Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 6:3 - Muslim Sindhi Bible

3 هنن چين تہ ”جيڪڏهن اوهين بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق موڪليو ٿا تہ اها خالي نہ موڪلجو، بلڪ ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ نذراني سميت موٽائي موڪلجو. تڏهن ئي اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيندا ۽ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ هن جو ڳرو هٿ اوهان تان ڇو نہ پئي کڄيو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 تڏهن هنن چيو تہ جي اوهين اسرائيل جي خدا جي صندوق موڪلي ڏيو تہ اُها خالي نہ موڪليو؛ پر ڪنهن قسم جي ڏوهہ جي قربانيءَ سميت موٽائي موڪليو: تڏهن اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيندا، ۽ اوهان کي معلوم ٿيندو تہ هن جو هٿ اوهان تان ڇو کنيو نٿو وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 6:3
15 Iomraidhean Croise  

’اي خدا! مون کي ڏوهاري قرار نہ ڏي، مون کي ٻڌاءِ تہ ڪهڙي سبب تون مون سان وڙهين ٿو؟


اوهين بي‌خميري مانيءَ جي عيد ياد ڪري ملهايو. ابيب مهيني جي مقرر ڪيل وقت تي، جيئن مون اوهان کي حڪم ڪيو آهي، تيئن ست ڏينهن اوهين جيڪا ماني کائو تنهن ۾ خمير بلڪل نہ هجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ مهيني ۾ اوهين مصر مان ٻاهر نڪتا هئا. ڪوبہ منهنجي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


اوهين گڏهہ جي پهرئين ٻچي جي عيوض ۾ هڪڙو گھيٽو يا ڇيلو ڏجو. جيڪڏهن اوهان انهيءَ جو عيوض ڏيڻ نہ چاهيو تہ پوءِ انهيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏجو. پر اوهين پنهنجن سڀني پهريتن پٽن جو عيوض ضرور ڏجو. ڪوبہ مون وٽ خالي هٿين نہ اچي.


هاڻي جڏهن فرعون ڏٺو تہ ڏيڏرن کان سندس جان ڇٽي ويئي آهي، تڏهن پنهنجيءَ دل کي وري سخت ڪيائين ۽ موسيٰ ۽ هارون جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن خداوند اڳي ئي فرمايو هو.


پوءِ هن جيڪو گناهہ ڪيو هجي تنهن جي لاءِ هو مون خداوند جي حضور ۾ پنهنجي پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيءَ لاءِ گھيٽي يا ٻڪري آڻي پيش ڪري، تڏهن ڪاهن سندس گناهہ جو ڪفارو ادا ڪندو.


ان کان علاوہ هو پنهنجي قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ لاءِ ڌڻ مان ايتري قيمت جو هڪڙو بي‌عيب گھٽو مون خداوند جي حضور ۾ آڻي ڪاهن وٽ پيش ڪري، جيتري قيمت جو مقرر ڪرڻ گھرجي.


سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني عيد فصح تي، لاباري جي عيد تي ۽ تنبن واري عيد تي اوهان جي قوم جا سڀيئي مرد ماڻهو، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي اچي حاضر ٿين. انهن مان ڪوبہ خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچي.


سو هنن ماڻهو موڪلي فلستين جي سڀني سردارن کي پاڻ وٽ گھرائي گڏجاڻي ڪئي ۽ پوءِ کين چيائون تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کي ان جي اصلوڪي جاءِ ڏانهن واپس موڪلي ڏيو، انهيءَ لاءِ تہ متان اها اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي.“ جيئن تہ خداوند جو هٿ اُتي ايتري تہ سختيءَ سان اچي پيو هو جو سڄي شهر ۾ موتمار ٿرٿلو پئجي ويو هو.


اشدود جي ماڻهن جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق هاڻ اسان وٽ وڌيڪ نہ رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان تي ۽ اسان جي معبود دجون تي خدا پنهنجو ڳرو هٿ کنيو آهي.“


پر جڏهن اها صندوق جات شهر ۾ آندي ويئي تڏهن انهيءَ شهر تي بہ خداوند جو هٿ اهڙيءَ تہ سختيءَ سان پيو جو شهر ۾ وڏو ٿرٿلو مچي ويو. خداوند انهيءَ شهر جي ننڍن توڙي وڏن سڀني ماڻهن کي ڳوڙهين جي بيماريءَ سان مارڻ لڳو.


خداوند جي عهد واري صندوق کڻي آڻي انهيءَ گاڏيءَ تي رکو ۽ سون جون جيڪي شيون اوهين ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ نذراني طور خدا کي ڏيو ٿا سي هڪڙي پيتيءَ ۾ وجھي انهيءَ جي ڀرسان آڻي رکو. پوءِ انهيءَ کي روانو ڪري ڇڏيو تہ ڀلي وڃي.


ڌيان ڏجو، جيڪڏهن اها پنهنجي سرحد واري رستي کان بيت‌شمس شهر ڏانهن وڃي، تہ ڄاڻجو تہ بني اسرائيل جي خداوند ئي اسان تي هيءَ وڏي آفت آندي آهي، نہ تہ اسين سمجھنداسين تہ انهيءَ ۾ هن جو هٿ ڪين هو. اهو رڳو هڪڙو اتفاق هو جو اسان سان ٿيو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan