Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 5:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جڏهن اشدود جا ماڻهو اٿيا، تہ ڇا ڏسن تہ دجون بت خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي. تڏهن هنن دجون بت کي کڻي وري پنهنجيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ جڏهن اشدود جا ماڻهو صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ خداوند جي صندوق جي اڳيان دجون منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي. ۽ هنن دجون کي کڻي وري پنهنجي جاءِ تي ويهاريو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 5:3
17 Iomraidhean Croise  

تڏهن هنن هڪڙو ڍڳو ورتو ۽ انهيءَ کي تيار ڪيائون. پوءِ هنن صبح کان وٺي منجھند تائين پئي بعل ديوتا کي سڏيو ۽ رڙيون ڪري پئي چيائون تہ ”اي بعل! اسان کي سڏ ڏي.“ پر ڪوبہ جواب، ڪابہ ورندي ڪانہ آئي. جيڪا قربان‌گاهہ ٺاهي هئائون تنهن جي چوڌاري هو نچندا پئي رهيا.


انهن کي هٿ بہ آهن پر کين ڇُهڻ جي سگھہ ناهي، بيشڪ انهن کي پير بہ آهن پر کين هلڻ جي طاقت ناهي، نڪي وري اهي پنهنجي نڙيءَ مان ڪو آواز ئي ڪڍي ٿا سگھن.


تڏهن جيڪي هٿرادو ٺاهيل مورتين جي پوڄا ڪن ٿا، ۽ انهن بتن تي فخر ٿا ڪن سي سڀ خوار خراب ٿين ٿا، جڏهن تہ سڀيئي معبود خداوند آڏو جھڪي سجدو ڪن ٿا.


انهيءَ ئي رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگھندس ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ ماڻهن جا پهريتا پٽ يا جانورن جا پهريتا نر ٻچا هوندا، تن سڀني کي ماري ڇڏيندس. مصر جي سڀني معبودن کي بہ سزا ڏيندس. آءٌ خداوند آهيان.


مصر بابت خداوند هي پيغام ڏنو تہ ”ڏسو، آءٌ خداوند هڪ تيز رفتار بادل تي سوار ٿي مصر ڏانهن اچي رهيو آهيان. منهنجي اچڻ تي مصر وارن جا ديوتا ڏڪڻ لڳندا، ۽ ماڻهو همت هاري ويهندا.


پر جنهن کي سون يا چاندي ناهي، سو وري ڪنهن اهڙي وڻ جي ڳولا ٿو ڪري جيڪو ڳري سڙي ڪنو نہ ٿئي. پوءِ هو انهيءَ جي ڪاٺي اهڙي هوشيار ڪاريگر کي ٿو ڏئي، جيڪو انهيءَ مان اهڙي اُڪريل مورتي جوڙڻ جي ڪوشش ٿو ڪري جيڪا اونڌي ٿي نہ ڪري.


اهڙيءَ طرح بت ٺاهيندڙ واڍا، سونارا ۽ ٻيا ڪاريگر هڪٻئي کي همتائي چون ٿا تہ ’ديوتا جي مورتيءَ تي ٽاڪو مضبوط لڳل آهي. دلجاءِ ڪريو.‘ سو اهي انهن بتن کي ڪلين سان سوگھو ٿا ڪن، تہ جيئن اهي اونڌا ٿي نہ ڪرن.


اهي ان کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن ٿا، ۽ کڻي وڃي سندس جاءِ تي کوڙي ٿا ڇڏين. پوءِ اهو بيٺو ئي رهي ٿو، ۽ پنهنجيءَ جاءِ تان چري بہ نہ ٿو سگھي. جيڪڏهن ڪو انهيءَ کي پڪاري ٿو تہ هو انهيءَ کي ورندي بہ نہ ٿو ڏيئي سگھي، نڪي کيس مصيبت مان بچائي ٿو سگھي.


جڏهن تہ هي سڀ بي‌عقل ۽ بي‌وقوف آهن، هي ڪاٺ جي بتن مان ڪهڙي تعليم ٿا پرائي سگھن!


خداوند هنن کي هيبت ۾ وجھندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني معبودن کي هيڻو ڪري ڇڏيندو. پوءِ سڀيئي قومون سندس بندگي ڪنديون. هائو، سڀيئي ماڻهو پنهنجن پنهنجن ملڪن ۾ خداوند جي ئي عبادت ڪندا.


ڀوتن ورتل ماڻهن بہ جڏهن عيسيٰ کي ڏٺو پئي تہ پٽ تي ڪري رڙيون ڪندي چيائون ٿي تہ ”تون خدا جو فرزند آهين.“


سو جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق کي فلستين جي ملڪ ۾ رهندي ست مهينا گذريا،


سو اوهين پنهنجي بيماريءَ وارين ڳوڙهين ۽ جيڪي ڪوئن اوهان جي فصل ۾ تباهي آندي آهي تن جا مجسما سون مان ٺاهجو. اهڙيءَ طرح اوهين بني اسرائيل جي خدا جي تعظيم ڪريو تہ من هو اوهان تان، اوهان جي معبودن تان ۽ اوهان جي ملڪ تان پنهنجو هٿ هلڪو ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan