي آفت ۾ ڦاٿل آهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

4 تڏهن هنن چيو تہ ڪهڙي ڏوهہ جي قرباني اسين هن کي ڏيون؟ ۽ هنن چيو تہ فلستين جي سردارن جي شمار موجب پنج سونيون ڳوڙهيون، ۽ پنج سونا ڪوئا موڪليو: ڇالاءِ جو هڪڙي ئي آفت اوهان سڀني تي، ۽ اوهانجن سردارن تي هئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 6:4
10 Iomraidhean Croise  

بني اسرائيل جي ماڻهن موسيٰ جي چوڻ موجب مصرين کان سون ۽ چانديءَ جا زيور ۽ ڪپڙا گھري ورتا هئا.


سيحور ندي جيڪا مصر جي اوڀر ۾ آهي تنهن کان وٺي اتر ڏانهن عقرون جي سرحد تائين، اهو سمورو علائقو ڪنعانين جو ليکيو ويندو آهي يعني فلستين جي پنجن سردارن غزي، اشدودي، اسقلوني، جاتي ۽ عقروني وارو علائقو ۽ ڏکڻ ۾ عويم جو علائقو پڻ.


تڏهن خداوند جو روح هن تي طاقت ساڻ نازل ٿيو. هو اسقلون شهر ڏانهن ويو، اتي ٽيهہ ماڻهو ماري انهن جو مال ڦريائين ۽ جن ڳجھارت ڀڳي هئي تن کي اهي ڪپڙن جا وڳا ڏنائين. بعد ۾ ڪاوڙ ۾ باهہ ٿي هو پنهنجي گھر موٽي ويو.


جن قومن کي ڇڏيو ويو سي هي هيون: فلستين جا پنج سردار، سمورا ڪنعاني، صيداني ۽ حوي جيڪي لبنان جبلن جي قطار ۾ بعل‌حرمون جبل کان وٺي حمات لڪ تائين رهندا هئا.


شهر وارا سڀيئي ماڻهو ڳوڙهين جي بيماريءَ ۾ وٺجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو مرڻ لڳا. جيڪي اڃا بچيل هئا تن جون دانهون آسمان تائين ٿي پهتيون.


پر خداوند پنهنجو ڳرو هٿ اشدود جي ماڻهن تي کڻي انهن تي آفت نازل ڪئي جو اشدود ۽ ان جي آس‌پاس وارا ڪيترائي ماڻهو ڳوڙهين جي بيماريءَ وچان مرڻ لڳا.


پر جڏهن اها صندوق جات شهر ۾ آندي ويئي تڏهن انهيءَ شهر تي بہ خداوند جو هٿ اهڙيءَ تہ سختيءَ سان پيو جو شهر ۾ وڏو ٿرٿلو مچي ويو. خداوند انهيءَ شهر جي ننڍن توڙي وڏن سڀني ماڻهن کي ڳوڙهين جي بيماريءَ سان مارڻ لڳو.


سو اوهين پنهنجي بيماريءَ وارين ڳوڙهين ۽ جيڪي ڪوئن اوهان جي فصل ۾ تباهي آندي آهي تن جا مجسما سون مان ٺاهجو. اهڙيءَ طرح اوهين بني اسرائيل جي خدا جي تعظيم ڪريو تہ من هو اوهان تان، اوهان جي معبودن تان ۽ اوهان جي ملڪ تان پنهنجو هٿ هلڪو ڪري.


خداوند جي عهد واري صندوق کڻي آڻي انهيءَ گاڏيءَ تي رکو ۽ سون جون جيڪي شيون اوهين ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ نذراني طور خدا کي ڏيو ٿا سي هڪڙي پيتيءَ ۾ وجھي انهيءَ جي ڀرسان آڻي رکو. پوءِ انهيءَ کي روانو ڪري ڇڏيو تہ ڀلي وڃي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan