1.سموئيل 5:4 - Muslim Sindhi Bible4 وري ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿي ڇا ڏسن تہ دجون بت خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي ۽ سندس سسي ۽ ٻئي هٿ در جي چانئٺ تي وڍيا پيا آهن. رڳو سندس ڌڙ باقي بچيل هو. Faic an caibideilSindhi Bible4 ۽ جڏهن وري ٻئي ڏينهن صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ دجون خداوند جي صندوق اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي؛ ۽ دجون جي سسي ۽ سندس هٿن جون ٻئي تريون در جي چانئٺ تي وڍيون پيون آهن؛ رڳو دجون جو ڌڙ باقي بچيل هو. Faic an caibideil |
آءٌ سامريہ جي قيمتي بتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. هائو، انهيءَ جي سڀني بتن کي ڀڃي ڍير ڪيو ويندو، ۽ انهيءَ جي پوڄا گھرن جي ڪڃرين کي ڏنل هر شيءِ ساڙي رک ڪئي ويندي. سامريہ وارن پوڄا گھرن جي ڪڃرين جي اجرت مان جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ڪيا آهن، سي سڀيئي ڌاريا ماڻهو کڻي ٻين ڪڃرين کي اجرت طور ڏيڻ ۾ استعمال ڪندا.“