1 سو جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کي فلستين جي ملڪ ۾ رهندي ست مهينا گذريا،
1 ۽ خداوند جي صندوق فلستين جي ملڪ منجهہ ست مهينا رهي.
پوءِ هن پنهنجي عهد واري صندوق کي دشمنن جي هٿن ۾ وڃڻ ڏنو، جيڪا سندس طاقت ۽ عظمت جي نشاني هئي.
فلستين خدا جي عهد واري صندوق هٿ ڪرڻ کان پوءِ، اها عبنعزر مان کڻي اشدود شهر ۾ آندي.
شهر وارا سڀيئي ماڻهو ڳوڙهين جي بيماريءَ ۾ وٺجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو مرڻ لڳا. جيڪي اڃا بچيل هئا تن جون دانهون آسمان تائين ٿي پهتيون.
ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جڏهن اشدود جا ماڻهو اٿيا، تہ ڇا ڏسن تہ دجون بت خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي. تڏهن هنن دجون بت کي کڻي وري پنهنجيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيو.
تڏهن فلستين پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ نجومين کي گھرائي کانئن پڇيو تہ ”خداوند جي عهد واري صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ اسان کي ٻڌايو تہ اسين انهيءَ کي سندس جاءِ تي ڪيئن پهچايون؟“