Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 6:2 - Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن فلستين پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ نجومين کي گھرائي کانئن پڇيو تہ ”خداوند جي عهد واري صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ اسان کي ٻڌايو تہ اسين انهيءَ کي سندس جاءِ تي ڪيئن پهچايون؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ فلستين پوڄاري ۽ فال وجهڻ وارن کي سڏي چيو، تہ خداوند جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ اسان کي ٻڌايو تہ ڇا سان اسين انهي کي پنهنجيءَ جاءِ تي پهچايون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 6:2
10 Iomraidhean Croise  

صبح جو هن جي دل گھٻرائڻ لڳي. سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر ۽ ڏاها ماڻهو گھرايا. فرعون انهن کي پنهنجا خواب ٻڌايا پر انهن مان ڪوبہ سندس خوابن جو تعبير نہ ڪري سگھيو.


تڏهن فرعون بہ ڏاهن ۽ جادوگرن کي گھرايو. انهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو.


اي خدا! تو پنهنجي قوم، يعني يعقوب جي اولاد کي ڇڏي ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ منجھن اوڀر وارين قومن، ۽ فلستين وانگر جادوگر ۽ نجومي پيدا ٿي ويا آهن، ۽ هنن ڌارين سان ويجھا لاڳاپا قائم ڪيا آهن.


تڏهن بادشاهہ حڪم ڪيو تہ جادوگرن، نجومين، فال وجھندڙن ۽ سندن اڳواڻن رملين کي سڏيو وڃي، انهيءَ لاءِ تہ اهي سندس خواب جو تعبير ڪن. جڏهن اهي سڀ بادشاهہ جي حضور ۾ اچي حاضر ٿيا،


پوءِ بادشاهہ رڙ ڪري چيو تہ ”نجومين، رملين ۽ فال وجھڻ وارن کي گھرايو وڃي.“ جڏهن اهي اچي حاضر ٿيا تہ بادشاهہ بابل جي انهن عالمن کي چيو تہ ”جيڪو هيءَ لکت پڙهي، انهيءَ جو مطلب مون کي سمجھائيندو، تنهن کي شاهي خلعت ملندي ۽ سونو هار سندس ڳچيءَ ۾ وجھبو ۽ انهيءَ کي بادشاهت ۾ ٽئين نمبر تي حڪمران بڻايو ويندو.“


هن سڀني سردار ڪاهنن ۽ شريعت جي عالمن کي گھرايو ۽ کانئن پڇيو تہ ”مسيح ڪٿي پيدا ٿيندو؟“


سو هنن ماڻهو موڪلي فلستين جي پنجن ئي سردارن کي پاڻ وٽ گھرائي گڏجاڻي ڪئي ۽ کانئن پڇيائون تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟“ هنن کين ورندي ڏني تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق کڻي جات شهر ۾ پهچائي وڃي.“ تڏهن هو اها صندوق اوڏانهن کڻي ويا.


سو جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کي فلستين جي ملڪ ۾ رهندي ست مهينا گذريا،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan