Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




1.سموئيل 5:2 - Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ هنن اها پنهنجي ديوتا دجون جي مندر ۾ آندي ۽ دجون جي بت جي پاسي ۾ رکي ڇڏيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ فلستين خدا جي صندوق کي دجون جي گهر آندو، ۽ دجون جي پاسي ۾ رکي ڇڏيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




1.سموئيل 5:2
7 Iomraidhean Croise  

هنن انهيءَ جا هٿيار پنهنجن ديوتائن جي هڪڙي مندر ۾ رکيا ۽ انهيءَ جي سسي دجون ديوتا جي مندر ۾ لٽڪائي ڇڏيائون.


ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي لاشن کي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش جِلبوعہ جبل تي پيل ڏٺائون.


مئي پيئندي پيئندي نشي ۾ بيلشضر حڪم ڪيو تہ سون ۽ چانديءَ جا جيڪي ٿانوَ سندس پيءُ نبوڪدنضر يروشلم جي هيڪل مان ڪڍي آندا هئا، سي وٽس آندا وڃن تہ جيئن بادشاهہ پاڻ، سندس امير، سندس زالون ۽ سريتون انهن ۾ مئي پيئن.


اٽلندو عرش عظيم جي مالڪ آڏو تو پاڻ کي مٿاهون بڻايو آهي. ايتري قدر جو سندس هيڪل جا ٿانوَ تو پاڻ وٽ گھرايا ۽ تو، تنهنجي اميرن، تنهنجين زالن ۽ سريتن انهن ۾ مئي پيتي آهي. انهيءَ کان علاوہ تو چانديءَ، سون، پتل، لوهہ، ڪاٺ ۽ پٿر جي انهن بتن جي واکاڻ ڪئي، جيڪي نہ ڏسن ٿا، نڪي ٻڌن ٿا ۽ نہ وري ڪجھہ ڄاڻين ٿا. پر جنهن خدا جي هٿ ۾ تنهنجو ساهہ آهي ۽ جنهن جي قبضي ۾ تنهنجيون سموريون راهون آهن، تنهن جي وڏائي تو بيان نہ ڪئي آهي.


پوءِ هو واچوڙي وانگر سڀڪجھہ ٻهاريندا گذري ٿا وڃن، اهي ڏوهاري پنهنجي قوت کي ئي پنهنجو خدا ٿا سمجھن.“


انهيءَ ڪري هو پنهنجي ئي ڄار کي خدا ٿا سمجھن ۽ انهيءَ لاءِ ئي قرباني ٿا ڪن ۽ لوبان ٿا ساڙين، ڇو تہ هو انهيءَ جي ئي وسيلي عيش واري زندگي ٿا گذارين ۽ لذيذ ۽ سڻڀا طعام ٿا کائين.


تڏهن فلستين جا سردار پنهنجي معبود دجون جي لاءِ هڪڙي وڏي قرباني پيش ڪرڻ ۽ جشن ملهائڻ لاءِ اچي گڏ ٿيا. اهو انهيءَ ڪري جو چيائون تہ ”اسان جي معبود اسان جي دشمن سمسون کي اسان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan